سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ”ادبي ڀوتارن“ سان مقابلي لاءِ گڏيل اميدوار بيهارڻ بابت مشورا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنگت جي وقار جي بحالي ۽ ادبي ڀوتارن سان مقابلي لاءِ چونڊن ۾ بيٺا آهيون:محمد علي پٺاڻ ۽ ڪانڌڙو
    سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ”ادبي ڀوتارن“ سان مقابلي لاءِ گڏيل اميدوار بيهارڻ بابت مشورا
    مرڪزي چونڊن لاءِسرگرميون شروع، سيڪريٽي جنرل جي اميدوار محمد علي پٺاڻ ۽ آزاد انور ڪانڌڙي جا دورا
    شڪارپور، دادو ۽ ٻين ضلعن جا ڌار ڌار دورا ڪيا ۽ شاخن جي سيڪريٽرين، ڪائونسلرن ۽ اديبن توڙي،شاعرن سان ملاقاتون
    مشتاق ڦل سميت ادبي ڀوتارن سنگت جو وقار داءَ تي لڳايو، ادبي ڀوتارن جي مقابلي ۾ ايندڙ اسان جي سٿ کي ڪامياب ڪيو وڃي:اپيل.
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن لاءِ هاڻي کان ئي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾سيڪريٽري جنرل جي اميدوار محمد علي پٺاڻ ۽ آزاد انور ڪانڌڙي دورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾سنڌ سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار محمد علي پٺاڻ ۽ سيڪريٽري جنرل ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوار آزاد انور ڪانڌڙي شڪارپور، دادو ۽ ٻين ضلعن جا ڌار ڌار دورا ڪيا ۽ شاخن جي سيڪريٽرين، ڪائونسلرن ۽ اديبن توڙي،شاعرن سان ملاقاتون ڪيون. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ مختلف عهدن تي بيٺل اميدوارن اي آر آزاد، دولت رام کتري، مير جسن مري ،محمد علي پٺاڻ، آزاد انور ڪانڌڙي، خطائي ٿيٻي، سجاد ميراڻي ۽ سنگت جي مختلف ضلعن جي سرگرم دوستن امر لغاري، عاجز منگي، اسد سولنگي،وزير فرهاد سولنگي ۽ ٻين هڪ ٻئي سان ٽيلي فون تي رابطا ڪري سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ادبي ڀوتارن سان مقابلي لاءِ گڏيل اميدوار بيهارڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا. ٻئي طرف جاري ڪيل بيان ۾ سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار محمد علي پٺاڻ ۽سيڪريٽري جنرل ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوار آزاد انور ڪانڌڙي چيو آهي ته مشتاق ڦل سميت ادبي ڀوتارن سنڌ سنگت جو وقار داءَ تي لڳائي ڇڏيو، سنگت جي وقار جي بحالي ۽ ادبي ڀوتارن سان مقابلي لاءِ چونڊن ۾ بيٺا آهيون، اسان سنگت جي اڳوڻي قيادت جي غلط روين ، تخليقي دوستن ۽ سنگت جي سرگرم شاخن سان اختيار ڪيل انتقامي ڪارروايون ڪرڻ ، ذات پرستي ۽ خوشامد جي بنياد تي ڀوتارڪي ڪلچر جيان من پسند ماڻهن کي اڳيان آڻي سنگت جي نالي تي ووٽ وٺڻ ، شخصي شهرت ۽ اقتداري ڌرين سان ويجهڙائپ جي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران تخليقي دوستن کي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين .هنن چيو ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ، سرڪاري ۽ قومي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪنداسين . اسان سنڌي اديبن مان پيڙهي وڇوٽي ختم ڪري سنڌ جي سمورن روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سنگت مان گروهي ۽ شخصي ،پسند ۽ ناپسند جي لاڙن کي ختم ڪري اجتماعي ۽ قومي ڪارج لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن پڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جا ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري ادبي ڀوتارن جي مقابلي ۾ ايندڙ اسان جي سٿ کي ڪامياب ڪن.

    مشتاق ڦل خلاف چونڊ ڪميٽي وٽ اعتراض داخل
    موجوده سيڪريٽري جنرل غير آئيني طور هڪ ئي وقت هڪ بجاءِ 3 ووٽر لسٽون جاري ڪيون
    هڪ ووٽر لسٽ ۾سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جو انگ 228، ٻي ۾ 230 انگ ڄاڻايل
    ٽين جاري ڪيل ووٽر لسٽ ۾ سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جو انگ 232 ڄاڻايو ويو
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار محمد علي پٺاڻ ۽سيڪريٽري جنرل ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوار آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ سنگت جي مرڪزي چونڊ ڪميٽيءَ وٽ اعتراض جمع ڪرائيندي چيو آهي ته مشتاق ڦل مرڪزي چونڊن ۾ پاڻ ٻيهر ساڳئي عهدي لاءِ اميدوار آهي تنهن ڪري هو من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ادبي ڀوتارن سان ملي ڀڳت ڪري ووٽر لسٽ ۾ هيرا ڦيري پيو ڪري .سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن لاءِ ووٽر لسٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ موجوده سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل غير آئيني طور ووٽر لسٽ ۾ ڦير ڦار ڪري آئين جا بکيا اڊيڙي ڇڏصا آهن ، اسان سندس اهڙي عمل کي سنگت جي چونڊن ۾ موجوده سيڪريٽري جنرل ۽ اميدوار صاحب جي غير آئيني مداخلت ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين کي هٿي ڏيڻ سمجهون ٿا. موجوده سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل غير آئيني طور هڪ ئي وقت هڪ بجاءِ 3 ووٽر لسٽون جاري ڪيون آهن . سيڪريٽري جنرل پاران جاري ڪيل هڪ ووٽر لسٽ ۾ سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جو انگ 228 ، ٻي جاري ڪيل ووٽر لسٽ ۾ سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جو انگ 230 ۽ ٽين جاري ڪيل ووٽر لسٽ ۾ سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جو انگ 232 ڄاڻايو ويو آهي،سنگت جي آئين جي سنڌ سنگت جا پيٽي قائدا (چونڊن بابت) جي فقري 09 صفحو 24 موجب سيڪريٽري جنرل کي حتمي لسٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ نالين ۾ ڦير ڦار يا شاخن جو انگ وڌائڻ جو اختيار نه آهي.

    مشتاق ڦل سياسي جماعت سان به واڳيل: چونڊ ڪميٽي کي ثبوت پيش
    چونڊ ڪميٽي وٽ اعتراض داخل ڪرائيندڙن ڄاڻايو ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جو اميدوار ڊاڪٽر مشتاق ڦل گذريل ٻن ٽن سالن کان هڪ سياسي پارٽي فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ٺري ميرواهه جو صدر آهي ۽ هو فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سياسي حوالي سان علائقي ۾ سرگرم آهي . ڊاڪٽر مشتاق ڦل پاران فنڪشنل مسلم ليگ جي ٺري ميرواهه جي تعلقي صدر جي حيثيت ۾ 14 آگسٽ 2012ع جي هڪ اخبار ۾ جشن آزاديءَ جي مبارڪ ۽ شڪريه ادائي جو اشتهار ڇپيل آهي جنهن ۾ هن فنڪشنل ليگ جي سربراهه جو کيس تعلقي صدر مقرر ڪرڻ تي ٿورو به مڃيو آهي. جڏهن ته 14 ڊسمبر 2012ع جي هڪ ٻي اخبار ۾ به سندس اهڙو اشتهار سندس سياسي پارٽي جي عهديدار هئڻ جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي آهي.شايع ٿيل اشتهارن جون ڪاپيون ثبوت طور چونڊ ڪميٽيءَ کي موڪليون ويون آهن. هنن چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي آئين جي صفحي 8 تي واضع طور لکيل آهي ته “سنگت جو ميمبر يا عهديدار ڪنهن ٻي تنظيم جو ميمبر توڙي عهديدار ٿي سگهندو، پر ڪنهن سياسي تنظيم جو عهديدار نه ٿي سگهندو”.ان ڪري ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ بيهي نه ٿو سگهي. سندس فارم رد ڪري سنگت جي آئين جي پاسداري ڪئي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو