نوگو ايريا کي ڪير ختم ڪرائيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    نوگو ايريا کي ڪير ختم ڪرائيندو؟

    سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ نوگو ايريا ختم ڪرڻ بابت پوليس ۽ رينجرز جي رپورٽن کي رد ڪندي کين 7 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته ڏنل مهلت تائين جيڪڏهن نتيجا سامهون نه آيا ته عدالت بلوچستان جهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندي. ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس افتخار محمد چوڌري آڏو پيش ڪيل رپورٽ ۾ پوليس ٻڌايو ته منگهي پير، پي آءِ بي ڪالوني، عزيز آباد، اتحاد ڪالوني، پير آباد، سهراب ڳوٺ، صفورا ڳوٺ، لياري، نيو ڪراچي، لانڍي، ڪٽي پهاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ نوگو ايريا آهن، جنهن تي چيف جسٽس حيرت کائيندي چيو ته شهر جي دل ۾ معزز شخصيت جي نالي تي قائم پي آءِ بي ڪالوني ڪيئن نوگو ايريا بڻجي وئي. چيف جسٽس چيو ته انهن حد جي ايس ايڇ اوز کان نوگو ايريا بابت سرٽيفڪيٽ گهريو هو پر انهن طرفان شڪايت نامو اچي ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ پوليس اخيارين عدالت ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 13 بڪتربند گاڏيون آهن، جن مان ڪجهه ته اهڙا پوليس آفيسر استعمال ڪن ٿا، جن کي وڌيڪ خطرو هجي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته انهن آفيسرن کي جيڪڏهن ايترو ئي خطرو آهي ته کين اسلام آباد اماڻيو وڃي.
    ڪراچي هڪ بين الاقوامي شهر ۽ ملڪ جو معاشي حب سمجهيو ويندو آهي، هتان جي هر عام ماڻهو هي خواب ۽ خواهش آهي ته هي بين الاقوامي شهر کليل هجڻ گهرجي ڪٿي به ڪا رنڊڪ يا والار نه ٿيڻ گهرجي پر بدقسمتي سان هن شهر ۾ ڪو به علائقو اهڙو ناهي، جتي مخصوص گروپن جي والار نه ٿيل هجي هر نوگو ايريا ۾ موجود گهٽيون لڪڙن، ڀتين ۽ لوهي گيٽن سان بند نظر اچن ٿيون، جتي ڪوبه ٻاهريون (اوپرو) ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي ميزبان جي سڃاڻپ ڪرائڻ کانسواءِ اندر داخل نه ٿو ٿي سگهي. انهن نوگو ايريا کي برقرار رکڻ لاءِ ڏوهاري ماڻهن جا هڪٻئي سان جنگيون ۽ جهيڙا به جاري آهن، جن ۾ هن وقت تائين سندن سوين ڪارندا مارجي چڪا آهن، نو گو ايريا ڪي اڄ جا ناهن بلڪه انهن جي ”قيام“ کي هڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر سياسي اثر ۽ دٻاءَ سبب پوليس اتي پير پائڻ کان به لاچار آهي. مڃون ٿا ته سياسي اثر هيٺ بيوروڪريسي به بيوس هوندي آهي. هينئر جڏهن نگران حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، جيڪا سڀني سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ سان قائم ٿي آهي ۽ ان ۾ شامل ماڻهو به تقريبن اڻ ڌريا ڄاڻايا وڃن پيا، جن تي ڪنهن جو به بظاهر سياسي دٻاءُ نظر نه ٿو اچي ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو پوليس پنهنجا فرض پوري ڪرڻ کان لاچار ۽ بيوس بڻيل آهي.
    ايئن لڳي رهيو آهي ته رڳو نالي جي نگران حڪومت جوڙي وئي آهي، باقي تسلسل ساڳيو ئي پراڻين پاليسين وارو جاري آهي. موجوده نگران حڪومت سان عوام جون تمام گهڻيون اميدون وابسته هيون، ماڻهن جي خوابن جي ساڀيان کي يقيني بڻائڻ لاءِ نگران حڪومت جوڙي وئي عوام جو خيال هو ته گذريل پيپلز پارٽي حڪومت ۾ جيڪا بدامني دهشتگردي جي لهر ڊوڙي رهي هئي ان تي ٻنجو ايندو. ڳاٽو ڀڃندڙ مهانگائي تي ضابطو ايندو، عام واهپي وارين شين جون ڏينهون ڏينهن وڌندڙ قيمتون مستحڪم ٿينديون، ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. هن نگران حڪومت ٻيو ته ڪجهه نه ڪيو پر پيٽرول اسمن جي قيمتي تي به ڪو ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي. بلڪه ان ۾ صرف هڪ رپئي جي لاٿ جو ”لالي پوپ“ ڏئي عوام کي خوش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. توڙي جو نگران حڪومت جا اختيار محدود آهن، جيئن پرڏيهي پاليسي وغيره ۾ مداخلت يا فنڊن جو جاري ڪرڻ وغيره کان بي اختيار آهي پر اندروني معاملا ته هن جي اختيارن جي دائري ۾ اچن ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪ جو هڪ مضبوط باختيار ۽ سگهارو ادارو سپريم ڪورٽ نگران حڪومت کي مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي چڪو آهي پر ان باوجود اها گذريل حڪومت جي ناڪامين جي زنجير کي ڇنڻ ۾ اڃا تائين ناڪام آهي. هي حڪومت جيڪڏهن چاهي ته هر معاملي جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته شفاف چونڊون ڪرائڻ جو هڪ وڏو بهانو وٽس موجود آهي.
    ان کي جنهن مک مقصد لاءِ جوڙيو ويو آهي، اهو به اهو ئي آهي ته چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن پر هن حڪومت جي لاپرواهي جو اندازو ڪراچي ۾ اڃا تائين قائم نوگو ايريا کي ختم نه ڪرائي سگهڻ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. اڄ اهڙن نوگو ايريا جي صورتحال هي آهي ته اتي مڪمل طور تي ڏوهاري ۽ ڀته خور ماڻهن جو قبضو ۽ هڪ هٽي قائم آهي. ساڳيو ئي سياسي اثر رسوخ، ساڳيو آپريشن جو ٻٽو معيار، ساڳيا لاٽو ۽ ساڳيا چگهه. سنڌ پوليس جو سربراهه تبديل ٿيڻ کانپوءِ هڪ اميد جاڳي هئي ته هاڻي سڄي سنڌ نه به کڻي پر گهٽ ۾ گهٽ ان جي راڄڌاني کي دهشتگردي، بدامني، ڀتاخوري کان ضرور آجو ڪرايو ويندو پر افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته عوام جي اها اميد به پوري نه ٿي سگهي، جيڪڏهن هڪ ننڍڙي اميد پوري نه ٿي سگهي ته پوءِ شفاف اليڪشن ۽ ان جو مقرر ٿيل وقت تي انعقاد جهڙي وڏي اميد پوري ٿيڻ جي ڪير خاطري ڏيندو. اسان نااميدي باوجود اميد جو دامن ناهي ڇڏيو ۽ هن نگران حڪومت مان هي اميد رکون ٿا ته اها پنهنجي مينڊيٽ تي پورو لهندي ڪراچي مان نوگو ايريا کي مڪمل طور تي ختم ڪرائي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو