• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چترال ۾ ڊرائيور الٽو ڪار ۾ 34 ماڻهن کي ويهاري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
چترال ۾ ڊرائيور الٽو ڪار ۾ 34 ماڻهن کي ويهاري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو
چترال ۾ ڊرائيور الٽو ڪار ۾ 34 ماڻهن کي ويهاري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو. تفصيل مطابق چترال جي پسگردائي واري علائقي مستجپانده جي رهواسي رحمت علي آزاد ننڍي الٽو ڪار ۾ 34 ماڻهن کي ويهاري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن چترال جو صدر غلام حضرت انقلابي خاص مهمان هو جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر(ر) سردار محمد خان پڻ مهمانن ۾ شامل هو. ڊرائيور رحمت ولي جو چوڻ آهي ته هو هڪ غرين ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو، هن پنهنجن مائٽن کان قرض وٺي پنهنجي لاءِ الٽو ڪاري خريد ڪئي. هن چيو ته اهو سندس شوق آهي ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪريان، هن گذريل سال به ان قسم جو مظاهرو ڪيو هو ۽ ساڳي ڪار ۾ 24 سواريون ويهاريون هيون. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رحمت ولي آزاد کي پنهنجي طرفان 5 هزار رپيا روڪ انعام ۽ ايوارڊ پيش ڪيو
 
Back
Top