ٻار ۽ شينهن جي ٻچڙي جي ياري 2448 اٽيچمينٽ ڏسو دنيا ۾ جانورن سان محبت جي اظهار ۾ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ٻليون، ڪتا ۽ ٻيا جانور ۽ پکي پاليندا آهن، خاص ڪري ٻار انهن ۾تمام گهڻي دلچسپي وٺندي نظر ايندا آهن. پر آسٽريليا ۾ هڪ ٻار شينهن سان دوستي رکي ڪمال ڪري ڇڏيو. زمبي نالي هن ننڍڙي شينهن جي عمر 3 سال آهي. هي جڏهن آفريقا کان آسٽريليا آندو ويو هو. تڏهن هن کي سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارڻ جي تربيت ڏني وئي ٿي. پر ان دوران هن جي دوستي اتي موجود هڪ ننڍڙي ٻار سان ٿي وئي. اهي ٻئي اهڙا ته پاڻ ۾ هِري مِري ويا جو هاڻي هڪ ئي ٽيبل تي گڏجي ناشتو ڪن ٿا بلڪه راند روند ۽ شرارتون به گڏجي ڪن ٿا.