• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڦورن جي نئين حڪمت عملي

نثارابڙو

نائب منتظم
خبردار!
نثار شيخ ... ورلڊسنڌي نيٽ تان هيءَ خبر ڏني آهي ته اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ ڦورو ڪار جي اڳين شيشي تي آنا اڇلائي هڻن ٿا، ڊرائيور انهن آنن کي صاف ڪرڻ لئه پاڻيءَ جي ڦوهار سان وائپر هلائيندو ته اهي آنا پاڻيءَ سان ملي کير جيئان شيشي کي 90 فيصد انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ مجبورن گاڏي بيهاري صاف ڪرڻو پوندو ... بس اوهان گاڏي بيهاري ناهي ڦورو مٿان اچي بيهندا ۽ اوهانجو مال ميڙي ويندا ... بلڪ جي اوهان ڪا هوشياري ڏيکاري ته پاڻ سمجهو ٿا ... !!!

خبردار ڦورن جي ان نئين حڪمت عملي کان بچو ....!!! گاڏيءَ جا وائپر نه هلايو ۽ نه پاڻي هڻو بلڪه جيترو تيز ٿي سگهي ته جان ڇڏائي ڪنهن محفوظ هنڌ پهچي پوءِ آنا صاف ڪريو...​

hatt-parehatt-parehatt-pare

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ڦورن جي نئين حڪمت عملي

hall chari

واه سائين واه پر سائين اها ٽر ڪ اڃا اسان واري فقير جي ڪنن تائين ناهي پهتي نه ته هو پوري ٽرين لٽڻ جي ڪوشس ڪندو :D hall chari :D hall chari
 
جواب: ڦورن جي نئين حڪمت عملي

واهه سائين واهه، تمام بهترين نصيحت آهي، پر فقير ڪٿي آهي لڳي ٿو ته "هن نصيحت تي عمل ڪرڻ لاءِ ويو آهي۔
 
جواب: ڦورن جي نئين حڪمت عملي

سائين قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان هڪ نقصانده ڳالهه کان دوستن کي خبردار ڪيو هر نئين سج ۾ ڪو نه ڪو نئون طريقو ايجاد ٿي رهيو آهي پرائي مال هضم ڪرڻ جو الله شال اسان جي حال تي رحم ڪري۔
 
جواب: ڦورن جي نئين حڪمت عملي

ادا ڦورن لاءِ سٺي ڄاڻ آهي۔۔ها ها ها ۔۔۔ ۽ انهيءَ بهاني سان اسان جي سنڌي دوستن کي به توهان خبردار ڪري ڇڏيو۔۔ مهرباني
 
جواب: ڦورن جي نئين حڪمت عملي

ادا ڦورن لاءِ سٺي ڄاڻ آهي۔۔ها ها ها ۔۔۔ ۽ انهيءَ بهاني سان اسان جي سنڌي دوستن کي به توهان خبردار ڪري ڇڏيو۔۔ مهرباني
مطلب ته مون ٻيڻو فائدو ڪيو ... ڦورو همراهن کي اصل نئون نمونو ملي ويو ۽ گاڏي هلائڻ وارن کي احتياطي تدبير .... ادا سائين، ٻنهي ڌرين جو ڀلو ... جيڏانهن پير تيڏانهن خئير ...
 
Back
Top