• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اک ڏٺي تي ويچار ڪجي

جميل احمد

سينيئر رڪن
اک ڏٺي تي ويچار ڪجي
سنه 2008 ع ۾ هڪ آچر جي رات آمريڪا جي رياست colorado جي هڪ گھر ۾ 36 سالن جي هڪ پوليس آفيسرWilliam "David" O'Shell ۽ سندس 25 سالن جي زال Tiffany Cuin-O'Shell کي مرده حالت ۾ ڏٺو ويو.ظاهري طور ته اهو ئي لڳي رهيو هو ته مڙس ستل زال کي گولي هڻي،پوءِ خود ڪشي ڪئي هئي.
ڪجھ ڏينهن اڳ ان جوڙي پنهنجي ٽن مهينن جي ننڍڙي ڌيءَ کي جڏهن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ته ننڍڙي جي هڪ ٽنگ ڀڳل،جسم جون ڪييتريون ئي هڏيون ڀڳل هيون،ان جو متوقع ڏوهي پيءُ کي ئي سمجھيوپئي ويو، ۽ ان الزام جي ڪري پيءُ جي گرفتاري به عمل ۾ اچي سگھي ٿي.ان الزام پيءُ کي ايترو صدمو پهچايو جو مايوس ٿي انتهائي قدم کڻي ڇڏيائين.
 
Back
Top