جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
ٿي ويا ڌنڌلا نظر جا آئينا
مون کي گُهورن ٿا گهر جا آئينا
ڪري پٽ تي پيا ٿي سَوَ ٽُڪڙا
منهنجي هٿ مان عمر جا آئينا
اچي ڪپڙي جان رک اڇا اُجرا
تون سدائين اندر جا آئينا
مون سنڀاري رکيا سڀئي گهر ۾
ماضي واري پهر جا آئينا
تون جفائون ڪرين ٿو ڪر ڀلجان
اسان وٽ ٿئي صبر جا آئينا
همسفر ٿي وساري گهر آئين
تون ته سارا سفر جا آئينا
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد