ڪجهه ڏينهن اڳ مان سوچي رهيو هيس ته سنگت سان لوگو بابت مشورو ڪجي ۽ انهن کي به پنهنجي ساٿ ۾ حصو اٽڪائڻ لاءِ دعوت ڏجي۔ پر ادا مگسي لوگو جي ڪمي کي محسوس ڪندي پاڻمرادو ئي پوسٽ موڪلي ڇڏي۔ جنهن لاءِ مان ادا مگسي جو شڪر گذار آهيان۔ لوگو جي لاءِ سائين نثار ناز کي به عرض ڪيو ويو هو ۽ سائين جي ميل به اڄ مون کي ملي آهي۔
دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ادا علي علي ۽ ادا عامر ضياء چارڻ سنڌ سلامت فورم لاءِ ٻن مختلف ٽيمپليٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي آخري مرحلن ۾ آهن۔ ظاهر آهي ته جڏهن ٽيمپليٽ کي تبديل ڪبو ته لوگو کي به انهي مطابق رکڻو پوندو ان لاءِ بس ٿورو انتظار ڪريو ان کان پوءِ توهان سنڌ سلامت فورم کي نئين ٽيمپليٽ تي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو جنهن ۾ ڪجهه اضافي فيچرز به شامل ڪيا ويندا۔
ادا ابو زين تمام بهترين نقطي طرف اشارو ڪيو آهي۔ سموري سنگت جي معلومات ۾ اضافو ڪندو هلان ته فوٽو شاپ جي مڊل ايسٽ ورجن ۾ سنڌي سپورٽ شامل آهي جنهن سان توهان سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جو تيار ڪيل سنڌي انسٽالر استعمال ڪندي سندن جا ئي تيار ڪيل لطيفي ۽ سنڌي ويب وارن فونٽس سان بهترين ڪم ڪري سگهو ٿا۔ اهڙي طرح توهان psd & eps فارميٽ ۾ به فائيلز کي محفوظ رکي سگهو ٿا۔ جلد ئي سافٽويئر واري سيڪشن ۾ مان فوٽو شاپ مڊل ايسٽ ورجن کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ لنڪ ڏيندس۔
جيسيتائين ٽيمپليٽ فورم تي سينگارجي تيسيتائين ادا مگسي جي لوگو کي ئي فورم تي رهڻ ڏنو ويندو۔
ادا مگسي توهان جا لک لائق