سچل ڳوٺ ۾ قومپرستن جو آزار

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ماڻڪ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2013۔

  1. ماڻڪ

    ماڻڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2013
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ميڊيا سان وابستگي
    ماڳ:
    مخدوم بلاول ڳوٺ، ڪراچي
    سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي اهڙي وسندي آهي جنهن تي سنڌين کي ناز آهي۔ تعليمي ادارا، ادبي ماحول، لائبرري، سڀ پنهنجا سنڌي۔ پر آزار قومپرست سڏائيندڙ نام نهاد ڌرين ڪيو آهي۔ اهي قومپرست سڏائيندڙ سدائين اسان جي دڪانن کان ڀتو وٺن، ٻآهر موبائل فرين، گاڏيون فررين۔ هاڻ ته دڪانن کان سر عام منٿيون وڍڻ ٿا چاهين۔ ڪجهه ڏينهن اڳ هيئن ٿيو هو
    جسقم ڪارڪنن جو سچل ڳوٺ جي دڪاندارن تي بدترين تشدد، ڀتي جون پرچيون ورهايون ويون نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت نتيجن ڀوڳڻ جو چتاء

    تازه ترين اطلاع آهن ته سچل ڳوٺ جي مين چوڪ تي جسقم جي ڪارڪنن دڪاندارن تي تشدد ڪيو آهي ۽ انهن کي رتورت ڪيو آهي. اها صورتحال تڏهن پيش آئي جڏهن هنن پاران ڏنل ڀتي جي پرچين جي جواب ۾ دڪاندارن ڀتو نه ڏنو. سر عام هو چوندا رهيا ته اسان کي بشير قريشي جي ورسي لاء پئسا ڪٺاڪرڻا آهن. اهڙي صورتحال کانپوء سچل ڳوٺ جا سڀ دڪاندار ۽ ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا ۽ جنگ وارو ماحول پيدا ٿي ويو. ڇوڪرن کي ڳوٺاڻن پڪڙي سوگهو ڪيو ته هنن چيو ته اعلا قيادت بشير خاصخيلي جا حڪم آهن ته سڀني دڪاندارن کان پئسا وٺو نه ڏيڻ جي صورت ۾ انهن کي سزا ڏيو.

    هن واقعي ۾ هڪ سجاد شر ۽ ٻيو راجا ٻگهيو جڏهن ته انهن جي پويان حفيظ بليدي، شبير راڄپر ۽ بشير خاصخيلي جا هٿ آهن. ڳوٺاڻن کي قومپرستن کان سخت نفرت ٿي رهي آهي جيڪي سچل ڳوٺ وارن لاء مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن ۽ چورين، ڦرين، ڌاڙن سان گڏ اسڪول ويندڙ ڇوڪرين کي به تنگ ڪن ٿا.
    [​IMG]


    پوء هنن سر عام چيو ته اسان ڀتو وٺنداسين، اسان قومپرست آهيون، اسان ج حق آهي، بابل تهان کي ڪير روڪيندو، توهان ايم ڪيو ايم کي وٺي آيا، بابل توهان اسان جي نياڻين کي ڦريو ٿا، انهن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪيو ٿا، ڇو ته قومپرست آهيو۔

    [​IMG]

    سچل ڳو ٺ وارا سڀ گڏ آهن. شبير راجپر ۽ حفيظ بليدي جو سچل ڳوٺ ٺاهڻ ۾ ڪو ڪردار ناهي. اهي ته سڀ ڏوهاري ۽ ڦرڻا گهرڻا آهن. پئسي ، ڀتي لاء ڪڏهن جسقم، ڪڏهن ايم ڪيو ايم ۽ ڪڏهن جيئي سنڌ تحريڪ جو نالو استعمال ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو هاڻي سچل ڳوٺ وارن کان ڪاڏي ويندا؟
    خدارا قوپرستن جي نالي تي سنڌي ماڻهن سان ظلم ۽ ڏاڍ بند ڪيو. قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن کي اپيل آهي ته اهڙن ڪڌن ڪارڪنن ۽ ڏوهارين کي ٻاهر ڦٽو ڪري سچل ڳوٺ جي سنڌين ۾ قومپرستن لاء عزت پيدا ڪيو. نه ته هڪ ڏينهن سچل ڳوٺ ۾ ڪو قومي جهنڊو نظر نه ايندو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    لعنت آهي اهڙن قوم پرستن تي جيڪي آباد ٿيل بهترين مثالي سنڌي ڳوٺ ڦٽائڻ جي چڪر ۾ آهن، قوم پرستن جو ڪم آهي ته سنڌي ڳوٺن جي رکوالي ڪن جئين ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن پنهنجن علائقن ۾ ڪندا آهن،

    مان هڪ دفعي پنهنجي گهر واري کيس شاه فيصل ڪالوني وٺي ويس هن کي اسپتال ۾ ويهاري ٻئي پاسي ڏانهن موٽر سائيڪل اندر بيهارڻ لاء فري آيس جئين ٻي گهٽي ۾ آيس ته ٽي چار ڇوڪرا مونکي فري آيا پڇن ته ڪير آهين ڪٿا آيو آهين ڪاڏي ٿو وڃي اسپتال جي وضاحت ٻڌائڻ تي مونکي ڇڏين،

    ۽ پاڻ واران انهن قوم پرستن ڪڏهن ڌارين کي ته ڪون روڪيو آهي سنڌي علائقن ۾ اچن کان جي اهڙا جوان آهن ته مين شهر مان ڀتو وٺي ڏيکارن اصل ۾ اهي بزدل آهن انهن جي خلاف سخت قدم کيان وڃن ته جئين اهو ناسور اڳتي نه وڌي سگهي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بشير خاصخيلي جو رڪارڊ سڀني کي خبر آهي ته هو هڪ مافيا سان تعلق رکي ٿو، هو هڪ سنڌ جو لٽيرو ۽ غدار آهي، جنهن کي مفت ۾ جسقم ۽ جيئي سنڌ جي جهنڊي جي ڇانو ملي وئي آهي جنهن جي آڙ ۾ پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪري رهيو آهي۔۔ مان کيس ان وقت کان سڃاڻانسس جڏهن ڦاٽل ڪانچ پائي ڀٽائي آباد ۽ سچل ڳوٺ ۾ رُلندو وتندو هو، تڏهن هن جسقم ۾ شموليت اختيار ڪري ان پليٽ فارم جو ناجائز فائدو وٺي هن پنهنجا غير قانوني ڪم ڪرڻ شروع ڪيا۔۔بشير خان قريشي ويڇارو سادڙو صفت انسان سڀ ڪنهن سان محبت ۽ ميٺاج وارو رستو اختيار ڪيائن ۽ هن خاصخيلي جهڙا نام نهاد سنڌ جا غدار هڻي ته سيد جي عظيم فلسفي واري پارٽي جو معيار ئي ڪيرائي وڌائين اهڙا ڪيترا ئي اڄ به جسقم يا جيئي سنڌ جي ٻئي ڪنهن ڌڙي ۾ شامل ٿي ڪري سنڌ جي قومپرستي واري سياست کي داغدار بڻائي رهيا آهن۔ اهڙن غدارن کي سڀئي سنڌي گڏجي لتون ۽ مڪون هڻي پنهنجي علائقي مان ٿُڏي ڪڍو۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اسان ته قومپرستن کي صفا نه مڃون۔بس اسانجو هڪ ئي نعرو آهي جيئي ڀٽو
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هاڻ سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي اهو نعرو نه هڻجو، نه ته اوهان سان به اياز سومرو واري ڪار ٿيندي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين منهجا درد کان سڀ ڪو دانهن ڪندو آهي پر ان درد کي ختم ڪرڻ لاء لازمي ڪنهن طبيب جو استعمال ڪندو آهي ،طبيب خرچ گهرندو آهي ،چارولاچار ان جي خرچ کي اوليت ڏئي پنهجو علاج ڪرائبو آهي ،
    اهيو هڪ نظام فطرت آهي ،
    مگر ڳاله اهيا آهي ته اهو خرچ ڪنهن طبيب کي ڏنو ويندو آهي طبيب جي نوڪر کي نه ۔تپاسڻ لاء طبيب وٽ ئي حاضر ٿيبو آهي،
    مقصد چوڻ جو ته اسان سنڌي آهيون،اهيي اسان جا پنهجا ڪردار آهن جن کي آء ايس آء فقط ان شرط تي زنده رکيو ٿي اچي ته اوهان لٽيو ڦريو ڪجهه به ڪيو پر فقط سنڌين کي،توهان کي تحفظ اسان ڏينداسين،پاڪستان جو ڪو به قانون اوهان کي ڪا به تڪليف ڪو نه ڏيندو،
    پوء منهجا ادا اهي پاڪستان جا مالڪ جيڪو چاهين ٿا سو انهن کان ڪرائين ٿا،پر ان عمل سان هڪ ڌڪ ۾ ڪيئي شڪار ڪن ٿا،
    ڪو به مضبوط ۽ منظم جدوجهد جو ٿلهو اسان کان کسجي وڃي ٿو،هڪ ٻئي تان اعتبار کڄي وڃي ٿو ،دوست دشمن ٿي ٿا وڃن،مطلب جتي به ويڙهو قائم ڪيون ٿا اتي اڪيلا رهجي ٿا وڃون،ڇو جو اسان ۾ تنظيم ڪاري جو ڪو رجهان ڪو نهي،هر ڪم سر تي اچڻ کان پوء ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون
    سڄي ايم قيو ايم ان جو هر هڪ ڪارڪن،ڏوهاري آهي سڀن کي خبر آهي ،دينا داستي ڀتا وٺندڙ آهن،پوء اهي پوري ملڪ تي ڪنٽرول ڪري ويٺا آهن،انهن جو نالو ڪير به نه ٿو وٺي،انهن ته سرعام جيڪي قاتل هئا انهن کي اسيمبلين تائين پهچايو،گورنر بڻايو،وزير مشير ۽ ڇا ڇا،بڻائي اسان جي مٿان،سنڌ جي مٿان مسلط ڪرڻ سان گڏ اهم تبديليون ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻايو،
    پر ،
    اهي منظم آهن،انهن جي تنظيم ڪاري آهي هنن جيڪي به پاڻ وٽ رکيا آهن اهي منظم ڪري سيکاري رکيا آهن،
    اگر جي اسان به منظم هجون تهاسان ۾ اهڙا تضاد پيدا ئي نه ٿين ،مگر جيڪا حڪومت پاڪستان جي چال آهي اها 100 سيڪڙو ڪامياب آهي ،۽ اسان هر جاء تي پنهجو رت وهائڻ لاء تيار آهيون،
    جيئن عام سنڌ جي علائقن ۾ ذاتي دشمني ٿيڻ جي صورت ۾ ڳوٺ وارا گڏ ٿي ٻين ڳوٺ يا ذات وارن لاء موت جو سامان گڏ ڪندا آهيون انهن جا 10،10 مڙس مارڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون،
    اسان وٽ اهيو ئي عارضي هٿيار بچيو آهي ،پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جو،ڪيترا ئي ڪونڌر ڪهائي،پوء فيصلو ڪرائي ڏنڊ چٽيون ڀري وري کير کنڊ ٿي ويندا آهيون،
    اسان وٽ مستقل حل جي سوچ ڇو نه ٿي اچي،هن حال ۾ جڏهن حڪومت پاڪستان کان وٺي هر ڌاري قوم جو فرد سنڌي قوم جو دشمن لڳو پيو آهي اڪيلو اڪيلو ڪري هر ڪو ماري رهيو آهي وري به اسان اڪيلا ٿيڻ ۾ پنهجي ڪاميابي ٿا سمجهون،وري به پنهجي ڪمزورين کي دنيا کي ٿا ڏيکاريون،
    ڇا اهي چند ڏوهاري ماڻهو جن کي توهان سڃاڻو به ٿا پنهجن جي پناه ۾ نه ٿا رهن ،انهن جو اٿڻ ويهڻ پنهجن سان ناهي ،انهن سان دوستيون رکي پنهجا مقصد ماڻڻ وارا اسان مان نه آهن،انهن کي سائي سائين ڪري آسمان تائين پهچائڻ وارا اسان مان نه آهن؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    سڀ اهي ئي آهيون سنڌي،وڙهڻ وارا به ته مار کائڻ وارا به،
    سنڌين کي حڪومت ڏئي دنيا کي ٻڌايو ويو ته هي پنهجي قوم جا پاڻ دشمن آهن،
    هنن جي ڪرپشن کي هنن جي بيراه روي کي ايندڙ وقت ۾ ڪيئن پيش ڪيو ويندو اهو نظارو اهي پاڻ ۽ هي قوم هاڻي ڏسندي،
    جن کي شهيدن تي ناز هو ۽ انهن جي نالي تي انڌن ٻوڙن ۽ گونگن کي پنهجو اڳواڻ بڻائي موڪليو انهن هن ڌرتي سان گڏ هنن جي ٻچن جو به سودو ڪري ڇڏيو،جو هڪ اندازي مطابق هر فرد 70 هزار جو قرضي آهي امريڪا جو،لٽيل ،ٻڏل،سنڌين کي بک،بيحالي ۽ بد امني ڏانهن ڌڪي هنن پنهجو ڪمال ڏيکاريو،
    شهيدن جي پوئلڳي جو ايترو شوق آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي پوئلڳي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي،جيڪي دنيا و آخرت جي ڪاميابي جي سند ڏئي ويا آهن،۽ چورن لوفرن کان آگاهي به،
    پر اتي اسان جا ذاتي مفاد پورا نه ٿا ٿي سگهن ان ڪري انهن جا فقط ڏينهن ملهائي انهن سان وابستگي جو ڊرامون ڪندا آهيون،
    ڪير به آهيو ؟؟؟؟ڪٿي به آهيو؟؟؟؟ڪهڙي به پارٽي سان آهيو؟؟؟؟؟؟؟پر سنڌي ٿي رهو ،،،،،،،،
    خدا جي واسطي پنهجي ڪونڌرن کي بچايو،اهيا نفرت انهن دلالن لاء رکو جيڪي نه اوهان کي وطن ڏئي سگهيا نه ڌرم،جن جي مالي حالتن ۾ اکين جي اڳيان ڪروڙن اربن جي واڌ ٿي ،۽ توهان بصر وٺڻ ۾ هلاڪ آهيو،انهن کي پڪڙيو،انهن جو گهيراء ڪيو،
    وڏيرن کان نفرت وري ووٽ به وڏيري کي ائين ئي ڪندا آهيو؟؟؟؟؟؟
    ان فڪر ۾ توهان کان پنهجا خيرخواه ،ڀرجهلو همدرد،مددگار ۽ چڱا مڙس کسيا ويا ۽ توهان کي وڏن چورن ۽ دلالن جي چنبي ۾ ڏنو ويو،
    جيڪو به توهان جو خيرخواه آهي اهو حڪومت پاڪستان جو دشمن ٿي ٿو وڃي!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!،
    ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    باقي جن کان پنهجا پير چٽائين ٿا اهي وفاداري جو ثبوت ڏيندي پنهجي قوم کي لٽڻ ۾ انهن جي ته مدد ڪن ٿا پر پاڻ فقط هڪ هڏي ۾ خوش ٿيو ٿا وڃن۔۽ بدلي ۾ هن قوم تي حڪمراني،هر رهزن چور ڌاڙيل هنن جو ساٿاري انهن سان هنن جي ياري !!!!!!اهي هنن جي گاڏين اوطاقن جا رکوالا،
    پوليس کي هنن جي غلامي ۾ ڏئي انصاف ۽ قانون کي انهن جي اوطاق جو غلام بنايو ٿو وڃي ،ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    ان فارمولي تحت هي هن قوم جي مٿان غاصب آهن
    ۽ هر سنڌي ٻئي کان نفرت ڪرڻ سکي ويو آهي؟؟؟؟؟
    ڪجهه سوچو۔
    ٿي سگهي ٿو منهجي سوچ غلط هجي ،
    پر يار ڪجهه سوچو ضرور،
    ته ڇا ڪجي ۽ ڪڏهن ڪجي ،؟؟؟؟ڪيئن ڪجي؟؟؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    ادا اها خبر پٺئين هفتي جي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ ڪجهه ڳالهيون واڌا ڪري لکيون ويون آهن مان پاڻ ان جا تي موجود هوس دڪاندار جو نقصان بلڪل ڪيو ويو جيڪو هڪ غلط فعل آهي ڇوڪرا به ما سڃاڻيان ته ڪير آهن البته اسان سنڌن کي رب پاڪ ڪو عقل ۽ فهم عطا فرمائي ته اسين پاڻ ۾ هڪ ٿي رهون ۽ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪريون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    محترم سائين عتيق الرحمان صاحب اوهان جون ڳالهيون تکيون ۽ کريون ضرور آهن پر چيو ويندو آهي، ڪوڙي دوا ۾ اثر وڌيڪ هوندو آهي، ته اسان کي اهڙا ڪوڙا، زهر وارا ڍُڪ ڀرڻا پوندا ته جئين اسان پنهنجي زخمن جو ناسور ٺيڪ ڪري سگهون۔ اسان واقعي جتي ڳوٺن م دشمني پاڻڻ ۾ اڳ اڳرا ٿي پوندا آهيون ان جڳهه تي اسان دشمن لا اکيون ٻوٽي گهر جي چوديواري منجهه لڪي ويهي رهندا آهيون۔۔اهو ئي سنڌي ساڳيو پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻه ٻه ڪنڍلا ڪارتوسن ۽ گولين جا کنيون وتندئي گهمندا ته بابا انهن جي دشمني آهي فلاڻي وارن سان ان ڪري پنهنجي حفاظت لا سڄو سڄو ڏينهن ڪليڪشنون کنيون وتندئي پر اهو ئي ساڳيو پاڻ کي جوڌو سمجهندڙ ڪراچي يا ٻئي ڪنهن وڏي شهر ۾ ايندئي ته سموري جوڌائپ نڪري ويندس ۽ پو سڏرائيندئي مظلوم ۽ اٻوجهه سنڌي۔۔اڙي بابا اها اٻوجهائپ اتي پنهنجن سان به ته ڏيکاريو پر نه،،اها اٻوجهائپ رڳو هتي ظاهر ڪرڻي آهي، ڳوٺن ۾ ته شينهن آهن، ٻه ٻه ٽي ٽي خون ڪري پاڻ کي سورهيه سڏرائڻ ئي اصل ڪرتا آهي۔۔هاڻ ڪجهه به ٿي پوي پر اسان سچ پچ ته بي حس قوم ٿي ويا آهيون، اها شناس ئي ختم ٿي وئي آهي ۽ ان ئي ختم ٿيندڙ شناس اسان جا ڪنڌ هيٺ ڪيرائي ڇڏيا آهن جنهن سبب اڄ ڌاريا اسان جا والي وارث آهن۔ ڪالهه نبيل گبول صاحب وڏي واڪي ايڪسپريس ٽي وي تي اينڪر سوال ڪيس ته هن ڀيري جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو وزير اعلي ا نه ٿيو ته ڪنهنجو ٿيندو؟؟ ان تي نبيل گبول جواب ڏنو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو سنڌ تي وزير اعلي ا نه ٿيو ته ڪنهن به پارٽي جو وزير اعلي ا اچي نه سگهندو۔۔۔ تنهن تي اينڪر چيس ته اها ڌمڪي آهي؟؟ تڪڙ ۾ نبيل گبول چيو جي ها!۔۔پر پو ڳالهه گول ڪري ويو ته نه نه ڌمڪي ڪونهي پر هاڻ ايم ڪيو ايم نهايت شفاف طريقي سان سنڌ تي حڪومت ڪندي ۽ جيڪڏهن لياري ۾ شفاف چوندون نه ٿيون ته ڪراچي جي ڪنهن به ضلعي ۾ شفاف نه ٿي سگهنديون۔۔۔يقينن اهو پروگرام گهڻن دوستن ڏٺو هوندو۔۔هاڻ سائين اهو آهي حال اسان جو۔
     
  9. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڪتي کي هڏي کپي پر جي گوشت واري هجي ته پوء ڇاٿا سمجهو،
    انهن وٽ غيرت ڪڏهن به ڪو نه لڙي ايندي آهي ،هي پيدائشي بيغيرت هوندا آهن جيڪي پنهجن عزتن کي پيسن ۾ توريندا آهن،
    انهن جي ڪهڙي ڳاله ڪجي پر ڳاله اهيا آهي ته اڪثريت عوام هٿين خالي ۽ اهڙن دلالن جي هٿ ۾ پاور ۽ بندوق ڏئي رياستي دلا هن ڌرتي جي ڌڻين کي شڪار بڻائي پنهجا مطلب حاصل ڪري رهي آهي،
    جنهن جي بقا ۾ سنڌي قوم کي جيئڻ جو حق ڏيڻ گناه سمجهيو ٿو وڃي
    ۽ هر اهو ڪميڻو جيڪو هن قوم جي خلاف هجي انهي رياستي حرامين جي اکين جو تارو هوندو،ان لاء واحد حل ويڇا وساري هڪ منظم قوم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي اڳواڻي جي شوق ۾ جيڪي دلالي ڪن ٿا انهن کي به ٻاهر ڦٽو ڪجي ته بهتر ٿيندو،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو