اڄوڪو ڏينهن 9 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 9 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 اپريل 1915ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ورڪر سرلا ديوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 اپريل 1934ع شاعر وحدت علي نقرچ جو جنم ڏينهن آهي.
9 اپريل 1934ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ونسيمل منگهاڻي (هالا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
9 اپريل 1935ع شاعر اسحاق راهي (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
9 اپريل 1955ع شاعر غلام محمد غازي جو جنم ڏينهن آهي.
9 اپريل 1957ع اداڪار واسديو مکيجا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 اپريل 1960ع سياسي ورڪر عابدہ شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
9 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي
رکيل مورائي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

9 اپريل 1996ع گلوڪار قمر سومري جو انتقال ٿيو.
9 اپريل 1991ع تعليمدان ڊاڪٽر اي ڪيو افغان جو انتقال ٿيو.
9 اپريل 1997ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ، اديب، محقق ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
9 اپريل 2013ع شاعر عاجز اڄڻ جو انتقال ٿيو.


حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

_______
 
آخري ترميم:
Back
Top