دوستو اڄ سال جو آخري ڏينهن آهي منهنجي گهڙي مطابق ٺيڪ هڪ منٽ کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو۔۔۔ ۽ اسان 2009 مان ٽپي 2010 ۾ داخل ٿينداسين ۔۔۔۔ پر سوال اهو آهي ته اسان بحثيتِ قوم 2009 ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟۔۔۔ قومن کي سٺي قوم بڻجڻ لاءِ انصاف جو هڪ آزاد نظام کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ اهڙو نظامِ عدل قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين۔۔۔ قومن کي ترقي ڪرڻ لاءِ جهموريت کپي ڇا اسان 2009 ۾ ملڪ ۾ خالص جهموريت قائم ڪري سگهيا آهيون ۔۔۔ ملڪ کي ترقي لاءِ ميرٽ هجڻ گهرجي۔۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ ملڪ ۾ ميرٽ قائم ڪري سگهيا آهيون۔۔۔ قومن کي پسماندگي مان نڪرڻ لاءِ سيلف ريسپڪٽ، معيشيت، علم، برابري ۽ اعتماد کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو۔۔۔قومن کي زندگي گذارڻ لاءِ زندگي جون ضرورتون کپنديون آهن ۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ عوام لاءِ علم، مانيءَ ڳڀو، صحت، اجهو ۽ لٽي جو بندوبست ڪري ورتو۔۔۔
سوال اهو نه آهي ته اسان انهيءَ هڪ سال ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟ سوال اهو آهي ته اسان هڪ سال حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو۔۔۔؟ اسان بري حالتن جي دلدل مان نڪرڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي اسان غربت کان بچڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي۔۔۔ اسان ملڪ کي، عوام کي ۽ قوم کي بهتر قوم، بهتر عوام ۽ بهتر ملڪ بنائڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪئي۔۔۔
دوستو ڪوشش اهو ڦڙو هوندي آهي جيڪو هڪ هڪ ملي ڪري دريا ٺاهيندي آهي۔۔۔هڪ اهڙو تنڪو هوندي آهي جيڪو ملي ڪري آکيرو ٺهندي آهي۔۔۔ روشني جي هڪ اهڙي ڪرن هوندي آهي۔۔ جو ٻين ڪرنن سان ملي سج بنجندي آهي۔۔۔ ۽ ترقي جي طرف اٿندڙ هڪ اهڙو قدم هوندي آهي جنهن سان ڏهه هزار ميلن جو سفر شروع ٿيندو آهي۔۔۔۔ ۽ جيڪا قوم پهريون قدم ئي نه ٿي کڻي ان جي مستقبل جو برو حال هوندو آهي۔۔ ۽ حال ماضي کان به بدتر۔۔۔۔
اسان کان مڃڻو پوندو ته اسان جو 2009 اسان جي 2008 کان مختلف نه هو۔۔۔ پر ڇا اسان جو 2010 به ائين ئي هوندو۔۔۔؟ اهو سوال آهي جيڪو هن وقت سموري قوم جو پلئه پڪڙيو بيٺو آهي۔۔۔ جيڪڏهن اسان ان سوال جي جواب جي ڳولا نه ڪئي ته اسان نقصان ۾ وينداسين۔۔۔
مون ڪاٿي هڪ قول پڙهيو هو ته ”جنهن جو اڄ ان جي گذريل ڪلهه کان سٺو نه هو۔۔ اهو هلاڪ ٿي ويو۔۔۔۔“۔۔ بهرحال توهان سڀني کي منهنجي طرفان نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔ ۽ منهنجي دعا آهي ته توهان جيڪو ڪم اڃان تائين نه ڪري سگهيا آهيو۔۔۔ الله پاڪ توهان کي اهو چڱو ڪم هن سال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔۔ آمين