.ڪائنات جي سونهن کي جيترو لفظن ۾ بيان ڪجي ايترو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ڪائنات جي سونهن جو تصور پنهنجي اندر توڙي ٻاهر تمام وڏي گهرائي رکي ٿو ۽ سونهن تي دنيا جي وڏن ڏاهن تاريخ جي هر دور ۾ تمام گهڻا بحث مباحثا ڪيا آهن، ۽ وڏا وڏا ڪتاب لکيا آهن. ۽ سونهن انسان جو دل لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ خوبصورت موضوع رهيو آهي ۽ سونهن جي موضوع تي تمام وڏن وڏن خيالن ۽ تصورن جو جهيڙو پڻ رهيو آهي، ته سونهن جو تعلق ماڻهو جي دماغ سان آهي يا سونهن جو تعلق انسان جي دماغ کان ٻاهر آهي ڪجهه ڏاهن جو خيال آهي ته سونهن جو تعلق انسان جي دماغ سان ۽ ٻاهر ڪائنات سان آهي. ڪجهه ڏاهن جو اهو به چوڻ آهي ته سونهن جو تعلق روح پڻ آهي، جنهن کي هو روحاني نظر سان ڏسن ٿا، ان سونهن ۾ موسمن جو وڏو عمل دخل آهي جنهن ۾ بهار جي موسم سان گڏ برسات جي پوڻ جي ڪري سڄي ڪائنات جو رنگ ئي ٻيو ٿيو وڃي. اڄ سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ پوندڙ برسات جو اثر ، ۽ بدلجندڙ موسم انسان جي طبعيت تي ضرور اثر انداز ٿيندي اڄ ٻنپهرن جو جڏهن آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيا ۽ ڌرتيءَ تي گهرو ناسي پاڇو چوڏس ڇائنجي ويو تڏهن من اندر جي مونجهه کي ڪجهه قرار ملڻ شروع ٿيو، اچانڪ تيز ۽ ٿڌي هوا گهلڻ شروع ٿي ۽ تيز برسات جي ڦڙين مختلف ساز دل اندر وڄائڻ شروع ڪيا ته اندر ۽ ٻاهر جي گُهٽ کي ٿڌڙي هير ٿپڪيون هڻڻ شروع ڪيون ڪجهه ڪلاڪن ۾آس پاس جو ماحول خوبصورت تازه ۽ دلڀائيندڙ من کي موهيندڙ ٿي ويو. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ وڻن تي چڙهيل صدين جي دز ڌوپجي وئي ۽ روڊ رستا صاف شفاف نظر اچڻ لڳا، دل ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان جهومڻ شروع ڪري ڏنو گهر کان ٻاهر نڪري جڏهن برسات جي ڦڙين کي چهري ۽ هٿ جي ترين تي محسوس ڪيم ته ائين لڳو ڄڻ صدين جي ٿڪاوٽ چند پلن ۾ گم ٿي وئي هجي، ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن سموري زندگيءَ جو سهڻو عڪس اڄ جي هي حيدرآباد ۾ پوندڙ برسات جي موسم آهي. جيڪا دل کي ٻار ٿيڻ تي مجبور پئي ڪري منهن ڦرين ۽ ٿڌڙي هير من اندر جي ڪائنات کي چوڏهين جي رات جيان روشن ڪري ڇڏيو هجي جنهن اندر جا سمورا غم ۽ ڏک ڪنهن وير جيان وهائي ڇڏيا هجن ۽ هر پاسي سوجهرو ئي سوجهرو محسوس ٿي رهيو هجي، روڊ تي جمع ٿي ويل پاڻيءَ ۾ پير وجهي جڏهن ڇپ ڇپ جو آواز ٿي آيو ته هر پاسي ڄڻ ڀٽائي جي تنبور جيان ساز وڄڻ شروع ٿيا ۽ ڪنهن محفل جو سماءِ ٻڌجي ويو، ۽ آس پاس ڌرتيءَ مان مينهن کان پوءِ آلي مٽيءَ جي خوشبوءِ ننهن کان چوٽيءَ تائين مٺا مٺا سرو ڏيڻ شروع ڪيا، ڪيترائي ڪلاڪ اکيون بند ڪري اِهو سمورو احساس اندر ۾ پيهجندي محسوس ڪندي رهيس. پاڻ کي ننڍپڻ جي چانئوٺ تي بيٺل ڏسي ڏاڍو سٺو احساس پئي ٿيو، برسات بند ٿيڻ کانپوءِ به گهڻي دير اُن احساس جي اندر ئي پئي ڦريس، آسمان تي اڃان به ڪڪرن جا بادل بيٺل آهن. جيڪي ٻيهر وسڻ جي پڪ ڏيندا گڏ ٿيندا پيا وڃن ۽ دل جو مزاج ايترو ته خوش ٿي ويو جو سموري زندگي موتئي جي گلن جو باغ ٿي لڳي ۽ چوڌاري موتئي جي گل جي خوشبوءِ حواسن کي معتر ٿئي ڪيو، ايتري قدر جو پنهنجي وجود مان به ڌرتيءَ جيان آلي مٽيءَ جو خوشبوءِ ٿي آئي، پنهنجي وجود کي خوبصورت ڌرتيءَ جيڪا مينهوڳيءَ کان پوءِ رنگين نظر ايندي آهي اُها ٿي سمجهيم، ائين ٿي لڳو ڄڻ سراپا ڌرتيءَ آهيان ۽ سموري برسات مون تي ئي وسي آهي.
تمام سٺا ڊائريء جا ورق يا پنهنجا احساس لکيا اٿو ۔۔۔ مينهن ۽ نينهن جي موسم به عجيب هوندي آهي، ٻنهي ۾ احساس اڀرندا آهن، دليون ڌڙڪنديون آهن، يادون ور ور پيون ياد ڏيارينديون آهن، محبوب جي ياد ستائيندي رهندي آهي ۽ جي محبوب نه هجي ته لڙڪ لڙي پوندا آهن، لطيف سائين تڏهن ئي ته چيو آهي۔
مينهوڳي جي مند به عجيب ٿئي، ڪٿي برسات جي ڦڙين پوڻ سان روح کي قرار مليو پوي ته ڪٿي وري روح منجهه آڙاهه متل هجڻ ڪري برسات جي پوڻ سان ويتر ان کي ٻارڻ ميلو وڃي، ڪٿي وري ساڳي ئي ميهونڳي ۾ پرين جو ساٿ وجود کي معطر ڪري وجهي ٿو ته ڪٿي سڄڻ جي ڏوري جي کي وڍ ڏيو وڃي۔
مور وسندي مينهن چڙهيا ڏونگر چوٽيئين اُڀا آڙنگ سامهان ڪن نالون منجهان نينهن وريا وصل ڏينهن،مينهن وسندا موٽ تون۔۔۔۔۔ خليفو قاسم۔۔ مينهن جي حقيقت ٿريئي کان سواء ٻيو ڪير سمجهندو۔۔ لاجواب