ارپيان ٿو هي لطيفو پنهنجي پياري دوست عرس پريي کي جنهن جو اڄ وهانوَ ڏڻُ آهي. رات جو دير سان هيٺ پاڙي ۾ گوڙ ٿي ويو، مڙس جي اک کلي ته ٻاهر ويو ڏسڻ ته ڇا ماجرو آهي، ؟ هيٺ وڃي پڇا ڪيائين ته هي اڌ رات جو ڌمچڪر ڇا جو آهي؟ پاڙي وارن ٻڌايس ته خبردار ٿجو، پاڙي جي پاڻيءَ ۾ زهر اچي ويو آهي. مڙس اها خبر ٻڌي موٽي آيو، سندس زال پڇيو ته جانو! ڇا ٿيو آهي ٻاهر ...؟؟؟؟ مڙس ورندي ڏني ڪجهه به نه خئير آ، بس تون اٿي پاڻي پي سمهي رهه.
عُرس وهانوَ ڏڻ جي خوشي ۾ خيالن خيالن ۾ پيو چڪ پيل چپ پيو ڏِسي ۽ لب آلا ڪري اوهان وري اهڙا لطيفا ٿا ارپيو۔ ۔ ۔ ۔زوراور آهيو ادا۔
سائين عرس پريو نهايت شفيق انسان آهي، ايڏو سنگدل ته ڪونهي۔۔۔۔پر سائين زال جو ستايل ڪيڏو به رحم دل هجي، ڪڏهن به ظالم ٿي سگهي ٿو۔هههههههههههههههها
هاهاهاها ۔۔۔۔ هڪ همراهه جي شام جو رستي ويندي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي. ڊاڪٽر پڇيس ته تنهنجو مٿي جو سور ڪيئن آهي؟ همراهه جواب ڏنس ته مٿي جو سور ڪجهه ڏينهن لاء ميڪين ويل آهي.
سائين نثارابڙو مون ڪالهه سليمان وساڻ کي ڏاڍو چيو ته تاريخ ۾ اڄ ٻيو به اهم واقعو ٿيو آهي ان کي به تاريخ جو حصو سمجهو وڃي پر سائين هو ته زوراور آهي چوي پيو ته ڪيان رشيد کي فون،،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻ توهان ئي ٻڌايو ته هيڏو وڏو هاڃون ٿيو مون سان اهو ته تاريخ ٿيڻ گهرجي نه ههههههههههههه باقي عبدالحفيظ لغاري ڀلي چئي ته اسان خيالن ۾ آهيون من ڪو خيال خيال به سچ ٿي پوي اميد تي دنيا قائم آهي۔