• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علم جا رنگ

نثارابڙو

نائب منتظم
150457_10151529444938948_652582110_n.jpg

تعليم کان بغير ڪنهن قوم جو مثال ان ماڻهونءَ جهڙو هوندو آهي، جنهن جون اکيون ته هجن پر رنگَ ڏسي نه سگهن ..
علم قوم جي اکين ۾ رنگ ڀريندو آهي، ۽ انهن رنگن سان اها قوم پنهنجي معاشرتي ماحول کي رنگين ٺاهيندي آهي ....
جيئن ڪو انجنيئر هڪ خوبصورت عمارت کي رنگين ٺاهيندو آهي، جيئن ڪو ڊاڪٽر پنهنجي مريض جي زندگيءَ ۾ صحت جا رنگ ڀريندو آهي، جيئن ڪو استاد پنهنجن شاگردن جي ذهنن ۾ رنگ ڀريندو آهي، جيئن ڪو انقلابي پنهنجي قوم جي ڏکن کي سکن جي رنگن ۾ تبديل ڪندو آهي، جيئن ڪو درزي ڪپڙن کي جسم جي ماپ جا رنگ ڏيندو آهي ...
پنهنجي اولاد کي علم جي رنگن سان سنواريو، يقين ڄاڻو ته اوهانجو معاشرو ايڊلٺي رنگن جهڙو ٿي پوندو.
نثار ابڙو
 
علم واقعي رنگينين سان ڀريل آهي۔

امام غزالي چوي ٿو:

جنهن وستي يا شهر ۾ علم جو شوق نه هجي، اتي عذاب الاهي نازل ٿيندو آهي.

سقراط جو قول آهي:

علم نه فقط ذهن، بلڪ روح کي به جيئاري ڇڏي ٿو، علم خود حسن آهي ۽ علم کان سواءِ حسن پيدا ٿي نٿو سگهي!

افلاطون چوي ٿو:

تعليم اهو نور آهي، جيڪو دل ۽ دماغ کي ڪيترن نون طرفن کان آشنا ڪري ٿو ۽ اها اهڙي روشني آهي جيڪا جهالت ۽ ڪٽرپڻي کي ختم ڪيو ڇڏي.
 
علم انسان جي ٽين اک آهي۔۔جنهن اک سان اسان هر اهي رنگ ڏسي سگهون ٿا جيڪي رنگ اسان جون هي ٻه اکيون نهٿيون ڏسي سگهن۔
 
Back
Top