اسلام عليڪمتوهان کي هڪ ضروري اطلاح ٿو ڏيان ته هاٽ اسپاٽ شيلڊ جيڪو وي پي اين سافٽوير آهي۔جنهن ذريعي بلاڪ ٿيل ويب سائيٽون کوليندو آهي۔هاڻي ڪيجڏهن ڪوبه اهو استعمال ڪندو ته ان جو فيس بڪ اڪائونٽ يا ٻيو ڪو پيج هيڪ ڪري چڏينداسو مهرباني ڪري اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان بچايو
ادا فاروق هاٽ اسپاٽ شيلڊ استعمال ڪندي جيڪڏهن اوهان جو فيس بڪ پروفائيل هيڪ ٿيل نظر اچي ته ان ۾ ڏوهه هاٽ اسپاٽ شيلڊ جو نه پر فيس بڪ پرائوسي ۽ سيڪيورٽي سسٽم جو آهي۔ جيڪڏهن هڪ ماڻهون هميشه پاڪستان مان لاگ ان ٿيندو هجي۔ پر اچا نڪ ان جي لاگ ان آئي پي امريڪا جي نظر اچي ته پو فوس بوڪ وارا اسان جي اڪائونٽ کي عارضي طور تي بلاڪ ڪري ڇڏين ٿا۔ جنهن کانپو هي نوٽس اچي ٿو۔ هن نوٽيس موجب توهان جي فيس بڪ اڪائونٽ کي ڪنهن غير متعلقه جڳهه تان لاگ ان ڪيو ويو آهي۔ تنهن ڪري اوهان جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي توهان جي اڪائونٽ کي بلاڪ ڪيو ويو آهي۔ جيڪڏهن اهي اوهان ئي آهيو ته ڪنٽينيو تي ڪلڪ ڪريو۔۔ ڪنٽينيو تي ڪلڪ ڪرڻ کانپو فيسبوڪ اوهان کي اها جڳهه ڏيکاريندو جنهن تا لاگ ان ڪيو ويو آهي۔ توهان کي صرف دس از اوڪي تي ڪلڪ ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي اڪائونٽ کي ٻيهر معمول مطابق هلائڻو آهي۔ ۔ ان ڏس ۾ هڪ ٻئي ويريفڪيشن به سامهون اچي سگهي ٿي۔ توهان جي موبائل نمبر تي هڪ ويريفڪيشن ڪوڊ موڪليو ويندو۔ جيڪو هن نوٽيس ونڊو ۾ داخل ڪيو ويندو۔ ڪوڊ داخل ڪرڻ کان پو لوڪيش کي اٽس اوڪي ڪريو ۽ فيس بڪ آرام سان استعمال ڪريو۔ ياد رهي ته اها هيڪنگ نه پر فيس بڪ سيڪيورٽي پاليسي آهي۔ ” ”