• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رڻ ۾ لائون لڌيون

نثارابڙو

نائب منتظم
485302_10151530290813948_1145240683_n.jpg

ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛
سُــــــرِنـــايُـون ۽ سُنـــــڌِڙا، ٻِنِيـن پــــارِ ٻُـرَنِّ؛
گھــوٽَنِ ۽ گھــــوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُـــــون لَــڌِيُــون .
سر ڪيڏارو

سلامت رهن ٿيون اهو قومون جيڪي پنهنجي هار کي به جيت ۾ بدلائن ٿيون ... سلامت رهن ٿيون اهي قومون جيڪي پنهنجي سورهيائيءَ سان ڳاٽ اوچا ڪري هلن ٿيون ... سلامت رهن ٿيون اهي قومون جيڪي دشمن جي دلين ۾ پنهنجي دليريءَ جي دهشت ويهارين ٿيون ... سلامت رهن ٿيون اهي قومون جيڪي موت جي منهن ۾ زندگيءَ جا گيت ڳائن ٿيون.

تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جن قومن هار نه مڃي، جن قومن هٿيار ڦٽا نه ڪيا، جن قومن موت ته قبول ڪيو پر دشمن تي وار ڪرڻ نه ڇڏيا ... تن قومن ئي پنهنجو پاڻ بچائي ورتو آهي ... تن قومن ئي تاريخ ۾ جاءِ والاري آهي ...

سنڌ کي به هن وقت اهڙن ئي گهوٽن جي گهرج آهي جيڪي موت جي منهن مان سنڌ جي حياتي کسي وٺن​
 
لطيف سائين جو هر بيت سبق آموز ۽ پيغام سان لبريز آهي ۔۔۔ ڪاش اسان ان فلسفي کي سمجهون ۽ عمل ڪيون
 
Back
Top