• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وري اِجهو ڀوتار اچي پيو...!!!

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
Sindh%20Flood%20Waters%20-%20Pakistan.jpg
وري اجهو ڀوتار اچي پيو۔۔۔!!

ڌرتي جو غدار اچي پيو۔۔۔!!

سنڌ سهڻي ٽُڪرن ۾ ورهائي۔۔۔۔
تنهن جا سُهڻا ٻيٽ کپائي۔۔۔۔

مير بحرن جا پيٽ ڪپائي۔۔۔۔
ڪشتو هٿ ۾، ووٽ پنڻ لاءِ۔۔۔

سامهون هو مڪار اچي پيو۔۔۔

وري اجهو ڀوتار اچي پيو۔۔۔!!
ڌرتي جو غدار اچي پيو۔۔۔!!
 
هنج اُڏاڻا، مور وڪاڻا۔۔۔۔۔باغ جا مالڪ چٻرا ٿي پيا۔۔۔!1
واڳون آهي واڳ سنڀالي۔۔۔خطرن پويان خطرا ٿي پيا۔۔۔۔۔
روز لِڪي ٿي وار ڪيا جن۔۔۔نيٺ حرامي پڌرا ٿا پيا۔۔۔
منهنجا مارو ڳوڀ ڪبوتر۔۔۔ليڊر شودا شڪرا ٿي پيا۔۔۔
پنهنجا ڌارين سان ملي ويا۔۔۔سُور تڏهن هن سگهرا ٿي پيا۔۔۔۔!!
 
Back
Top