ممتاز قريشي
سينيئر رڪن

وري اجهو ڀوتار اچي پيو۔۔۔!!ڌرتي جو غدار اچي پيو۔۔۔!!
سنڌ سهڻي ٽُڪرن ۾ ورهائي۔۔۔۔
تنهن جا سُهڻا ٻيٽ کپائي۔۔۔۔
مير بحرن جا پيٽ ڪپائي۔۔۔۔
ڪشتو هٿ ۾، ووٽ پنڻ لاءِ۔۔۔
سامهون هو مڪار اچي پيو۔۔۔
وري اجهو ڀوتار اچي پيو۔۔۔!!
ڌرتي جو غدار اچي پيو۔۔۔!!