ڊاڪٽر عزيز ٽالپر گذريل پنجن سالن دوران پاڻ واري سرڪار سڳوري کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي، ڦاڙها ماري، ڪئين اڪ ڪارا ڪري، خيرن جي گهر ڀيڙ ٿي، ته اليڪشن جي موسم اچي وئي. نامزدگيءَ فارم جي في ٻه چار هزار روپيا، سو گرو گنجو فارم ڀرائڻ لڳو. ڀاءُ، ڀاءُ جي سامهون، پُٽ پيءُ جي سامهون، زال مڙس جي سامهون، مُريد مرشد جي سامهون، شيدي مير جي سامهون، اصل قيامت جون نشانيون هجن. مون کي به فارم ڀرائڻ جو شوق ٿيو، پر سوچيم ته اليڪشن وڏي گِهَل آهي، سو دل جو درد دل ۾ رکي ڇڏيم، پوءِ خبر پئي ته اسان جي تر مان لالو لوساڻي، بابو لولاڻي ۽ گلو گلاڻيءَ جهڙن هلڪڙن ماڻهن به فارم ڀرايو آهي، ته هرُ کرُ وڌي. وري خبر پئي ته باجوڙ مان بادام زري به برقعي بدران ٻوريءَ ۾ منهن لڪائي فارم ڀرايو آهي ته ضمير ملامت ڪرڻ لڳو. پوءِ فارم ڀرائڻ جو پڪو ارادو ڪيم. ٻئي ڏينهن مامي متاري کان سندس ٿڪل گهوڙي پِن تي وٺي ويس شهر.. گهوڙيءَ تي ٻڳهين جا اهڙا ڦرڪاٽ هجن، جهڙا حاجي سانوڻ جي ميلي ۾ کدڙن جا لشڪر. ڪورٽ پهتس ته ٻاهر بيٺل سيڪيورٽي وارن مون کي ڪو پينو سمجهيو، الائي ڇا؟ سو چوَن،”فقير گهوڙي ٻاهر ٻڌ..“ گهوڙي ته ٻاهر ٿنڀي سان ٻڌي آيس، پر اندر ڇڏين ئي نه. چيومان ته، ”نادان انسانو! آئون مستقبل جو ايم پي اي آهيان.. ۽ غالب امڪان آهن ته گهرو وزير ٿيان. توهان کي ڇاڇري بدلي نه ڪريان ته لَڌي مواليءَ جو پٽ ئي ڪونه آهيان.“ ڌمڪي اثر ڪيو، مون کي باعزت اندر ڇڏيائون. اندر ڪورٽ سڳوريءَ جي در تي وري اڇي شيروانيءَ وارا پٽيوالا بيٺا هجن، ٻه ٽي ڪلاڪ گذري ويا، پر اندر ڇڏين ئي نه. نيٺ مجبور ٿي ليڪچر ۽ تقريرون شروع ڪيم، پوءِتنگ ٿي ڦشري ختم ڪرڻ لاءِ هنن مونکي اندر ڇڏيو. ڪورٽ جي عملي کي اندر جيڪا مون درخواست ڏني، تنهن تي غلطيءَ مان نامزدگيءَ جي ”ز“ تي نُڪتو ڪو نه هو.. اها ٿي پئي نامردگي.. مون کي غلطي جو احساس ٿيو، پين ڪڍي ’ري رڇ‘ تي ٺڪاءُ نُڪتو هنيم ته ٿي پيو نامزدگي فارم. پوءِ ته صاحب جي ڪاوڙ لٿي، مون کي ويهن روپين ۾ فارم مليو. اتي ئي ڏٺم ته زال جي خاني ۾ هڪ ليڪ هئي، اتي ئي صاحب کي چيم..”سائين هتي زال جي خاني ۾ هڪ ليڪ آهي، مون وٽ کوڙ زالون آهن، ٻين کي طلاق ڏيان ڇا؟ مهرباني ڪري نوان فارم ڇپرايو..“ صاحب اکيون ڦوٽاري چيو..” ميان نوَن فارمن ڇپجڻ تي اٺ ڪروڙ خرچ اچي ٿو، ٻيو ته هاڻي ’ٽيم‘ ڪونهي.“مون کي هڪ اڇو پنو اضافي ڏيئي چيائين.. ”هن تي وڃي ماين جي ڌڻ جا نالا لک..“ ٻاهر نڪري جو فارم پڙهيم، ته اصل وات ڪِٽلي ٿي پيو. ڪئين ڊمانڊون هيون. اليڪٽوريل سرٽيفڪيٽ، برٿ سرٽيفڪيٽ، مون کي ڄڻائڻ واري دائيءَ جو ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ، تعليمي ڊگريون، انڪم ٽيڪس، ڍل، ستون فارم، يوٽيلٽي بل، زالن جا تفصيل، سندن ملڪيت، سالن جو سلوڪ، لوهه ٿي ويس، اصل ڪپاٽ لڳي ويا. سس، سالن ۽ سالين جا احوال ٿو لکان ته فارم ٿو رد ٿئي، سو سڀني کي الله لوڪ ۽ درويش ڄاڻايم. زمين جي ٻاڙي نه هجي ته ڍل ڪٿان لکان؟ سڄي عمر ڪنواٺيون کنيم ۽ ٻڪرين جي ڏاس ڪتريم، انڪم ٽيڪس ڇا لکان؟ چوٿين درجي ۾ سائين سوڍي ٽنگو ٽالي ڪري، گهرائي سوٽيون هنيون، اسڪول مان ڀڄي ويس، ڊگريون ڇا ٻڌايان؟ ”مون واري دائي مري کپي وئي، انهيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڪٿان آڻيان؟ ان جا هڏ به سڙي ويا هوندا. بجليءَ جي تارن ۾ يا عمر ڪُنڍي هڻي ڪم ٽپايم، بل ڪٿان آڻيان؟ گئس ڳوٺ ۾ ٺهي ئي ڪانه، ڇيڻن ۽ ديوي جي ڪاٺين جي دونهين ماين جي اکين جو نور وڃائي ڇڏيو. بل ڪٿان آڻيان؟ نيٺ خانه پوري لاءِ ڪوڙن سچن ڪاڳرن جي ٻوري ڀري هڪ جهوني وڪيل وٽ ويس فارم ڀرائڻ، وڪيل چئي ”فارم ڀرڻ دي مين ويهه هزار گهِنسان..“ چيومانس..”مائٽ فارم ڀرائڻا هي، ڪو سڱ گهِنڻ ڪونسي آيا..“ ٻئي وڪيل ڏهه چيا، ٽئين پنج چيا.. پريشان ٿي ويس. اوچتو مون کي ڪامريڊ ڪِشوُ گڏجي ويو، جنهن سڄي حياتي طبقاتي جدوجهد ڪندي گهر جا ڪايا، داسا ۽ ديڳڙا به وڪڻي ڇڏيا هئا، سو کير پتي چانهه ۽ مرچائي پڪوڙن تي راضي ٿي ويو. فارم ڀرائي ٻارن ۾ ريوڙيون ورهايم، جيڪي مون اولياءَ تي باسيون هيون. پوءِ فارم جمع ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ ڪِشوءَ مون کي هي هدايتون ڪيون، ٻه هزار في، رنگين جهنڊا، هار، جلوس لاءِ ماڻهو ۽ انهن لاءِ سواريءَ جو انتظام.. انهن ڪمن لاءِ گهربل هئا ڏوڪڙ، نماڻو ٿي، ڀر واري ڳوٺ ۾ پرڻيل ادي آسوُءَ جي گهر وڃي نڪتس. چيومانس.. ”ادي، ننڍڙو سڄي رات ٿو روئي، تو واري ٻڪري ڏي، ته اسين پيءُ پٽ توکي اهڙي دعا ڏينداسين، جو جيئري جنت ۾ ويندينءِ.“ تير نشاني تي لڳو، آخر ته پڦي هئي، سو ٻڪري ڦر سميت ڪاهي ڏنائين. مون به ٻڪريءَ کي کڻي چنگچيءَ تي چاڙهيو ۽ سڌو وڃي مال پڙيءَ تي لاٿم. انهيءَ ڪامياب آپريشن جي تجربي بعد ٻن ٽن ٻين مائٽن ۽ سنگت ساٿ کي ليکا ڏيئي، ڏوڪڙ هٿ ڪري ورتم. چيم في الحال اليڪشن ته وڙهان، پوءِ پيو منهن ڏبو. سئو رپيا ڪَن جي حساب سان ڏهاڙيءَ تي ڪراچيءَ جا ڪارڪن به هٿ ڪيم، پر انهن جي سواريءَ لاءِ ڦٽڦٽيا ۽ گاڏيون ڪٿان آڻيان؟ عقل جي ڪَل تي زور ڏيڻ سان اهو مسئلو به حل ٿي ويو. مون واري هڪ دوست کان 50 رپيا تاريخ جي حساب سان گڏهه بڪ ڪرايم. سڀ ڪم ٿي ويا، باقي بچيو . هن دير ئي ڪانه ڪئي، ڪارڪنن کي زبردست نعرا سيکاري ۽ رٽائي ڇڏيائين، ملاحظه فرمايو..” اسيمبلين ۾ ڪير ٿو گهرجي؟ ” ڦتوُ ڦلاڻي سرڪس جو شير ٿو گهرجي،“ ”جيتي گا ڀئي جيتي گا، ڦتو ڦلاڻي جيتي گا..“ ڇا ته رديف قافيو هو.. ڇا ته ردم هو.. دل خوش ٿي ويئي، مون انعام طور ڪامريڊ ڪِشوءَ کي هڪ پشم جو گولو به کارايو. نيٺ فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن تي وهنجي سهنجي، فقير جي پڙ مان گاڏي تان ورتل وڳو پائي، ڳچيءَ کي هارن سان فل لوڊ ڪري، گڏهن جي جلوس ۽ نعرن جي گونج ۾ وڃي ڪورٽ سڳوريءَ مان نڪتس. اندر جي صاحبن مونکان ايترا ته سوال پڇيا، جو پگهر اچي پيرن کان نڪتو، پر ڪامريڊ ڪِشوءَ مون کي ٻه لفظ جواب لاءِ سيکاريا هئا.. ”جي سر ۽ ييس سر..“ اهي گفتا پئي دهرايم. الائي ڪيئن کين خبر پئي ته آئون گڏهن جي جلوس ۾ آيو آهيان، سو مون کي اليڪشني نشان به گڏهه ڏنائون. مون هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته ”نه سائين، ڪو ٻيو نشان ڏيو..“ آخر گهڻي منٿ ميڙ کانپوءِ سوٽي نشان مليو. خوش ٿي چيم.. ”سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري..“ ٻاهر آيس ته ڪئين ٽي وي چئنلن وارا، اخبار وارا، ايف ايم ريڊئي وارا بيٺا هجن، جن جا لوگو وڏن ماڻهن جي وات تي هجن. فوٽو پيا نڪرن، فلمون پيون ڀرجن، انٽرويو پيا ٿين. آئون پورو ڪلاڪ ٻنهي هٿن جي ڏسڻي ۽ وچين آڱرين سان ”V“ ٺاهيو بيٺو هئس، پر مون کي ڪنهن کنگهيو به ڪونه. نيٺ بيزار ٿي چيومانِ،”ڇو ابا! مونڏانهن ڪونه ٿا اچو، پنهنجا ڪي سڱاوتي تڪرار آهن ڇا؟“ چوَن ته،” اهڙي ڳالهه ناهي ڦتو ڦُلاڻي، اصل ۾ تون ڊمي اميدوار آهين.“ انهيءَ ڳالهه تي چئو طرف کل ۽ مون تي ٺٺوليون شروع ٿي ويون. مون کي ميڊيا وارن ۽ وڏن ماڻهن تي ڏک ڪونه هو، پر ڏک هو پنهنجي طبقي جي غريب ماڻهن جي هجوم تي، جن کي سدائين وڏن ماڻهن استعمال ڪري ڌڪ ڪڍيا آهن. منهنجي ذهن تي شاهه سائينءَ جو هي بيت تري آيو.. ”مارن مونجهه مياس، نه ته ماڙين ماريم ڪينڪي“ مون تي ٺٺولي ڪندڙ غريب طبقي جي اهڙي حالت ڏسي منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. اهي پنهنجي ووٽ جي طاقت کان اڻڄاڻ ماڻهو، ڄڻ پنهنجو پاڻ تي کل ۽ ٺٺولي ڪري رهيا هجن، ڇو ته اهي ئي ماڻهو ووٽ جي صحيح استعمال سان کاهوڙي قسم جي غريب اميدوارن کي اسيمبلين ۾ پڄائي پنهنجي تقدير بدلائڻ جي سگهه رکن ٿا.
ڪورٽ جي عملي کي اندر جيڪا مون درخواست ڏني، تنهن تي غلطيءَ مان نامزدگيءَ جي ”ز“ تي نُڪتو ڪو نه هو.. اها ٿي پئي نامردگي..۔۔۔هههههههها بهترين سٽون اليڪشن ۾ حصو وٺندڙن لا۔۔۔
هاهاهاها۔۔۔۔ مزاح سان ڀرپور ليک پڙهيو، پر ان جي آخر ۾ ڪمال جي سچائي ۽ دل کي جهنجهوڙيندڙ جملو پڙهيم ۔۔۔ مون کي ميڊيا وارن ۽ وڏن ماڻهن تي ڏک ڪونه هو، پر ڏک هو پنهنجي طبقي جي غريب ماڻهن جي هجوم تي، جن کي سدائين وڏن ماڻهن استعمال ڪري ڌڪ ڪڍيا آهن بلڪل سچ ۔۔۔۔
ها سائين اهو حال اڄ به اتان جي غريب طبقي ۽ اٻوجهه ماڻهن جو آهي، اڄ به انهن جي ذهن ۾ اهي ئي ڀوتار وسن ٿا۔۔ڄڻ اهي ڪنهن غريب طبقي واري اميدوار کي ڪجهه سمجهن ئي نه ٿا ته ڪو هي اسان جو همدرد يا هڏ ڏوکي بڻبو، پر سنڌي قوم کي هاڻ تبديلي آڻڻي پوندي۔۔من ڪو اهڙو ئي ڪو ڦتو ڦلاڻي ئي سنڌ جي دردن جو درمان بڻجي پوي۔