بليٽ پيپر مان خالي خانو ختم ٿيڻ کان پوءِ ۽ پنهنجي پيغام کي هڪ نرالي انداز پيش ڪرڻ لاءِ ڇا اسان سميت سنڌ سڄڻن کي سنڌي قوم ۾ هي پيغام عام ڪرڻ گھرجي ته اوهان ووٽ جنهن کي وڻي تنهن کي ڏيو پر پنهنجي بليٽ پيپر سان گڏ هي پرچي به بليٽ باڪس ۾ وجھو سو ووٽ واري بليٽ پيپر سان گڏ ( سنڌ گھري ٿي آزادي ) لکيل پرچي وجھڻ گھرجي اوهان جو ڇا خيال آ ؟ ته ان سان سنڌي قوم جي آواز هڪ ڀيرو ٻيهر اقوام متحده جي ايوان تائين آسان ۽ سنهنجھي طريقي سان پهچائي سگھجي ٿو
پر آزادي گهرندڙ ته نه پاڪستان کي مڃن ٿا ۽ نه اليڪشن کي ۔۔۔ ان ڪري حمايت ڪندڙن کي پرچي ووٽ سان گڏ رکڻ جي صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن کي ووٽ به ڏيڻو پوندو جو خالي خاني وارو آپشن به منظور نه ڪيو ويو آهي۔۔۔
پاڪستان ته ٺاهيوسين ۔ پر ان جي نالي تي جيڪو ڌوڪو ۽ ويساه گهاتي ڪئي ويئي ،انهيئي عمل اسان کي پاڪستان جي وجود کان نفرت ڏياري آهي ،سنڌي ماڻهو ته ڪنهن نه ڪنهن کي ووٽ ڏيندو ٿو اچي ،اها اميد سمجهي ته متان غيرت جاڳي پوين ،۽ دشمن اڳيان ڪمزور نه ٿين ۔ پر وڏي طاقت حاصل ڪرڻ جي باوجود وڃي 90 تي سنڌ جي ويرين کي ٽوپين پارائين ته پو اهڙن ماڻهن کي ڇا سمجهجي ؟
اهي ٽوپيون سنڌ لاءِ نه هيون بلڪه پاڪستان (وفاق) لاءِ هيون۔ نه ته هن دفعي ڇو نه پارايائون؟ باقي اها پرچي وِڌي به وئي ته ماستر برادري اليڪشن ڏينهن تي شام جو اڳي ئي ٿڪل هوندي آهي۔ خارج ٿيل وؤٽ سنڀالڻ به جهنجهٽ هوندو اٿن سو اهي پرچيون اوهان کي ٻي ڏينهن اسڪول ملنديون جتي اڳين شام وؤٽ ڳڻيا ويا۔