ڪمپيوٽر مان وڊيو ڊائونلوڊ ڪيو آهي پر موبائيل ۾ وجهون ٿا ته وڊيو ۾ تصوير نه ٿو ڏيکاري آڊيو ۾ ٿو اچي جيڪڏهن ڪو دوست ٻڌائي ته وڊيو ۾ ڪيئن ايندو ته مهرباني
ادا اهو ويڊيو وڏي سائيز جو هوندو اِنهي کي ڪَنورٽ ڪري پوءِ موبائل ۾ هلايو . ڪنورٽ ڪرڻ وقت موبائل ڪهڙي ڪمپني جو آهي ماڊل ڪهڙو آهي اها سٽنگ به ڪرڻي پوندي آهي جيڪڏهن توهان پاڻ ڪنورٽ ڪري سگهو ته ٺيڪ آ نه ته ڪنهن دوست کان مدد وٺو ، سافٽ ويئر 1 . ٽوٽل ڪنوينٽر 2 يوليڊ ۽ ٻيا به گهڻا آهن سدايئن گڏ _______________________ سنڌ سلامت ____ ساٿ سلامت
ٽوٽل وڊيو ڪنورٽر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ادا توهان ٽوٽل وڊيو ڪنورٽر انسٽال ڪريو۔ ويڊيو کي امپورٽ ڪندا ته هي ونڊو کُلي ايندي سڀ کان پهريان واري ٽيب تي وڃو جنهن تي پاڪيٽ پليئر لکيل آهي۔ان تي ڪلڪ کانپو هي ونڊو کلندي۔ توهان کي هيٺين لائن مان ٽيون نمبر نوڪيا سيل فون تي ڪلڪ ڪرڻي آهيجنهن کانپو نوڪيا فون ماڊل جي ڊگهي فهرست کلي ايندي۔جنهن ۾ اوهان کي نوڪيا اين 90 امپيگ 4 سليڪٽ ڪرڻو آهي۔ ۽ آخر ۾ بس ڪنورٽ نائو تي ڪلڪ ڪريو۔ توهان جي فائل ڪنهن به موبائل ۾ هلي ويندي۔اڃا به ڏکيائي پيش ايندي هجي ته دير سوير سهي درويش ويٺو آ دعا ۾ ياد۔ ۔
مهرباني عمران اوهان پاران تفصيل سان سمجهاڻي جو مونکي به فائدو پهچي ويو ڇو ته مونکي به اهڙي سافٽويئر جي گهرجڪ هُئي۔