جواب: سڀني کي سلام
گل لاله، گل فردوس، گل جان ۽ گلبستان ته ٻڌو هو اڄ اسانجي هن سنڌ سلامت جي اڱڻ ته هڪ ” غريب گل “ به اچي پهتو آهي ... اکيون ٿڌيون ... جي آيا ڀلي آيا ...
پر يار ادي ڄامشورائيءَ جي صلاح مڃون اسانکي پنهنجو تعرف ڪرايو ... ڪير، ڪٿان، ڪهڙو وغيره وغيره ... ڪهڙا شوق ۽ ڪهڙا حال ...
ڏيڻ وٺڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن فورم ۾ اسان اوهانجا ٻانهن ٻيلي، توهين اسانجا ٻانهن ٻيلي ٿيندا ته، وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ...
دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سايو ...