مسافر پنهنجي منزل اچڻ تي ٽيڪسي ڊرائيور جي ڪلهي تي هلڪي نموني سان ٿفڪي هڻي کيس بيهڻ جو اشارو ڏيڻ چاهيو۔۔ پر هي ڇا ڊرائيور ته دانهون ڪرڻ لڳو، ٿرٿرائڻ لڳو، گاڏيءَ جو ڪنٽرول هٿن مان نڪري ويس، ويجهو هيو جو هڪ بس سان ٽڪرائجي وڃي، پر گاڏي فٽ پاٿ تي چاڙهي ڇڏيائين ۽ نيٺ هڪ ديوار ۾ لڳڻ کان پوءِ گاڏي بيهي رهي۔ ڊرائيور چيو: ”چريا ! اڳتي ايئن ڪڏهن به نه ڪجان، تون مون کي ڊيڄاري ڇڏيو، ٻئي مئا هاسين ڪاٿي۔۔“ مسافر حيران ٿيندي چيو: ”ڀلا هڪ هلڪي ڇهاءُ سان اهڙو ڇا ٿي پيو جو تون ڊڄي ويٺين“ ڊرائيور چيو: ”دراصل اڄ ٽيڪسي هلائڻ جو منهنجو پهريون ڏينهن آهي، ان کان پهرين مان پورا پنجويهه سال مئل ماڻهن کي قبرستان پهچائڻ واري وين جو ڊرائيور هئس“