السلام عليڪم، جيئن ته هن فورم تي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته مهرباني ڪري پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن ڪري مجبورا هتي پنهنجو مختصر تعارف پيش ڪري رهيو آهيان. هي عاجز، حقير ۽ فقير حيدرآباد سنڌ سان تعلق رکي ٿو، منهنجا وڏا اتر سنڌ سان تعلق رکن ٿا. ڪافي عرصو پبليڪيشن سان وابسطه رهيو آهيان، پر هن وقت في الحال ڪن مجبورين سبب پبليڪيشن کان ڪجهه دوري ٿي پئي آهي. ڪافي عرصي کان بهترين سنڌي فورم جي تلاش هئي، آخرڪار ڪجهه ڏينهن اڳ هي فورم نظرن مان گذريو، تمام گهڻو وڻيو، پر جيئن ته هي فورم اڃان شروعاتي مرحلن ۾ آهي، جنهن ڪري اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
دوست سنڌ سلامت فورم جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي توهان کي ڀليڪار جي ادا ابو زين فورم سنڌ سلامت اڃان بانبڙا پائي رهيو آهي پر توهان جهڙن دوستن جون دعائون ۽ ساٿ رهيو ته سنڌ سلامت فورم کي اٿي پنڌ ڪندي ۽ پوءِ ڊوڙندي دير نه لڳندي۔ ادا ابو زين هر رڪن کي پنهنجي پرائيويسي جو حق حاصل آهي ان ڪري توهان کان ڪجهه وڌيڪ ته نه پر اهو ضرور پڇندس ته اڄ ڪالهه توهان ڪهڙي روزگار سان آهيو۔ مناسب سمجهو ته ضرور آگاهه ڪندا
ادا ابوزين هي ناچيز اوهان کي سنڌ سلامت فورم جي سٿ ۾ شامل ٿيل تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئي ٿو، ادا، هن فورم کي توهان جهڙن نوجوانن، جي ضرورت آهي،
السلام عليڪم ادا ابوزين اسان اوها کي دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا ادا مان اوهان جو تعارف ته ڪجه ڏينهن پهريان پڙهيو هو پر وقت نه هجڻ ڪري اوهان جو آڌر ڀاء نه ڪري سگهيس اسان وٽ اوهان جي لا جيء ۾ جايون ۽ هي ڪجه تحفا اميد ته قبول پوندا
ادا ابو زين توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ مون کي معاف به ڪجو جو توهان جو تعارف خبر ناهي الائي ڪيئن مون کان رهجي ويو هڪ دفعو ٻيهر ويلڪم ادا ابو زين