ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ تعليم جي اهميت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2013۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ تعليم جي اهميت​
    انجنيئر نذير احمد لغاري​


    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هڪ اهڙو ادارو جيڪو تحقيق ڪري حقيقت جي تهه تائين پهچندو هجي. پاڻ هميشه تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندا رهيا، نه فقط پنهنجي تحريرن ۽ ڪچهرين ۾، پر عملي طور تي به ڪردار ادا ڪيو اٿن ان جو اندازو ۽ علم هن خادم کي سندن ڪچهري ۾ ان وقت ٿيو جو ڪجهه نوجوان اچي ڪچهري ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته اسان هڪ تنظيم طرفان ڪم ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ اسان جي امداد ڪئي وڃي، تنهن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب انتهائي شفقت سان ڳالهه ٻولهه ڪندي فرمايو ته ٻين اڳيان هٿ ٽنگي خدمت ڪرڻ کان ڀلو اهو آهي ته پنهنجي اندر ۽ پنهنجي ساٿين جي اندر اهڙو جذبو پيدا ڪريو جو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪجهه ڪري سگهو، ٻين جي آسري تي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪم ڪري سگهبو.
    پاڻ پوءِ هڪ واقعو ٻڌايائون ته کين 1946 ۾ علي ڳڙھ يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ اچي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته اسان جي قوم ايسيتائين اڳتي نٿي وڌي سگهي جيسيتائين انهن ۾ تعليم نٿي اچي ۽ ان زماني ۾ اسڪول فقط انهن علائقن ۾ هئا جتي هندن جو اثر و اسوخ موجود هيو يا وري ڪي چند نالي وارا ٿورا شهر هئا جتي اسڪول موجو هيا باقي عام سنڌي ماڻهو تعليم کان ڏور هيو.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي دوستن سان صلاح مشورو ڪيو ۽ انهن دوستن جا نالا پڻ ٻڌايائون پر افسوس جو ڪجهه نالا مون کي يا نه رهي سگهيا.
    ان زماني ۾ پاڻ بذات خود جهنگ مان ڪاٺيون وڍڻ، پن وڍڻ ۽ مٽي ڍوئڻ جو ڪم پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڪيائون ۽ اسڪول جي لاءِ ڇپرو تيار ٿيو. اسڪول لاءِ زمين ڳوٺ جي نيڪ مرد حاجي مصري خان ڏني جڏهن ته رضاڪارڻا طور تي بزرگ استاد محمد سومر خان ٻارن کي پڙهائڻ جي ذميواري کنئي ۽ ان سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ٻارن کي پاڻ پڙهائڻ جو ذمو کنيو، پوءِ جلد ئي پاڻ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانا ٿي ويا. اهو اسڪول اڳتي هلي سرڪاري طور منظور ٿيو ۽ سرڪاري استاد پڻ مقرر ٿيو.
    ڊڪٽر بلوچ صاحب 1952 ۾ آمريڪا مان پي ايڇ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي پهريون ڪم اهو ڪيائون جو ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙ شروع ڪيائون ۽ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪيائون.
    اڄ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪوششن جي ڪري سانگهڙ ضلعي جو ڳوٺ جعفر خان لغاري ۽ ڀر پاسي جا علائقه جتي جي آبادي مرد توڙي عورتون 100 سيڪڙو تعليم يافته آهن.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪچهرين ۾ هميشه تعليم حاصل ڪرڻ جي حوالي سان تنبيهه ڪندا رهندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين کي پڻ پڙهايو اهو انهن جو حق آهي ته اهي پڙهي لکي پنهنجي سٺي زندگي گذاري سگهن ۽ پنهنجي گهر کي سٺي نموني سان سنڀالي سگهن.
    هي ڪچهري ڊاڪٽر صاحب سان 15 نومبر 1997 ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت مون کي اهو شدت سان احساس ٿيو ته علي ڳڙھ يونيورسٽي جو پڙهيل پوزيشن هولڊر نوجوان پنهنجي پٺتي پيل علائقي جي ترقي لاءِ ڪيتري قدر ڪوشان آهي نه فقط اهو پر ڪڏهن به ٻين کي پنهنجي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ نه ڏنائون ته ڪو پاڻ ٻين کان معتبر آهن. پنهنجي پوري زندگي سادگي ۽ اهل علم وارن سان گذاريائون. جيڪڏهن ڪو علم ۽ ڄاڻ وارو ماڻهو ساڻن ملندو هيو ته پاڻ کين تمام گهڻو مان ڏيندا هئا چاهي اهو غريب ڇو نه هجي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تمام گهڻي جاکوڙ ڪري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان مواد گڏ ڪيو ،، اُن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي ،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي علمي شخصيتن ۾ علامه دائودپوٽي، علامه آء آء قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙيون شخصيتون اسان لاء مشعل راهه آهن۔ سندن علمي ڪاوشون ۽ علم سان چاهه سندن ڪچهرين ۽ مضمونن مان ظاهر آهي۔

    بهترين شيئرنگ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    محترم سائين نذير احمد ڊاڪٽر بلوچ تي لکڻ لا ڪو وڏو عالم،اڪابر يا دانشورهجي پر مان ڊاڪٽر بلوچ جي سوانح تي هڪ مختصر ڪتاب لکي رهيو آهيان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو