ڪجهه ڏينهن اڳ ملير ڊيولپمينٽ سوسائيٽي ڪراچي جو تعارفي مواد پڙهڻ لاءِ مليو۔ ان سلسلي ۾ خيال ٿيو ته آ پنهنجي آرگنائيزيشن جو تعارف ڇو نه پيش ڪريان۔ ان سلسلي ۾ حاضر آهي انڊس رورل ڊيولپمينٽ سوسائٽي جون تعليمي ميدان ۾ ڪيل خدمتون۔ ************ سنڌ ۾ جتي کوڙ ساراماڻهو خدمت جو جذبو کڻي انسانيت جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۾ مصروفِ عمل آهن ، جن وٽ انسانيت جي اهنج ۽ تڪليف جي ان گهڙي ۾ سندن سهارو بنجڻ عين عبادت جي مصداق آهي ،انهن جي سوچ ۽ فڪر ۾ بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ زندگي جو مقصد هوندو آهي ، اهڙو ئي حوصلو ، همت کڻي سيتاروڊ جي ڪجهه نوجوانن 2010 ۾ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو ، جنهن ۾ گل محمد ڪلهوڙو ، منصور سيتائي ،سليمان سومرو ، شوڪت علي چوهاڻ ، فياض منصور سميت ڪيترائي نوجوان ،ڊاڪٽر ، انجنيئر ، استاد ن سميت سيتا روڊ جي هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن پنهنجو پنهنجو حصو ملائي بغير ڪنهن رنگ نسل جي تفريق جي دکي انسانيت جي خدمت کي بنياد بنائي مختلف قسم جا پروگرام ترتيب ڏئي پنهنجي سفر روان دوان رکيو آهي ، هن اداري جي مقصد ۽ متن ۾ تعليم جي ترقي ،صحت جو بنيادي سهولتون، جنسي تفريق کي گهٽائي عورتن کي اڳتي آڻڻ ، ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ سميت پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت جهڙا کوڙ سارا مقصد شامل آهن ، انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پنهنجي ٽن سالن جي مختصر عرصي کوڙ سارا سماجي ڪم سر انجام ڏنا آهن ، جن ۾ علائقي اندر يونين ڪائونسل پريا ، بالي شاه ، شاه پنجو ۽ سيتا روڊ جي مختلف اسڪولن ۾ غريب شاگردن ۾ ڪتابن ۽ اسڪولي ڊريسن جي مفت تقسيم ، غريب ،بي پهچ ۽ خاص طرح سان بيواه عورتن لاءِ راشن جي تقسيم ، سيتا روڊ ۽ ان جي ڀر پاسي ۾هيپاٽائيٽس بي ۽ سي سميت مختلف طبي ڪئمپن جو قيام ، ڳوٺاڻي سطح تي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ان کان بچاءُ لاءِ ڳوٺاڻن جي تربيت ڪرڻ ، نوجوانن جي مختلف حوالن سان تربيت ڪرڻ ، انهن جي صلاحيتن جي واڌاري لاءِ تقريري پروگرام ، ورڪشاپ ۽ انهن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِڪوششون وٺڻ سميت عورتن جي تربيت لاءِ پڻ ڪوششن ۾ مصروف آهي ، انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران سيتاروڊ ۾ علائقي جي نوجوانن جي تعليم لاءِ جتي مختلف پروگرام ڪري رهي آهي ، اتي هنن تعليم پرايو ، سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ سوالن جوابن جو چٽا ڀيٽي مقابلو منعقد ڪرايو ، جنهن مقابلي ۾ سيتاروڊ ان جي ڀر پاسي جي ڪيترن ئي نوجوانن حصو ورتو ، هن سوالن جوابن جي چٽا ڀيٽي مقابلي ۾ پاڻ کي آزمائڻ لاءِ سيتاروڊ ۽ آس پاس جي ڪل ڏهن ٽيمن فارم ڀرايا ، جن مان پنجن ٽيمن ڪجهه ذاتي مصروفيتن ۽ مجبورين ڪري مقابلي ۾ حصو وٺي نه سگهيون ، باقي حصو وٺندڙ ٽيمن جو پهريون مرحلو بازار ايسوسيئيشن جي صدر حاجي عبداللطيف آرائين ، سيد سلطان شاه ۽ نوجوان ليکڪ سليمان سومرو جي نگراني هيٺ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول سيتاروڊ ۾ منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ڪڻن وسيلي هڪ ٽيم سچل سرمست کي باءِ ۾ رکيو ويو ، پهريون رائونڊ شاه عبد اللطيف جي ميمبرن نورالدين راهوجو ،خالد حسين سولنگي ، نور محمد عباسي ۽ دولهه دريا خان ٽيم جي ميمبرن جميل احمد عباسي ، الطاف عباسي ۽ اياز ميراڻي وچ ۾ ٿيو ، جنهن مان شاه عبداللطيف مقابلو کٽيو ، ٻيو رائونڊ مخدوم بلاول ٽيم جي ميمبرن نجيب سومرو ، خليق سومرو ۽ فرمان سومرو ۽ شهيد هيمون ڪالاڻي ٽيم جي ميمبرن صدام ملاح ، محمد حسن رند ۽ صدام سولنگي جي وچ ۾ ٿيو ، جنهن مان دولهه درياخان رائونڊ کٽي باءِ ۾ رکيل ٽيم سچل سرمست جي ميمبرن برڪت سولنگي ، ذوالقرنين ڏوگر ، نور نبي ڪولاچي ، ۽ ٽيون رائونڊ شهيد هيمون ڪالاڻي جي وچ ۾ ٿيو ، جنهن مان سچل سرمست سوڀ ماڻي ، جنهن بعد وري هڪ ڀيرو کٽي آيل ٽنهي ٽيمن ۾ ڪڻا ڪڍيا ويا ، جنهن ۾ سچل سرمست ٽيم وري هڪ ڀيرو باءِ ۾ آئي ، ۽ ٻن ٽيمن شاه عبداللطيف ۽ شهيد مخدوم بلاول وچ ۾ مقابلو ٿيو ، جنهن مان شاه عبداللطيف مقابلو کٽيو ، جنهن بعد آيل مهمانن ۽ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي اڳواڻن سميت آيل ميزبانن فائينل جي لاءِ ڪاميابي ماڻڻ تي شاه عبداللطيف ۽ سچل سرمست ٽيمن جي ميبرن کي مبارڪون ڏنيون . هن قسم جو پروگرام ترتيب ڏئي انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي علائقي ۾ تعليمي واڌ ويجهه لاءِ نوجوانن ۾ پڙهڻ جو جيڪو جذبو جاڳايو آهي ، سو ته ساراهڻ جوڳو آهي ئي پر پر هن پروگرام ۾ لڪل هڪ ڪوشش جيڪا نوٽ ڪئي وئي ، ته انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي ساٿين سنڌ ڌرتي جي امن ،شانتي ۽ ڌرتي جي دنگن خاطر جانين جو نظرانو ارپيندڙ سنڌ جي سورمن کي ياد ڪندي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جا نالا سچل سرمست ، شاه عبداللطيف ، شهيد مخدوم بلاول ، شهيد هيمون ڪالاڻي ۽ دولهه دريا خان رکي ڌرتي جي سورهيه سپوتن کي ياد ڪرڻ جي هڪ سٺي روايت پڻ قائم ڪئي آهي ، سيتاروڊ جي ڪميونٽي سينٽر ۾ ڪرايل پروگرام ۾ شهرين ، استادن ۽ صحافين سميت مختلف سياسي سماجي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ، هن پروگرام جي صدارت تعليمي ماهر ۽ استاد پروفيسر عبدالغني سومرو ڪئي ، مهمان خاص پ پ اڳواڻ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو ڪئي ، ۽ اعزازي مهمانن ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناظم علي محمد سومرو ، اسلام آباد کان آيل خير العمل فائونڊيشن جي سربراه نثار احمد فيضي ، مجلس وحدت مسلمين جي صوبائي سيڪريٽري فلاح و بهبود آفتاب احمد ميراڻي ، نوجوان انجنيئر احمد نواز سولنگي ۽ ديدار علي کونهارو هئا، پروگرام جي هال کي تمام سهڻي نموني سان ترتيب ڏئي مقابلي جي ٽيمن توڙي پروگرام جي ججز لاءِ پڻ ڌار ڌار انتظام ڪيا ويا هئا ، پروگرام ۾ فائينل جي مقابلي لاءِ ڪامياب ٿيل ٽيمن ۾ شاه لطيف ۽ سچل سرمست جي نوجوانن ۾ پڻ مقابلي کٽڻ جو جوش ڏسڻ وٽان هيو ،۽ ججز ۾ سينيئر استاد ۽ سگا اڳواڻ سائين سڪندر علي پنهور ، انفو ٽيڪ ڪمپيٽر اڪيڊمي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر گل محمد چوهاڻ ، ۽ نوجوان استاد عبدالرشيد سولنگي فرائض سرانجام ڏنا ، اسٽيج سيڪريٽري سگا شاخ سيتاروڊ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر گلزار ڪلهوڙو ، محمد رفيق سولنگي ، ۽ اياز احمد سومرو ڏنا ، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جيڪا شوڪت علي چوهاڻ ڪئي ، جنهن بعد پروگرام ۾ آيل مهمانن کي ڀلي ڪار چوندي انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي چيئرمين گل محمد ڪلهوڙي چيو ته اسان پنهنجي نعري اسان جو عزم ، اوهانجي خدمت تي پورو لهڻ لاءِ وت ۽ وس آهر بنيادي حقن کان محروم ماڻهن کي حق ڏيارڻ ، پٺتي پيل تعليم جي واڌاري لاءِ هر ممڪن ڪوششن ۾ مصروف آهيون ، ۽ انهن ڪوششن لاءِ همت افزائي ڪندڙ علائقي واسي سڀني ڌرين جا نهايت شڪر گذار آهيون جن پنهنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي اڄ جي هن پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اسان جي سڏ تي اچي اسان جي حوصلن ۾ واڌارو ڪيو آهي ، جنهن بعد فائينل ۾ پهتل ٽيمن شاه لطيف ۽ سچل سرمست جي وچ ۾ سوالن جوابن جو چٽا ڀيٽي مقابلو باضا بطه شروع ٿيو ٻنهي ٽيمن کان 30 _ 30 سوال ڪيا ويا جنهن شاه عباللطيف 22 ۽ سچل سرمست 25 سوالن جا صحيح جواب ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ، جنهن تي هال ۾ ويٺل معززين توڙي استيج تي ويٺل مهمانن تاڙيون وڄائي کين ڀرپور داد ڏنو ، اعزازي مهمانن ۾ خيرالعمل فائونديشن جي سربراه نثار احمد فيضي پنهنجي خطاب ۾ چيو پاڪيسان جو وجود آڻڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ صوبي جي شاندار ماضي ۽ هيڻي حال کي ڏسي هر احساس رکندڙ دل رت جا ڳوڙها هاري ٿي ، سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر تعليم کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي سازشون ڪيون پيون وڃن ، جيڪي سازشون گهڻي حد تائين ڪامياب پڻ ويون آهن ، انهن سازشن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جو اڄ جو هي پروگرام سنڌ جي نوجوانن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ هڪ اهم وک آهي ، اسانجو ملڪ هن وقت جنهن صورتحال مان گزري رهيو آهي انهي صورتحال ۾ اسان سڀني تي فرض عائد ٿو ٿئي ته اسان گڏجي ڪري انهن سازشن جو مقابلو ڪريون ، هن وڌيڪ چيو ته هنن نوجوانن جي قومي ۽ عوامي خدمتن کي ڏسندي خيرالعمل فائونڊيشن هن علائقي جي ماڻهن جي صحت جي بهتري لاءِ هڪ فلاحي ڊسپينسري جو قيام ڪندي ،جنهن سان عام ۽ غريب ماڻهن جي بهتر خدمت ٿي سگهندي ، احمد نواز سولنگي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هنن نوجوانن کي جس هجي جو هن مصروف دور ۾ به قوم جي نوجوانن جي صلاحيتن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ، پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناظم علي محمد سومرو چيو ته تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي . ان ڏس ۾ اسان جي حڪومت پنهنجون ڀرپور ڪوششون وٺندي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جهڙا ڪامياب ادارا قائم ڪري ملڪي تعليم جي واڌاري لاءِ مصروف عمل آهي ، ۽ هن چيو ته سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن ۾ تعليم جي واڌ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو ، مهمان خاص پ پ اڳواڻ عبدالعزيز جوڻيجو چيو ته هن قسم جا شاندار پروگرام هميشهه ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ ٿيندا آهن ، ليڪن هنن دوستن سيتاروڊ جهڙي شهر ۾ ههڙا پروگرام ڪري تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهن ، جنهن ڪري اسان انهن سان گڏ آهيون ،ته جيئن هن قسم جا پروگرام ٻين ڳوٺن توڙي شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن ، ته جيئن هتان جي نوجوان کي تعليم جي زيور سان سنواري پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهجي ، پرگرام جي صدارتي خطاب ۾ پروفيسر عبدالغني سومرو چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ هن قسم جا پروگرام ڪري اندروني سنڌ جي ننڍڙن شهرن ۾ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي هڪ سٺي روايت قائم ڪئي آهي ، انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي وانگر جيڪڏهن سنڌ جا ٻيا ادارا به مستقل بنيادن تي ڪوششون جاري رکن ته ماضي جيان سنڌ جو ٻهراڙيون به سنڌ سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ، پروگرام جي آخر ۾ مهمان خاص انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو مقابلو کٽيندڙ سچل سرمست ٽيم جي نوجوانن کي انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ۽ پنهنجي پاران ڏه هزار روڪ انعام ڏنو ، ۽ هارايل ٽيم جي همت افزائي لاءِ کين پڻ ٽرافي ،سرٽيفڪيٽ ۽ مهمان خاص پاران پنج هزار روڪ انعام ڏنو ويو ، انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران هن پروگرام کان علاوه نوجوانن ۾ تعليمي قدر اجاگر ڪرڻ ۽ سندن جون زميواريون محسوس ڪرائڻ لاءِ سيتاروڊ جي ڪميونٽي سينٽر ۾ ( اڄ جو نوجوان ۽ ان جون زميواريون ) جي عنوان سان هڪ ليڪچر پروگرام ڪرايو ، جنهن ۾ شهر توڙي ٻاهران آيل مهمان مقررين مشهور ميمڻ سيتائي ، سڪندر راهوجو ، فياض جانوري، راشد ميمڻ ۽ ٻين ڀر ساسي جي نوجوانن کي ليڪچر ڏئي کين پنهنجين زميوارين جو احساس ڏياريو ، سيتاروڊ ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن جي بهتر کان بهتر تربيت ۽ تعليم ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهندڙ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي دوستن پنهنجون صلاحيتون نوجوانن لاءِ وقف ڪندي (جديد دور ۾ ڪتاب جي اهميت ) تي ٻه روزه ورڪشاپ ۽ سيمينار پڻ ڪرايو ، جنهن ۾ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي چيئرمين گل محمد ڪلهوڙو ، امداد چهواڻ ، سليمان سومرو ، منصور سيتائي ، اظهر ميمڻ ۽ ٻين پنهنجن خطابن ۾ نوجوانن کي ڪتاب جي اهميت بابت آگاه ڪيو ، انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي جفاڪش ساٿين جون صلاحيتون تعليمي ميدان ۾ اڃان به اڳڀريون نظر آيون ، سنڌ ۾تعليم جي تباهي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ( سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جو زميوار ڪير ؟ ) جي عنوان سان پروگرام هجن يا غريب شاگردن ۾ ڪتابن جي ورهاست هجي يا سندن فيس جو معاملو هنن هر ممڪن ڪوشش وٺي پنهنجي زميواري تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .
محترم سليمان سومرو صاحب توهان کي مبارڪون هجن هڪ ته اهڙن پروگرامن کي هڪ ننڍي شهر ۾ ڪرائڻ تي ٻيو ته تواهان سنڌ سلامت تي باقائديگيء سان لکڻ شروع ڪيو آهي۔ انڊس رورل ڊيولپمينٽ سوسائٽي جو ڪاوشون وقت به وقت فيس بوڪ تي ڏسندو رهندو آهيان، تمام گهڻي خوشي ٿي جو اسان جي علائقن ۾ جتي ماڻهن ۾ شعور جي ڪمي آهي اتي اهڙيون تقريبون انڊس رورل ڊيولپمينٽ سوسائٽي طرفان ڪرايون وڃن ٿيون انهن سڀني دوستن کي شابس هجي جيڪي اهڙن پروگرامن ۾ پنهنجو حصو اٽڪائيندا رهن ٿا ۽ ستل قوم کي جاڳائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهن ٿا۔ هڪ گزارش ڪندو هلان ته سيتا روڊ جي آس پاس وارن علائقن ۾ جتي تعليم جي تمام گهڻي گهٽتائي آهي اتي تواهان جون ڪوششون وڌيڪ هجڻ گهرجن ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪيو وڃي ته جئين اتان جا ماڻهون پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارن جيڪا ترقي ۽ آزاديء لاء بنيادي حيثيت رکي ٿي۔ ٻي اها ته زياده تر بيماريون پاڻيء جي خراب پئڻ جي ڪري ٿين ٿيون ۽ اسان جي علائقن ۾ ان شئي جو گهڻو بهران آهي۔ جيڪڏهن سيتا ۾ هڪ يا ٻه عدد فلٽر پلانٽ انڊس رورل ڊيولپمينٽ سوسائٽي جي ڪوشش سان لڳرايا وڃن ته هڪ بنيادي مسئلو حل ٿي ويندو وري به پاڻ پتوڙيندڙ دوستن کي سلام
محترم سليمان سومرو صاحب توهان کي مبارڪون هجن توهان جي تنظيم جو تعارف ۽ توهان جون ڪيل خدمتون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔ اميد ته هر وقت انهي جوش ۽ جذبي سان هميشه اڳ ڀرا هوندا۔