هاڻ ٻلي ڪاٺ ۾ آهي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هاڻ ٻلي ڪاٺ ۾ آهي!
    دنيا جو ڪوبه اهڙو ملڪ ناهي، جتي فوجي آمرن جو حشر نشر نه ٿيو هجي.هاڻ ته فوجي آمر به ڊينوسار ٿي ويا آهن، جن جو نسل به خطري ۾ آهي.پر اهي فوجي آمر جن ماضي ۾ گناهه ڪيا انهن جي حساب ڪتاب جو وقت به اچي ويو آهي.اڳوڻي جنرل پرويز مشرف ڏيهه ورڻ کان پوءِ اهو سوچيو به نه هوندو ته ان سان ملڪ اندر ڇا ڇا ٿي سگهي ٿو.هڪ چوڻي مطابق گدڙ کي موت کڻندو آهي ته اهو شهر جو رخ ڪندو آهي، اسا ساڳي ڳالهه پرويز مشرف سان به لاڳو آهي.تازوئي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل اپيل ڪندي چيو ته مشرف آئين ٽوڙيندڙ آهي ان ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گھرو کاتي کي گذريل ڏينهن ئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو .
    عدالت چئني صوبن جي آءِ جيز کي حڪم ڏنو ته اهي جنرل پرويز مشرف کي نوٽيس پهچائين، عدالت هن ڪيس ۾ وفاق ۽ ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا. عدالت پرويز مشرف کي سڪيورٽي ڏيڻ تي وفاقي حڪومت کي به نوٽيس جاري ڪيا. عدالت چيو ته سمورا ادارا خاطري ڪرائين ته پرويز مشرف پرڏيھه فرار نه ٿيد ويندو. ٻئي پاسي ناليواري وڪيل اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ئي ڪيس داخل ٿيندو، جڏهن ته حامد خان جو چوڻ هو ته هن ڪيس ۾ ٻين جو به ذڪر ٿيل آهي عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جو ڪيس ٿي ويندو.
    ان کان هڪ ڏينهن اڳ رٽرننگ آفيسر سيد اڪرام الرحمان ڄاڻايو هو ته فوج جي سربراهه ۽ صدر هوندي 3 نومبر 2007ع تي آئين کي معطل ڪري اعليٰ عدليا جي اڪثر ججن کي برطرف ڪرڻ ۽ پاڪستان جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جا وار پٽرائي سندس توهين ڪرڻ جي بنياد تي اين اي 250 (ڊفينس) تي اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جا نامزدگي فارم رد ڪندي ڄاڻايو ته هو آئين جي آرٽيڪل 6 تحت سزا جو حقدار آهي. جاري ڪيل حڪم ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 جي رٽرننگ آفيسر سيد اڪرام الرحمان ڄاڻايو ته اهو رڪارڊ تي آهي ته پرويز مشرف 3 نومبر 2007ع تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ اسلامي جمهوري پاڪستان جي صدر جي هوندي آئين کي معطل ڪري اعليٰ عدليا جي اڪثر ججن کي برطرف ڪري نظربند ڪيو ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جا وار پٽرائي سندس توهين ڪئي وئي جنهن کي سپريم ڪورٽ بدنيتي تي ٻڌل غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تحت پرويز مشرف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت سزا جو حقدار آهي، پرويز مشرف کي طلب به ڪيو ويو هو پر فيصلي تائين پيش نه ٿيو جڏهن ته سندس خلاف اعتراض ڪندڙ عدالت ۾ موجود هئا جنهن ڪري پرويز مشرف جا اين اي 250 تي نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن ٿا. هوڏانهن پرويز مشرف جي وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته اين اي 250 تان پرويز مشرف جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي. ياد رهي ته ڪراچي جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان، اختيار چنا ۽ نيوي جي رٽائرڊ ڪمانڊر مختيار پاران پرويز مشرف جي نامزدگي فارمن تي اعتراض ڪندي چيو ويو هو ته ان آئين کي ٽوڙيو، جمهوريت تي حملا ڪيا ۽ لال مسجد جي استادن ۽ بيگناهه شاگردن کي قتل ڪيو جنهن ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.
    ملڪ جي اعليٰ عدالت پهريان ئي سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته اهو غداري ڪري چڪو آهي،پر ان جي باوجود هن کي موقعو ڏنو ويو آهي ته پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻ لاءِ عدالت جي اڳيان پيش ٿئي.مشرف جي لاءِ هي يقينن امتحان جي گهڙي آهي، پر اهو سوچڻو پوندو ته اڳوڻي آمر سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.هن جيڪي گناهه ڪيا آهن، اهي سنگين نوعيت جا آهن، انڪري اهو عدالت جو ڪم آهي ته ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي.بهرحال هر ماڻهو کي هن توڙي هن جهان ۾ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي، انڪري عدالت ۽ انصاف جو وقت اچي ويو آهي، عدالت کي اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي جيڪو هميشه مثالي هجي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻ کي ٽن رڪني بينچ کان الڳ ڪري دانشمندي وارو فيصلو ڪيو.هاڻ رڳو انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻيون آهن.هاڻ اهڙو انصاف ڪيو وڃي جو ٻيهر ڪنهن آمر کي ملڪ جو آئين ٽوڙڻ لاءِ سو ڀيرا سوچڻو پئي.هي انتهائي اهم معاملو آهي، انڪري عدالت انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪري.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻلي ته ڪاٺ ۾ آهي پر ڪٿي اهو ڪاٺ ڀُتو نه نڪري پوي۔ هي ملڪ سدائين جنرلن ۽ آمرن جي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪنٽرول ۾ رهيو آهي۔ مان سمجهان ٿو ته ڪورٽون اڃان آزاد ناهن، اهڙو هڪ فيصلو رنڪل ڪيس ۾ اچي چڪو آهي۔

    ٻيو ته پاڪستاني فوج نه چاهيندي ته پنهنجي ابي ڏاڏي کي ڪا تڪليف پهچائي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو