ٽوٽڪا

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2013۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن.
    جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو.
    مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو.
    روزانو صبح جو خالي پيٽ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي.
    ليمي جي رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي. نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي.
    ڪوشش ڪجي ته برف جو پاڻي گهڻو نه پيئجي، برف جو پاڻي وقتي طور ته اڃ ختم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اڃ کي وڌائي ٿو ۽ معدي ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ زڪام جو سبب بڻجي ٿو.
    ڏاڙهون کائڻ يرقان، دل جي ڌڙڪي، سيني جي سور، کنگهه ۽ خارش جي بيمارين ۾ مفيد آهي.
    پيچش کي روڪڻ لاءِ اسپنگر جي دهي پيئڻ مفيد آهي.
    جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي.
    غلطيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن شيشي جا سنها سنها ذرا کائي وڌا هجن ته ان کي تمام گهڻا ڪيلا کارايو، شيشي جا ذرا نڪري ويندا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    محترم دوست اوهان جا ٽوٽڪا تمام بهترين آهن ڪجهه ته منهنجا آزمايل آهن مهرباني دوستن سان ونڊ ڪرڻ جي ،
    ادا سائين __________ پائيريا ڇا آهي

    جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عرس جي بهترين شيئرنگ

    ادا پائيريا اصل ۾ ڏندن جي بيماري آهي۔ جنهن سبب وات ۾ بدبوء ٿيندي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو