• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کدڙن فقيرن جو چونڊن ۾حصو وٺڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بحال ٿيندي:صنم فقير

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
سکر جي پي ايس ون تي چونڊ وڙھندڙ کدڙو فقير صنم چوي ٿو
کدڙن جو چونڊن ۾حصو وٺڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساکبحال ٿيندي:صنم فقير
2467 اٽيچمينٽ ڏسو2468 اٽيچمينٽ ڏسو
پي ايس ون تي چونڊ وڙهندڙ کدڙو فقير صنم سماجي ڀلائي جي ڪمن سبب سکر ۾ وڏي سڃاڻپ رکي ٿو، 2009ع ۾ صنم فقير پنهنجي نالي سان ويلفيئر ايسوسئيشن قائم ڪري سماجي خدمت کي پيشي طور اپنايو، ان ئي سال سماجي ڀلائي واري کاتي وارن کيس کدڙا فقيرن بابت فوڪل پرسن مقرر ڪيو ، هن جي جدوجهد جو سڀ کان وڏو مرڪز پنهنجي ئي کدڙا برادري کي معاشري ۾ خاص درجو ڏيارڻ رهيو آهي، سندس ۽ ساٿين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي سپريم ڪورٽ 2009ع ۾ کدڙا فقيرن کي عام شهري جي برابر حق ڏيڻ، سڃاڻپ ڪارڊ، نوڪرين توڙي ملڪيت ۾ حصو ۽ ووٽ ڏيڻ توڙي چونڊن ۾حصو وٺڻ جو حق ڏنو، صنم فقير چندو ڪري 2010ع جي مها ٻوڏ ۽ 2011ع واري طوفاني برساتن ۾ متاثر ٿيل ماروئڙن جي وس آهر امداد ڪئي، مختلف وقتن تي صنم فقير پنهنجي قائم ڪيل ويلفيئر ايسوسئيشن پاران مفت طبي ڪئمپون لڳائڻ سان گڏ ڪيترن ئي بي سهارا ماڻهن کي به سهارو ڏنو، پهريون ڀيرو چونڊن ۾حصو وٺندڙ صنم فقير ٻڌائي ٿو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندي کيس سڪون ملي ٿو، هن سماجي ڀلائي کي پيشي طور اپنايو آهي، صنم فقير جو چوڻ آهي ته کدڙن فقيرن جو چونڊن ۾حصو وٺڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بحال ٿيندي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کدڙا فقيرن کي چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها جمهوريت خلاف سازش هوندي، صنم فقير اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد ڪندي چوي ٿو ته وٽس ايترا ماڻهو ناهن جو هر پولنگ تي پنهنجا ايجنٽ ويهاري پر اليڪشن ڪميشن پاران ورتل اپائن سبب چونڊن ۾ ڌانڌلين جي ڪا گنجائش ناهي، ان لاءِ ھر ڪنھن اميدوار کي ايجنٽ ويھارڻ جي ضرورت ناھي، ھو چوي ٿو تھ ھو سڀ ڪجھھ عوام ۽ ميڊيا کي سمجھي ٿو، سندس ايجنٽ ۽ سگھھ عوام ۽ ميڊيا آھي، اھو دور گذري ويو جڏھن وڏيرا ۽ جاگيردار ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ووٽ خريد ڪندا ھئا، ھاڻي ميڊيا عوام کي سجاڳ ڪيو آھي، عوام ڄاڻي ٿو تھ سندن ووٽ جي وڏي اھميت آھي، صنم فقير چوي ٿو تھ وٽس ايترا ڏوڪڙ يا گاڏيون ناھن جو ھو جلسا ڪري يا گاڏيون ڊوڙائي ورڪ مھم ھلائي، ھو پنھنجي حامين سان گڏجي پيرين پنڌ در در تي وڃي عوام کي ووٽ جي اپيل ڪندو، کيس يقين آھي تھ وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي موروثي سياست جو پيڙھيل عوام کيس ضرور موٽ ڏيندو، صنم فقير چوي ٿو تھ کٽڻ ھارائڻ سياست ۽ راند جو حصو آھن، کيس جيڪڏھن شڪست ملي يا سندس تصور کان گھٽ موٽ ملي تڏھن بھ ھو مايوس نھ ٿيندو ۽ سياست ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھندو ڇاڪاڻ تھ عوام کي پنھنجا حق وٺي ڏيارڻ جو بھتر ۽ ڪامياب رستو سياست آھي ۽ تبديلي ارتقائي عمل آھي کيس يقين آھي تھ جيڪڏھن هن ڀير ي کيس خاص موٽ نھ ملي تڏھن بھ پنجن ورھين کان پوءِ وري ٿيندڙ چونڊن ۾ کيس ڪي نتيجا ضرور ملندا، ھو چوي ٿو تھ چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت کيس ھر طبقي جي ماڻھن توڙي سندس کدڙا برادري ھمٿايو آھي، جنھن سبب پراعتماد آھي.
 
جمهوريت آهي ۽ سڀني کي هق آهي ۔۔۔۔ پر ادا هن نظام ۾ اليڪشن لڙڻ ۽ کٽڻ ڪو سولو ڪم ناهي۔
 
Back
Top