• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بابا مون کي ڊڄ ٿو لڳي۔۔۔۔!

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
موجوده حالات ۾ ٻارن جو معصوم ذهن ڇا ٿو سوچي۔۔۔۔ ؟ هڪ اردو آزاد نظم جو نقل۔۔۔۔

presentation2ev.jpg
 
جواب: بابا مون کي ڊڄ ٿو لڳي۔۔۔۔!

سائين ننڍن ٻارڙن ۾ اهڙي ماحول ۾ واقعي اهڙو خوف ۽ هراس ذهنن ۾ ڀرجي وڃي ٿو ڪاش ان ٻارڙي جي اها صدا قبول پوي۔
 
جواب: بابا مون کي ڊڄ ٿو لڳي۔۔۔۔!

تمام سٺو مواد، تمام سٺي ڳالهه چيل آهي .... جڏهن پاڪستان ۾ اهو چئي اسڪول بند ڪيا ويا هئا ته اسڪولن ۾ ڌماڪا ٿيندا ته سچ پڇو معصوم ٻارن جي چهرن ته نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪئي سوال هئا ... کين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي آئي ته اهو مامرو ڇا ٿيندو آهي؟ مٿان وري جڏهن انهن معصوم ٻارن جي تلاشي وٺي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ٿي ويو ته اڃان وڌيڪ سوال هئا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ...
آءُ ڪهڙو جرم ڪيو آهي ... ڪهڙو ڏوه ڪيو آهي ... مونکان ڪهڙي غلطي سرزد ٿي آهي جو منهنجي هي تلاشي ورتي پئي وڃي ... اهڙا ڪئي معصوم سوال هئا جي ٻارڙن جي معصوم چهرن تي پڙهڻ لئه مليا ٿي ...
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: بابا مون کي ڊڄ ٿو لڳي۔۔۔۔!

هن ٻار جون نظرون به شايد ڪجهه اهو ئي سوال ڪري رهيون آهن۔۔۔۔
_45829348_007393458-1.jpg
 
جواب: بابا مون کي ڊڄ ٿو لڳي۔۔۔۔!

هي ٻار ته هاڻي سوال به نه ٿو ڪري سگهي۔۔ حيرانيءَ سان هن دنيا کي ڇڏي هليو ويو۔۔۔
1100790044-1.jpg
 
جواب: بابا مون کي ڊڄ ٿو لڳي۔۔۔۔!

هي شايد پنهنجي پيءَ جو سڏ به نه ٿو ورنائي سگهي۔۔۔
blast.jpg
 
Back
Top