• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي! سگهه ڏي ته مان انهن زنجيرن ۽ ڏنڊا ٻيڙين کان سنڌي ادبي سنگت کي آجو ڪرائي سگهان“

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لا نامزد اميدوار محمد علي پٺاڻ جي ڀٽائي جي بارگاهه ۾ دعا
ڀٽائي! سگهه ڏي ته مان زنجيرن ۽ ڏنڊا ٻيڙين کان سنڌي ادبي سنگت کي آجو ڪرائي سگهان“
2469 اٽيچمينٽ ڏسو2470 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي اڄ ٿيندڙ چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار نامياري شاعر ۽ اديب پروفيسر محمد علي پٺاڻ گذريل رات ڀٽ شاهه پهچي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بارگاهه ۾ دعا گهري. جنهن ۾ هن لطيف سرڪار کي مخاطب ٿي چيو ته: ” اي سنڌي ٻوليءَ جا رکپال ۽ سڄي دنيا جا عظيم شاعر، مان تنهنجي قلم جو ننڍڙو وارث تنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي لڄ بچائڻ لاءِ بيماريءَ جي بستري تان اٿي آيو آهيان. مان تنهنجي آسڻ تي دعا گهران ٿو ته مون کي منهنجي سٿ سميت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سوڀارو ڪر، ته جيئن مان تنهنجي ٻوليءَ جي قلم ڌڻين کي سندن اصلي مورچن تي بيهارڻ جو فرض نڀائي سگهان. انهن کي ان سياسي گدلاڻ کان پاڪ ڪري سگهان، جنهن انهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ هڪ ٻئي لاءِ اتر، ڏکڻ جيڏيون دوريون ۽ وڇوٽيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. اهي اسان جي ماضي، حال ۽ مستقبل جا ترجمان، مونکي ايتري سگهه ڏي ته مان انهن زنجيرن ۽ ڏنڊا ٻيڙين کان سنڌي ادبي سنگت کي آجو ڪرائي سگهان، جنهن مان تخليق جي مزاحمت جو عمل موڪلائي ويو آهي. مون کي حوصلو ڏي ته پنهنجي قلم ڌڻين کي هڪ آواز بڻائي سورن ۾ ڦاٿل سنڌڙيءَ لاءِ آجپي جي واٽ ڳولهي سگهان. تنهنجي ڪلام کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نئين سر ڦهلائي ڪٽ لڳل ذهنن کي اجاري سگهان.“
 
Back
Top