سيڪريٽري جنرل تي بيٺل مخالف اميدوار محمد علي پٺاڻ سنگت جو ميمبر ئي ناهي:مشتاق ڦل

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سيڪريٽري جنرل تي بيٺل مخالف اميدوار محمد علي پٺاڻ سنگت جو ميمبر ئي ناهي:مشتاق ڦل
    2471 اٽيچمينٽ ڏسو
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل تي بيٺل مخالف اميدوار محمد علي پٺاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ئي ناهي کيس بوگس ميمبر ٺاهي اسان جي خلاف بيهاريو ويو سنڌي ادبي سنگت جي اڄ 14 اپريل تي ٿيندڙ مرڪزي چونڊن ۾ سنڌ دوست پئنل جا اميدوار ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ملهار سنڌي، نبي بخش ناز ۽ رضا ڏاهري وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا. پريس ڪلب نوشهري فيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪامياب ٿي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحرڪ وٺڻ سان گڏ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جو رهيل ڪم مڪمل ڪرايو ويندو. سنگت جي دستوري، تربيتي، تخليقي ۽ فڪري گڏجاڻين کي نئين سر جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، سينيئر ۽ جونيئر ٽهي ۾ پيدا ٿيل خال کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون، سنڌي ادب جا ڪتاب چپرايا ويندا ۽ نئين ٽهي جي شاعرن، اديبن جا ڪتاب ڇپائي انهن جي همت افزائي ڪئي ويندي. غير ملڪي ادب کي سنڌي اديبن تائين پهچائڻ لاءِ ترجمي جي همت افزائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت ماضيءَ ۾ پڻ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي ۽ خاص ڪري ٻٽي نظام خلاف سنڌي ادبي سنگت جي شاندار جدوجهد تاريخ جو حصو رهندي. هن چيو ته ٻٽي نظام خلاف جدوجهد جي سزا طور اسان جي خلاف من گهڙت مهم هلائي پئي وڃي، هن چيو ته سيڪريٽري جنرل تي بيٺل مخالف اميدوار محمد علي پٺاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ئي ناهي کيس بوگس ميمبر ٺاهي اسان جي خلاف بيهاريو ويو ۽ ٻٽي نظام جا حامي آفيسر ان جي مهم هلائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان اهو فيصلو سنگت جي ميمبرن تي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي 57 سالن بعد مرڪزي آفيس ڏياري، شاندار شاعري نمبر چپايو، سنگت جا فڪري ڪلاس بحال ڪرايا آهن ان ڪري سنگت جا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر سنڌ دوست پئنل کي ووٽ ڏيندا. هن چيو ته چونڊن جا نتيجا اسان کي قبول هوندا. اهو جمهوري عمل آهي ۽ انتهائي خوش اصلوبي سان ٿيندو رهيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو