نثارابڙو
نائب منتظم
15 اپريل 2009 ۾ سنڌ سلامت جو بنياد پيو، هي اهو دور هو جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ويب سائيٽون موجود هيون، فيسبڪ جهڙي سوشل ميڊيا تي به تمام گهٽ سنڌي دوست سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکندا هيا، جڏهن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ کولبي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پياس رکندڙ جي پيا س نه اجهامندي هئي.
سنڌ سلامت جي بنياد وجهڻ وقت دوستن کي ڪيترائي خدشا هيا ته ان ويب سائيٽ تي ڪهڙا دوست ايندا، ڪيئن مواد پيش ٿيندو ۽ اها ويب سائيٽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا نه ...؟؟؟ پر سنڌ سلامت جي دوستن خاص ڪري رشيد سمون، نثار ناز، ضياء چارڻ، علي ظفر عرف علي علي کي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو جيڪو جنون ۽ چاهه هيو، ان چاهه کين پير پوئتي ڪرڻ ڪون ڏنو.
21 اپريل 2009 تي دوستن پاران مونکي به دعوت نامو مليو ته آءُ هن ويب سائيٽ جو رڪن ٿيان، مون جڏهن هن ويب سائيٽ جو ڀيرو ڪيو ته ڳالهه پسند آئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي سان سنڌ سلامت جي رڪن جي حيثيت اختيار ڪري موجود خالي خانن کي ڀرڻ شروع ڪيو، ڏسندي ڏسندي مختلف پاسن کان دوست ايندا ويا، مواد ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سنڌ سلامت پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا. سچل ڳوٺ کان سليمان وساڻ، شڪارپور کان عبدالوحيد عرف ڦلپوٽو فقير، ڄامشوري جو اسد جت عرف مست، موري کان مولوي رحيم بخش، دادوءَ جو ديوانو عرس پريو ۽ ممتاز وگهيو، طاهر سنڌي، عمران سومرو عرف درويش، عاشق سولنگي، عبدالوهاب قمبراڻي، عباس مگسي، غلام مصطفيٰ ميمڻ. ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ ٻيا سوين سهڻا دوست اچي هن اڱڻ جي زينت ٿيا ۽ سنڌ سلامت جو آسمان ستارن جي جهرمٽ ۾ چمڪڻ لڳو. ( معافيءَ سان چند نالا لکيا اٿم جيڪي ذهن ۾ آيا)
بلڪل ان چوڻيءَ جيئان ته آءُ ته اڪيلو ئي سفر تي نڪتو هيس ۽ دوست شامل ٿيندا ويا، ڪاروان جڙي راس ٿيو. رشيد سمون به چند دوستن سان شايد اڪيلو ئي هليو هو پر اڄ سنڌ سلامت، سنڌيءَ ٻوليءَ جي هڪ سهڻي فورم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ سلامت جا ڪارڪن ۽ عهديدار سڀ جا سڀ سنڌيت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪم کي اڳتي وڌائيندا رهيا، سنڌ سلامت جي خوبين ۾ اضافو ڪندا رهيا، سنڌي ادب ۽ سنڌي مواد وڌڻ لڳو، سموري سنڌ ۾ سهڻا سنڌي نوجوان سنڌ سلامت جي اڱڻ جا ڀيرا ڀڃڻ لڳا ۽ پنهنجين ڪاوشن سان سنڌ سلامت جي ماحول کي سرگرم ۽ ڪارائتو ڪندا رهيا.
سنڌ سلامت جي دوستن هڙا وڙان خرچ ڪري ٽي سال لڳاتار سنڌ جي شخصيتن ۽ مسئلن تي سنڌ جا ڪئلينڊر ڇپائي سنڌي ماڻهن جي هٿن تائين پهچايا آهن، سنڌ سلامت جي دوستن چندا ڪري ضرورتمندن جي مدد ڪئي آهي، سنڌ سلامت جي دوستن، سنڌي ڪتابن کي آنلائين ڪرائڻ واري مقصد تي پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن، سنڌ سلامت جي دوستن، سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا جتن ڪندا رهيا آهن. سنڌ سلامت جا دوست هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جي معني ۽ تفسير کي آنلائين ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سنڌ سلامت جا دوست سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنريءَ تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.
سنڌ سلامت، سنڌي قوم جي خوشين ۾ خوش ۽ ڏکن ۾ ڏکائتي رهڻ واري ثقافت جو رواج وڌو آهي. سنڌ جي مسئلن، سنڌ جي ضروتن، سنڌ جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتن تي بحثن ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيترائي اهم ڪم ڪيا جن ۾ ٽيڪسٽ باڪس تيار ڪيو جيڪو بنا ڪنهن سوفٽ ويئر جي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
گذريل چئن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌ سلامت تي ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جو اضافو ٿي چڪو آهي، هر موضوع تي ڪيترائي ناياب ليک اچي چڪا آهن، خاص ڪري سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان وساڻ ڪيترن ئي ڪتابن تي هڙا وڙان خرچ ڪري، ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت تي آنلائين ڪرايا آهن ۽ هميشه ان ڏس ۾ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.
سنڌ سلامت، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مان مٿاهين ڪرڻ ۾ هر قدم کنيو آهي، ۽ اڃان منزل آسمان جيتري وسيع آهي، انڪري سنڌ سلامت جي دوستن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ” نه ٿڪجو، نه هار مڃجو، نه مايوس ٿجو ۽ نه ئي پوئتي ڪنڌ ورائي منزل جا ڏاڪا ڳڻجو ... “ هلڻ سان ئي فتح آهي، اوهانجو هلڻ سنڌي ٻوليءَ جو انٽرنيٽ تي هلڻ آهي، اوهان سان سنڌ آهي ۽ اوهان سنڌ سان آهيو ...
اوهانجو نعرو اڄ به ڪارائتو آهي ؛ ” سنڌ سلامت ساٿ سلامت “