سنڌ سلامت جي چوٿين سالگرهه جي حوالي سان دوستن کي عرض ڪبو ته هو سوشل ميڊيا تي پنهنجي سنڌي فورم سنڌ سلامت جي وڌ کان وڌ تشهير ڪن۔ فيسبوڪ استعمال ڪندڙ دوستن کي عرض آهي ته اڄ کان هڪ هفتي لاء پنهنجو هي ڪور فوٽو لڳائن۔ جڏهن ته پنهنجي پروفائل تصوير تي سنڌ سلامت جو هيٺيون مونوگرام لڳائن۔
سالگره جي لاءِ دعا کڻي هٿ فجر جو گهران هيءَ دعا، مالڪ منهنجي سنڌ سلامت جا درجا خوب وڌاءِ، لاهيس ڏک ڏاکڙا غم ڪريس جُدا، ڏينهن نه ڏسي ڏکن جا ترقي ۾ هجي سدا، خوش رکينس خدا، دم دم سنڌ سلامت کي۔ آمين ثم آمين۔
سڀني يارن پيارن دلوارن سهڻن دلدارن کي هن اوطاق جي سالگره جون لک لک واڌايون سدا هي اڱڻ اوهان سان مهڪندو ۽ ٽهڪندو رهي آمين سدائين گڏ
سڀني ڀائرن کي سالگره مبارڪ هجي ۽ ادا سليمان جي چوڻ مطابق مون پنهنجي فروفائل جو ڪور فوٽو به تبديل ڪيو آهي۔
سائين تمام بهترين اجهو ٿا اسان به پنهنجو پروفائين تبديل ڪيون۔۔ سڀ رنگ سهڻا سنڌ سلامت جا۔۔ڪهڙا ڏسي ڪهڙا ڏسون۔۔ سنڌ سلامت کي سالگره جي موقعي تي سڀني سڄڻن کي لکين لکين واڌايون۔ اسان هجون نه هجون شل سنڌ سلامت سدا هجي۔