اڄوڪو ڏينهن 14 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

'اپريل' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 14 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون

    جنم ڏينهن:

    14 اپريل 1858ع خيرپور رياست جي سابق وزير محمد يعقوب شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1881ع نواب غيبي خان چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1914ع آرٽسٽ نيوند رام سوني (شڪارپور / احمد آباد) جي پيدائش ٿي.
    14 اپريل 1920ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1920ع ناٽڪ نگار آنند ڪندن مل آڏواڻي (ڪراچي) جنم ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1924ع سياستدان ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1925ع ليکڪ احسان بدوي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1942ع شاعر سيد مدد علي منظر جو جنم ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1970ع شاعر پٺاڻ بڙدي (عبدالله بڙدي) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1982ع صحافي طارق لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1983ع شاعر نوشاد ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    14 اپريل 1847ع حيدرآباد جي اڳوڻي حڪمران هز هاء نيس مير نصير خان جو لاڏاڻو ٿيو.
    14 اپريل 1891ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات جو ڏينهن آهي.
    14 اپريل 1952ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير فيض محمد ثاني جو انتقال ٿيو.
    14 اپريل 1992ع ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جو لاڏاڻو ٿيو.
    14 اپريل 1992ع شاعر سومرو سودائي (دادو) جو انتقال ٿيو.
    14 اپريل 1994ع پاڪستاني سائنسدان سليم الزمان صديقي جو انتقال ٿيو.
    14 اپريل 2007ع اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو انتقال ٿيو.
    14 اپريل 2010ع مذهبي اسڪالر، مفڪر ۽ عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي وفات ٿي.
    14 اپريل 2012ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو لاڏاڻو ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 14 اپريل جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو