بدين: سابق سينيٽر ۽ قومي اسمبلي جي تڪ 225 تي مسلم ليگ فنگشنل پاران نامزد اميدوار بي بي ياسمين شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي تـ سندس مخالف اميدوار قومي اسيمبلي تڪ نمبر 225 بدين ڊاڪٽر فھميده مرزا ملين روپيا قرض معاف ڪرايو آھي جنھن جي ڄاڻ ڇپائي وئي ھئي. جنھن ڪري ھو صادق ۽ امين نـ رھي آھي. وڌيڪ ھن چيو تـ ضلع ھيلٿ آفيسر ضلعي جي سڀني ھيلٿ ورڪرن کي ٻـ مھينن جو پگھار ڏيڻ جي لالچ ڏئي انھن تي زور ڀري رھيو آھي تـ ھو پي پي جي اميدوار جا گھر گھر ورڪ ڪن. ھن مطالبو ڪيو آھي تـ اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ماملي جو نوٽيس وٺي عوام سان انصاف ڪيو وڃي.
ياسمين شاهه ۽ پپو شاهه وري جيڪي صادق ۽ امين آهن سا به سڀني کي خبر آهي ۔۔۔ سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي، مينهن ٿي چوي ڳئونء کي هل ڙي هل پڇ ڪاري۔