• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تمباڪو ڇڪڻ سان منٽن ۾ نقصان ٿيندو آهي

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
تازي ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته تمباڪو ڇڪڻ سان انساني جسم منٽن ۾ متاثر ٿيندو آهي. آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ منيسوٽا جي ٽيم پاران ڪيل ريسرچ موجب ڪينسر جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪيميائي مادو سگريٽ ڇڪڻ سان انساني جسم ۾ تيزي سان تيار ٿيندو آهي.

ماهرن انهيءَ ريسرچ جي متعلق ٻڌايو آهي ته اِها ريسرچ سگريٽ ڇڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏي وارننگ آهي. سگريٽ ڇڪڻ دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. پر انهيءَ ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان سالن بدران منٽن ۾ نقصان ٿيندو آهي.

انهيءَ ريسرچ سان ثابت ٿيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان 15 کان 30 منٽن ۾ جسم کي نقصان ٿيندو آهي.

منيسوٽا يونيورسٽي جي پروفيسر اسٽيفن هيشٽ جو چوڻ آهي ته ”اِها ريسرچ تمام اهم آهي. انهيءَ ريسرچ سان پهريون ڀيرو معلوم ٿيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ ڪيترو هاڃيڪار آهي.

آمريڪا جي نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ انهيءَ ريسرچ لاءِ مالي امداد ڪئي آهي.



default_popular.gif






dots.gif
 
Back
Top