• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زلزلي جا جهٽڪا

سجاد علي سومرو

سينيئر رڪن
شهدادڪوٽ ۽ اوس پاس جي سڀني ننڍن وڏن علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا۔
ماڻهون خوف ۽ حراس وچان گهرن ، عمارتن کان ٻاهر نڪري آيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
يا الله مان پنهنجي ڏوهن جي معافي گهران ٿو
fctzcg.jpg
ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي ويئي ، زلزلي جو مرڪز پاڪ ايران سرحد آهي۔
زلزلو پاڪستان ۾ 3 لڳي 45 منٽن تي آيو جنهن جو وقت 25 سيڪنڊ هيو۔
زلزلو پاڪستان، ايران، ڀارت، دبئي سميت لاڳاپيل ملڪن ۾ پڻ محسوس ڪيو ويو۔
آئون پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئي ته اچانڪ ايل سي ڊي مانيٽر ۽ ڇت پکو لڏي رهيو هئو۔
مون پنهنجي پٽيوالي قاسم کي داهون ڪري ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو۔
جنهن وقت اسين ٻاهر نڪتاسين ته آخري جھٽڪو تمام تيز هيو۔
۔
 
مان پاڻ ننڊ پيو هئس ته زمين لڏي رهي هئي جلدي ٻاهر نڪري آيس
بلڪل سائين اسان جي نئون ديرو شهر جي آس پاس جي سمورن ڳوٺن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا
ماڻهو ننڊن مان اٿي گهرن کان ٻاهر نڪري بيهي رهيا الله سائين اسان تي پنهنجو رحم ڪري اسان ڪهڙا به گندا آهيون آخر بندا ته رب سائين جا آهيون اسان جا عمل ڪرتوت بس الله سائين پنهنجو اسان تي ڪرم ڪري رحم ڪري ۽ گندن ڪمن کان اسان کي بچائي
نيڪ ڪم ڪرڻ جي اسان کي توفيق ڏئي
آمين آمين
 
سئي گيس هيڊ آفيس جي 10 منزله عمارت جي پهرين منزل تي تي هيس ۽ آفيس جي روٽين ڪم ۾ گهڻو مصروف هيس ته جهٽڪو محسوس ٿيو، مون سوچيو ته شايد بيسمينٽ ۾ موجود جنريٽر يا چلر مشين جي خرابي سبب اهو محسوس ٿي رهيو آهي پر پوء لڳاتار ٻيو ۽ وري جڏهن ٽيون جهٽڪو محسوس ڪيم ته سمجهي ويس ته زلزلو آهي ۽ پنهنجي اڳين سيٽ تي ويٺل دوستن کي سڏي ٻاهر نڪرڻ جو چيم، تيستائين سائرن وڄي چڪا هيا، لفٽ مشينون بند ٿي چڪيون هيون پر مونکي مٿي ۾ زور جي جهٽڪن سبب چڪر محسوس ٿيڻ لڳا. ايمرجنسي ريسپانڊنٽ جي مدد سان ڏاڪڻين مان هيٺ لهي اسيمبلي ايريا ۾ کلي ميدان ۾ آياسين جيڪو ڊي سي آفيس سان لڳ آهي. سڄي بلڊنگ چند منٽن ۾ خالي ٿي چڪي هئي.

رب سائين جا لک شڪرانا ادا ٿا ڪيون جو ڪو جاني يا مالي نقصان ڪونه ٿيو ۽ سڀ پناهه ۾ رهيا .... يا الله سڀني کي پنهنجي امان ۾ رک.
 
جڏهن زمين ڌڏائي وڃي جيئن انجو ڌوڏڻ مقرر ٿيل آهي ۽ زمين پنهنجا بارٻاهر ڪڍي ڦٽا ڪري ۽ انسان چوي هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ان ڏينهن اها پنهنجون خبرون ٻڌائيندي ان لئه ته تنهنجي رب انکي حڪم موڪليو انڏينهن ماڻهون پنهنجي رب طرف موٽندا ۔۔۔ مختلف رستا وٺي ۔۔۔ جيئن سندن عمل کين اکئين ڏيکاريا وڃن ۔۔۔ پوءِ جنهن ذري برابر به چڱائي ڪئي ۽ جنهن ذري برابر به برائي ڪئي هو انکي ڏسندو القرآن۔۔۔۔۔۔۔الله رحم ڪري۔
 
ها سائين مان پاڻ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس ائين لڳو ڪو مونکي چڪر آيو هجي ۽ منهنجي ڪرسي لڏڻ لڳي هُئي پو منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست چيو ته يار تو ڪو جهٽڪو محسوس ڪيو، مون چيو ته يار آيو ته سهي پر مان سمجهان ٿو مونکي چڪر ٿا اچن، ان چيو ته نه ٻيلي زلزلي جا جهٽڪا هوندا۔۔ائين چوڻ ۽ وڌيڪ ٻيو جهٽڪو زوردار لڳو ۽ ٻاهر ڀڳا سين۔۔
 
الله سائين رحم ڪيو ۽ اسان سڀ ڳوٺ وارا پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا سين، الله تعالي پنهنجو رحم ڪري۔۔۔
 
ڪاوش جي رپورٽ آهي

پاڪستان، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ زلزلو، بلوچستان ۾ 34 ڄڻا فوت، 100 زخمي، هزارين گهر تباهه، سنڌ ۾ خوف

ڪوئيٽا/تهران/حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران ۽ پاڪستان جي سرحدي علائقي ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، بلوچستان ۾ 34 ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، هزارين گهر تباهه، سنڌ سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ماڻهو خوف ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، ڪراچي ۾ سموريون آفيسون خالي ٿي ويون، پاڪستان ۽ ايران کانسواءِ سعودي عرب، ڀارت، عمان، دبئي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، پر اتي ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، رپورٽن موجب ڪالهه منجهند 3 وڳي ڌاري پاڪستان، ايران، ڀارت ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ زلزلو آهي، پاڪستان ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ زلزلي جي شدت وڌيڪ هئي، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 7.8 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ايران جو ڏکڻ اوڀر وارو علائقو خش ۽ بلوچستان جو ساراوان جو وچولو علائقو هو، زلزلو ايران جي شهر زاهران کان 201 ڪلو ميٽر پري ۽ پاڪستان جي علائقي واشڪ ۾ آيو بلوچستان جي سمورن شهرن ۾ پڻ زلزلي جا شديد لوڏا آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، زلزلي سبب ماڻهون پنهنجن گهرن، دڪانن توڙي آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا زلزلي جي نتيجي ۾ بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي تعلقي ماشڪيل ۾ وڏي پئماني تي تباهي آئي آهي، جتي اطلاعن موجب زلزلي سبب 34 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿي پيا آهن جتي هزارن جي تعداد ۾ گهر پڻ مڪمل طور تي ملبي جو ڍير بڻجي ويا آهن، جڏهن ته اطلاعن موجب هن وقت به ڪيترائي ماڻهو جاين جي ڪريل ملبي هيٺان دٻيل آهن، جن کي امدادي ٽيمن پاران ڪوششون جاري آهن، جتي امدادي ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوتين جي انگ ۾ واڌ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڪوئيٽا مان پاڪ فوج جا جوان ۽ ڊاڪٽرن سميت امدادي ٽيمون هيليڪاپٽرن ذريعي ماشڪيل ۾ پهچي چڪيون آهن، جتي پاڪ فوج سميت امدادي ٽيمن پاران امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ماشڪيل کان علاوه بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا دالبندين، واشڪ، چاغي، مستونگ سميت پاڪ ايران سرحد سان لڳندڙ ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ ڪيترائي گهر توڙي عمارتون ڊهي پيون آهن، ٻئي طرف اوستا محمد۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي بلوچستان ۾ ٿي آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي شهرن پشاور، ڊيرا اسماعيل خان ۽ فاٽا ۾ به زلزلو آيو، ايران جي سيستان صوبي جي گورنر زلزلي ۾ ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ناهي ڪئي، جڏهن ته اطلاع اهي هئا ته اتي به 50 ماڻهو فوت ٿيا آهن، گورنر چيو ته اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته ڪو به ماڻهو فوت ناهي ٿيو، هوڏانهن ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به زلزلي جو جهٽڪن سبب ماڻهن ۾ خوف ڇائنجي ويو ۽ اهي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ڪراچي ۾ڪجهه عمارتن کي ڏار پئجي ويا آهن، هزارين ماڻهو آفيسن ۽ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ دعائون گهريون ويون، حيدرآباد ۾ به اهڙي ساڳئي صورتحال رهي، ان کانسواءِ جيڪب آباد، ٺل، ڪنڌڪوٽ، بدين، ٺٽي، گولاڙچي، تلهار، ميرپورخاص، ڊگهڙي، ڪوٽ غلام محمد، ڏيپلو، چيلهار، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، سکر، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، نوابشاهه، دادو، ميهڙ، رتوديرو، ڏوڪري، شهدادڪوٽ، ٽنڊو الهيار،سيوهڻ، شڪارپور، ۽ ٻين شهرن ۾ به زلزلي جي جهٽڪن سبب ماڻهن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي، مسجدن ۾ خصوصي طور دعائون گهريون ويون، شڪارپور ۾ هڪ عورت دل جي دوري ۾ فوت ٿي وئي.
 
اڄ بتاريخ 24 اپريل تي به پاڪستان ۽ ڀارت ۾ زلزلي جي جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن۔۔ريڪٽل اسڪيل 6.2 رڪاڊ ڪيو ويوآ هي۔​
 
Back
Top