• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت سروي (مڪمل)

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
دوستو 18 فيبروري تي هڪ ليک ۾ ڪُجهه سوالن تي مبني هڪ سروي ڪرڻ لاءِ لکيو هئيم انهي سروي لاءِ پُڇيل سوالن جا جواب موڪلڻ لاءِ ذاتي پيغام ۾ چيو ويو هو۔ پر ڪُجهه دوستن ليک جي جواب ۾ ئي جواب موڪليا جيڪي انتظاميه جي مدد سان اُتان ذاتي پيغام ۾ پُهچايا ويا۔

انهي سروي متعلق فيس بُڪ توڙي ذاتي پيغامن ذريعي جيڪي مون تائين رايا پُهتا سي سڀ هتي ڏيڻ کڻي ممڪن ناهي پر اهو ضرور لکندس ته ڪافي دوستن کي عمومي سوالن تي اعتراض هو۔ ڪِن وري ڪُجهه ٻين سوالن جي راءِ به ڏني پئي ته فلاڻا فلاڻا سوال به رکيجي پئي سگهيا۔

اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته سروي لاءِ سوالن جي چونڊ سڀني جي راءِ وٺي ڪجي ها پر شايد اهو هڪ وڏو وقت طلب ڪم هو ۽ دير ٿي وڃي ها۔ سو ڪرڻ مُشڪل هو۔

آئون شُڪر گذار آهيان سائين نثارابڙو جو جنهن منهنجي، سوال لکڻ توڙي پوءِ به هن سروي جي مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڪئي۔ ٽيڪنيڪل سپورٽ لاءِ ڪمپيوٽر جي ماهر سليمان وساڻ کا به مدد ورتم۔

آخر ۾ انهن سڀني جي مهرباني جن سروي ۾ حصو ورتو۔ ۽ انهن جي به مهرباني جن پنهنجا رايا ڏنا پر سروي جا جواب موڪلي نه سگهيا۔

اُميد ته هي سروي اوهان جي دلچسپي جو باعث هوندي۔ ۽ سڀني جا رايا پڙهي هڪ ٻئي جا خيال سمجهڻ ۾ مدد ملندي۔

سروي هڪ پي ڊي ايف فائيل ٺاهي انهي هتي پڙهڻ لاءِ اپلوڊ ڪئي وئي آهي۔ ڊائون لوڊ لاءِ لنڪ موجود آهي۔

ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو​
 
انتظاميه جو ميمبر هجڻ ناتي دوستن جي راين جو احترام ڪجي ٿو ۽ وقت سر انهن جي راء اسان لاء مفيد ثابت ٿيندي۔ سنڌ سلامت اصل ۾ سڀني دوستن جو نالو آهي۔ اوهان ۽ اسين سڀ ئي سنڌ سلامت آهيون۔

لک قرب دوست حفيظ جا جنهن هي ڪم سهيڙيو۔ باقي مونکي ڪمپيوٽر ماهر واري ڳالهه ساڳي ئي ڪيائين جيڪا الطاف شيخ صاحب ڪندو آهي۔ جيتوڻيڪ سنڌ سلامت جي ٽيڪنيڪل ڪم جو سهرو اسان جي دوست ذيشان رشيد ڏانهن وڃي ٿو ۽ دوست عامر ضياءا ۾ مددگار آهي۔
 
سليمان وساڻ جيئن سرجن ۽ فزيشن هوندا آهن تيئن ڪمپويٽر جا فزيشن ته کڻي ذيشان رشيد ۽ عامر ضياء آهن پر سرجن اوهان آهيو۔ سي به پلاسٽڪ سرجري وارا سرجن۔

اهي خوبصورت ڪارڊ واريون رنگينينون هنن ٻنهي همراهن کان نڪو ٺهن۔

۽ ڪمپيوٽر جي مهارت رڳو فزيشن واري ڪم ۾ ناهي اچي بيٺي۔ سرجن جي به اوتري ئي اهميت آهي۔
 
سائين محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب ۔۔۔ سنڌ سلامت جو اهڙو ڏاهو دوست آهي جيڪو هميشه تخليقي سوچ رکي عمل ڪندو آهي، هي به سندس ذهن جي تخليق هئي ته ڇونه دوستن کان راين جي صورت ۾ سنڌ سلامت لا ڪي مفيد صلاحون حاصل ڪري سگهجن ۔۔۔ سوال پاڻ ئي لکيا هيس جن ۾ ممڪن مون رتي يا تر جيتري ڪا صلاح مصلحت ڪئي هوندي، پر پو به منهنجي نالي کي شامل ڪيو اٿس ۔۔۔۔ لک قرب

سوال ممڪن ڪن دوستن کي نه به وڻيا هجن پر مجموعي طور تي منهنجي نظر ۾ سنڌ سلامت بابت دوستن جا رايا ۽ صلاحون پيش ٿيون آهن ۔۔۔ ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ جي تعليم بابت به ڪافي سٺا خيال دوستن جا سامهون آيا آهن ۔۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان مون ڪجهه تفصيلي پڙهي نه سگهيو آهيان پر پو به سرسري نگاهه ۾ تمام سهڻا جواب ۽ پيشڪش به تمام سهڻي ٿيل آهي ۔۔۔

جنهن نظرئي سان دوست اهي سوال پيش ڪيا آهن، ان حساب سان دوستن به جواب لاجواب ۽ وڻندڙ ڏنا آهن ۔۔۔ آ دوست عبدالحفيظ کي واڌايون ڏيان ٿو ۽ پيشڪش تي سندس ساراهه ڪرڻ کان بغير رهي نٿو سگهجي ۔۔۔۔ تمام سهڻو ڪم ۔۔۔۔

اميد ته سنڌ سلامت پنهنجي محدود وسيلن سان سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ڪندي رهندي ۽ ترقين جي ڏاڪڻ چڙهندي رهندي ۔۔۔

سڀني دوستن جا لک قرب جن پنهنجي ڏاهپ ڀريا جواب ڏنا آهن ۔۔۔۔

منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي، ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا ڏوراپا ڏيئي۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
بهترين ڪوشش ڊاڪٽر صاحب جي۔
هر دوست بهترين جواب ڏنا آهن پنهنجي پنهنجي اداز سان ۽ ڪوشش هوندي ته ان تي عمل به ڪجي انشاالله سنڌ سلامت کي سدائين اوچائي تي پهچائبو۔

سدائين گڏ
 
نهايت بهترين ڪم ڪيو اٿو،پر سائين سروي جي شروع ۾ محترم دوستن جا رايا پيش ڪيو ها ته بهتر ٿئي ها، جئين سائين نثار ابڙو صاحب، سائين سليمان وساڻ صاحب، سائين رحيم بخش صاحب وغيره۔
 
ماشاءَ الله تمام ڀلو، اميد آهي ته دوستن جي مشورن تي عمل ڪندي سنڌ سلامت ان شاءَ الله اڳ کان اڳڀري رهندي۔۔۔
 
منظور ڪلهوڙو صاحن رايا بلڪل هئا ۽ آحن به سهي۔ سروي سان گڏ نه ته هن موضُوع جي جواب ۾ ئي سهي۔ اوهان پڙهي سگهو ٿا۔
سائين منهنجو مقصد اهو هيو ته جيڪو اوهان سروي رپورٽ پيش ڪئي آهي ان ۾ سڀ کان پهريان منهنجا جواب ڏنا ويا آهن ان ڪري مان هڪ ادنا ميمبر آهيان هن سروي رپورٽ جي جوابن جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين نمبر وار سينيئر دوستن جا جواب هجن ها ته بهتر ٿئي ها۔۔منهنجو ته آخر ۾ ڏيو ها۔
 
منظور ڪلهوڙو صاحن رايا بلڪل هئا ۽ آحن به سهي۔ سروي سان گڏ نه ته هن موضُوع جي جواب ۾ ئي سهي۔ اوهان پڙهي سگهو ٿا۔
سائين منهنجو مقصد اهو هيو ته جيڪو اوهان سروي رپورٽ پيش ڪئي آهي ان ۾ سڀ کان پهريان منهنجا جواب ڏنا ويا آهن ان ڪري مان هڪ ادنا ميمبر آهيان هن سروي رپورٽ جي جوابن جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين نمبر وار سينيئر دوستن جا جواب هجن ها ته بهتر ٿئي ها۔۔منهنجو ته آخر ۾ ڏيو ها۔
پيارا توهان اسان سينيئر جونيئر سڀ هڪ فورم جا فرد هڪ فيملي ميمبرن جيان آهيون سڀ ڀائر آهيون سائين جن پنهنجي طرفان بهترين ڪوشش ڪئي آهي ليڪن ان جا جواب تفصيلي ۽ سڀ دوست نه ڏئي سگهيا آهن اميد ته آئنده ان عمل کي مزيد سلجهائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جنهن ۾ اسان سڀ شريڪ ٿي پنهنجي راين سان هن فورم کي بهتر کان بتهرين بنائڻ جون صلاحون ڏئي هڪ مڪمل سروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔
 
منظور ڪلهوڙو صاحب اوهان جي ڳالهه صحيح آهي۔ اها پريشني مون کي به هئي۔ پر سينيئر ميمبرس جي سادگي ۽ اعلى ظرف ڏسندي مون لاءِ اهو ممڪن نه هو ته ڪنهن کي هيٺ ۽ مٿي رکجي؟ سو مون کان اهو ٻُڌائڻ وسري ويو پر ڪيم ايئن ته مون وٽ جنهن ترتيب سان جواب آيا مون انهي حساب سان ئي رکيا آهن۔

اوهان سڀني کان پهرين جواب ڏنا سو اوهان پهرين نمبر تي آهيو۔
 
منظور ڪلهوڙو صاحب اوهان جي ڳالهه صحيح آهي۔ اها پريشني مون کي به هئي۔ پر سينيئر ميمبرس جي سادگي ۽ اعلى ظرف ڏسندي مون لاءِ اهو ممڪن نه هو ته ڪنهن کي هيٺ ۽ مٿي رکجي؟ سو مون کان اهو ٻُڌائڻ وسري ويو پر ڪيم ايئن ته مون وٽ جنهن ترتيب سان جواب آيا مون انهي حساب سان ئي رکيا آهن۔

اوهان سڀني کان پهرين جواب ڏنا سو اوهان پهرين نمبر تي آهيو۔

سائين پو ان جو مطلب اهو ٿيو ته مان سڀ کان پهريان سنڌ سلامت تي ايندو آهيان۔۔لڳي ٿو ٻيا ڀاتي ننڊ مان اٿن، وري، ڏندڻ پاڻي ڪن، ناشتو ڪن، تيسيتائين منجهند ٿيو وڃي ٿي۔۔۔ٻيلي ائين نه ڪيو۔۔سوير سمهو، سوير اٿو۔۔۔۔ههههههههها
 
Back
Top