محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو آواز

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو آواز

    محمد سليمان وساڻ

    جڏهن به سنڌ جي انهن شخصيتن کي ياد ڪبو جن سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج کي شعور، علم ۽ ڏاهپ عطا ڪئي آهي انهن مان محمد ابراهيم جويو جو نالو به گهڻن کان مٿاهون نظر ايندو. محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي جيئري تاريخ ۽ گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي. جويو صاحب هڪ اهڙو شخص جيڪو دادو ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ پيدا ٿيو ۽ پوء سنڌ جو عظيم دانشور بڻجي ويو. ڪراچي جي ريجنٽ پلازا هوٽل ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان سندس زندگيء تي اردو ۾ لکيل 750 کان مٿي صفحن تي مشتمل ڪتاب “محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪِي آواز” جي مهوتي تقريب ۽ سيمپوزيم منعقد ڪرايو ويو. هن ڪتاب جو ليکڪ اردو جو ناليوارو اديب ۽ ليکڪ سيد مظهر جميل آهي. سيد مظهر جميل سنڌي ۽ اردو ادب جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ان موقعي تي سنڌي ۽ اردو جي مڃيل اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن سائين محمد ابراهيم جويو کي هڪ صدي جو آواز ڪوٺيو جيڪو سدائين سنڌ ۾ گوجندو رهندو، هنن چيو ته جويو صاحب جي زندگي جا اسي سال ادب، سماج ۽ تعليم لاء وقف ٿيا آهن. هنن چيو ته ابراهيم جويو صاحب جي ترقي پسندانه ۽ آزادانه سوچ سنڌ جي ماڻهن لاء مشعل راهه بڻي آهي پر سدائين سندس راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    ابراهيم جويي ڪمزوري سبب ڊائيس بجاء ڪرسي تي ويٺي ئي ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته مان پنهنجي باري ۾ ڳالهائي ميان مٺو ٿيڻ نه ٿو چاهيان. هتي جن به ڳالهايو مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته اوهان جو پيار ڏسي ماضي ۾ مليل تڪليفون وسري ويون آهن. صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر پيرزاده قاسم چيو ته بدقسمتي سان اسان جو معاشرو ڪتاب ۽ علم دشمن رهيو آهي پر پوء به جويي صاحب جهڙن ماڻهن پاڻ پتوڙيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جويي صاحب کي علم دوست معاشرو ملي ها ته جيڪر سنڌ هن وقت ترقي جي معراج ماڻي ها. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهر الحق صديقي چيو ته اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح جويي صاحب کان سکندا رهيا آهيون ۽ اسان سڀ سندس مداح به آهيون. ڪتاب جي ليکڪ سيد مظهر جميل چيو ته مان اها ڳالهه فخريه ڪيان ٿو ته منهنجي هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري گهڻي وڌي آهي جو ان جو موضوع محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي محمد ابراهيم جويو سنڌ سميت پاڪستان جي ترقي پسند ليکڪن ۽ اديبن جو سرواڻ آهي. ان موقعي تي ناليواري صحافي نذير لغاري چيو ته مون سميت گذريل 80 سالن ۾ سڀني ليکڪن ۽ دانشورن جو جويو صاحب استاد ٿئي. هن چيو ته جڏهن اسان هن خطي جي ادب جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌي ۽ بنگالي ٻولين جو ادب معياري ۽ سماج کي اڏيندڙ رهيو آهي. ان جو سبب جويي صاحب جهڙا ماڻهو ئي آهن.
    ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته سنڌ کي جويي صاحب تي ناز آهي ڇو ته هو سوشلسٽ ۽ قومپرست نظرين جو حامي رهيو آهي. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته جيڪڏهن جويي صاحب جهڙو فقير منش ۽ درويش طبيعت ماڻهو پاڙيسري ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ته يقينن هن کي ساڌو يا سنت جو درجو ڏئي پوڄيو وڃي ها. پروفيسر ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته اسان جڏهن به سنڌي ادب تي نطر وجهون ٿا ته ان جي هر تاريخ ابراهيم جويي جي ادبي ۽ علمي خدمتن جواعتراف ڪري ٿي. جويي صاحب جي زندگي سنڌ سان چاهت ۽ نه کٽندڙ جدوجهد جو نالو آهي. مسلم شميم چيو ته جويو صاحب جي ڪم کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، سندس ڪم، خدمتن ۽ ڪارنامن سبب هو امر آهي ۽ امر رهندو. ان موقعي تي سنڌي جي ناليواري نقاد ۽ ليکڪ ممتاز مهر چيو ته ابراهيم جويو سنڌ جو والٽيئر ۽ انقلاب جو دائي آهي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض پروفيسر سليم ميمڻ ادا ڪيا جڏهن ته ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظورڪناسري آيل ماڻهن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڪتاب “محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪِي آواز” جي مهورت به ڪئي وئي.

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي سڪار ۾ ڇپيل ساڳي رپورٽ​
    [​IMG]
     
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا مهربانيون۔ تمام سٺي ونڊ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هڪ صديء کان به پوء ڪو پڇائي پتو ڀونِ ڀڻڪجو هتي هيو ابراهيم جويو به ڪو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بيشڪ محترم محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو آواز آهي ۽ هميشه زنده رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو