جهاڳي وڃبا جيت لئه جبل توڻي جيل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    جيئي سنڌ متحده محاذ تي پابندي يا سنڌين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي سازش؟؟؟
    جهاڳي وڃبا جيت لئه جبل توڻي جيل
    منصور نثار
    سنڌ عدم تشدد ۽ مفاهمت واري سياست جي ڪري گهڻو ڪجهه ڀوڳي رهي آهي پر مفاهمت جي راڳين جيڪي سنڌ سان ڪلور ڪيا آهن شايد اهي ڪنهن آمر جنرل جي دور ۾ به نه ٿيا هجن، مفاهمت جي جهنڊي هيٺ 5 سال حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي هونئن ته وڏا پاپ ڪيا آهن پر ويندي ويندي به آمر مشرف جي کنيل قدمن کان به ٻه قدم اڳتي وڌندي سنڌ جي تاريخي حقن لا اٿندڙ سگهاري آواز کي به خاموش ڪرڻ لا هڪ نوٽيفڪيشن ڪڍي وئي آهي، جنهن جو اصل مقصد ته سنڌ جي آواز کي خاموش ڪرڻ ئي آهي پر انهي سان گڏ سنڌين کي دهشتگرد پڻ قرار ويو آهي، جڏهن ته سنڌي جيڪي ڪڏهن دهشتگرد ته ناهن بڻيا پر دهشتگردن جا ڪٽر مخالف ضرور رهيا آهن ۽ مذهبي انتهاپسندي جي سخت مخالفت باوجود انهن جو نالو انتهاپسندن سان ڳنڍڻ جي ناپاڪ ۽ اڻ وڻندڙ سازش پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن جا تفصيل ڪجهه هن ريت رپورٽ ٿيا آهن.
    ”وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي مزاحمتي تنظيمن جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم)، بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (بي ايس او) آزاد ۽ يونائيٽيڊ بلوچ آرميءَ سميت 13 تنظيمن تي مڪمل طور پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سنڌي ۽ بلوچ قوم پرست جماعتن تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو پيپلز پارٽيءَ جي مدو پورو ڪري ويندڙ حڪومت پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ڪيو هو، جنهن جو گزيٽ نوٽيفڪيشن پهرين اپريل تي صوبن ڏانهن موڪليو ويو آهي. گذريل وفاقي حڪومت جي گهرو وزارت طرفان 15 مارچ 2013ع تي ٿيل فيصلي جي نوٽيفڪيشن نمبر (1) F. 1/3/2013. Poll 1 کي”غير معمولي گزيٽ آف پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ان نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته: 13 تنظيمون دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن، جن ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم)، بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (آزاد)، يونائيٽيڊ بلوچ آرمي، تحريڪ طالبان سوات، تحريڪ طالبان مهمند (ٽي ٽي ايم)، طارق گيدڙ گروپ (ٽي جي پي)، عبدالله عظيم برگيڊ، ايسٽ ترڪمانستان اسلامڪ موومينٽ، اسلامڪ موومينٽ آف ازبڪستان، اسلامي جهاد يونين، برگيڊ 313، تحريڪ طالبان باجوڙ، ۽ امربا المعروف ونهي عن المنڪر (حاجي نامدار جي پي) شامل آهن، جنهن ڪري اينٽي ٽيررسٽ ايڪٽ 1997ع هيٺ، اهي تنظيمون بندش پيل قرار ڏنيون ويون آهن، کين فرسٽ شيڊول ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن تنظيمن جا بئنڪ اڪائونٽ ۽ ٻيون ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون، انهن تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي تحرير ۽ تقرير جي آزادي ختم ٿي وئي آهي، کين جلسو ۽ جلوس ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. واضح رهي ته ويجهڙ جي دور ۾ مختلف تنظيمن تي اهڙي قسم جي پابندي پهريون ڀيرو جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ مڙهي وئي هئي، ساڳي ئي قسم جو ٻيو قدم پ پ جي مدو پورو ڪري ويل حڪومت کنيو آهي، جنهن .بعد هاڻي مٿي ڄاڻايل بندش مڙهيل تنظيمن جي نالن کان گڏيل قومن کي به آگاهه ڪيو ويندو“.
    اهو نوٽيفڪيشن پڙهڻ کان پو ڪجهه حقيقتون به ڄاڻڻ گهرجن ته جنهن تنظيم جيئي سنڌ متحده محاذ کي دهشتگردن قرار ڏئي ان تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ تنظيم جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي آزادي تي بندش مڙهيندي انهن جي لکڻ ۽ مظاهرن ڌرڻن تي به وار ڪندي روڪڻ لا پابندي لڳي چڪي آهي پر جيڪڏهن جسمم دهشتگرد تنظيم آهي ته انهن جي ڪارڪنن يا اڳواڻن ته هن وقت تائين ڪو به دهشتگردي جو اهڙو واقعو ناهي ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جو ڪو به ٻچو مارجي ويو هجي. ان باوجود به هن کي ڪهڙي بنياد تي دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي؟ جيڪڏهن جسمم دهشتگرد تنظيم هجي ها ته انهي جا اڳواڻ سنڌ جا ڪونڌر پٽ شهيد نه ٿين ها جن جا تفصيل هيٺين ريت آهن.
    21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي سانگهڙ ويجهو ڪار اندر گوليون هڻڻ کان پو باهه ڏئي ساڙيو ويو جنهن ۾ سرائي قربان ۽ روپلي ٿڏي تي ئي سنڌ تان سر قربان ڪري ڇڏيو ۽ نورالله تنيي ڪجهه ڏينهن کان پو اسپتال ۾ سنڌ لا حقن جي حاصلات جي راهه ۾ پنهنجو ساهه ڏئي ويو، واضح رهي ته 2009ع ۾ سرائي قربان کهاوڙ شهداد ڪوٽ کان سن تائين پهريون فريڊم (آزادي) مارچ ڪيو هو جنهن کي لانگ مارچ جو نالو ڏنو ويو هو، اهڙو مارچ سنڌ دشمن ڌرين کي اک ۾ ڪنڊو ٿي لڳو ۽ سائين جي ايم سيد جي 107 ورسي جي موقعي تي سن ۾ سرائي قربان، روپلي، ذوالفقار ڪولاچي، مظفر ڀٽو جيڪي تقريرون ڪيون هيون اهي رياستي اهلڪارن لا ناقابل برداشت هيون جنهن ڪري ئي کين مارڻ لا هڪ فهرست ترتيب ڏيندي رياستي آپريشن ۾ تيزي برپا ٿي وئي ڇو ته انهي موقعي تي هر قومي ڪارڪنن جي لب تي هڪ ئي صدا هئي ته
    ”ڪات منهنجي ڪنڌ تي آ نچندو اچان
    جيئي سنڌ جيئي سنڌ آ چوندو اچان“
    جڏهن ته سرائي قربان جي ساٿين سميت شهادتن کان پو مظفر ڀٽو جي شهادت جو وارو آيو، جسمم جي سرگرم ۽ بهادر اڳواڻ شهيد مظفر ڀٽو کي زندگي ۾ ٻه ڀيرا کنڀي زندان جي ديوارن جو مهمان بڻايو ويو. پهريون ڀيرو کيس ڪجهه مهينن تائين ڳجهن ادارن باندي بڻائڻ کان پو کيس ڇڏي ڏنو هو. جڏهن ته بعد ۾ کيس 2011ع ۾ نيو سعيد آباد ٽول پلازا وٽان هڪ هوٽل تان کنڀي گم ڪرڻ بعد 22 مئي 2012ع ۾ سندس چچريل لاش هٽڙي جي جهنگ ۾ اڇلايو ويو. ان کان علاوه جسمم جي جوائنٽ سيڪريٽري ذوالفقار ڪولاچي کي به 5 مارچ 2011 تي ڪراچي ۾ بم ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو. ان کان اڳ جڏهن جسمم خلاف رياستي آپريشن جي اڃا شروعات ڪئي وئي هئي ته سڀ کان اڳ جسمم جي بهادر اڳواڻ سميع الله ڪلهوڙي کي کنڀيو ويو هو جيڪو 5 مارچ تي سنڌ تان صدقو ٿي ويو سميع الله کي ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کنڀي تشدد ڪيو هو، جن وٽان سميع الله ڪلهوڙو 13 فيبروري 2005 تي قيد مان ڀڄي نڪتو هو. پر قصو اتي دنگ نٿو ٿئي گذريل سال جسقم چيئرمين بشير قريشي جي خون سميت 17 اپريل تي پروفيسر اعجاز سولنگي کي ذهني ٽارچر ڪري شهيد ڪيو ويو. جنهن مبينا خودڪشي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڳجهن ادارن پاران ڌمڪيون ملڻ جون دانهون ڪيون هيون. پر اڄ اهڙي ڪهري آپريشن کان پو به جسمم جي سمورن ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي چپن تي اڃا به اهي ئي لفظ آهن ته
    پنهنجا ڏسي ميل، الا هُلي ويون هيل
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ....
    ڀاڳين هوندي ڀون جي، هي ڇو هيڏي ڀَيل
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ....
    او پنهنجا ڏسي ميل
    جهاڳي وڃبا جيت لئه، جبل توڻي جيل
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ....
    ماروئڙن جي ماڳ تي، ورين جا هي ويل
    الا فوجين جا هي ويل
    ڳالهين هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ....
    او پنهنجا ڏسي ميل
    کَٽي اچ کُٽايون کوٽن جا هي کَيل
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ....
    او پنهنجا ڏسي ميل
    مٿين سمورن تفصيلن سان گڏ اها ڳالهه به غور ڪرڻ وٽان آهي ته نوٽيفڪيشن ۾ حقيقي دهشتگرد يا انتهاپسند مذهبي تنظيم سپاهه صحابه ۽ انصار الاميه جو نالو شامل نه آهي جنهن تي مشرف دور ۾ پابندي لڳائي وئي هئي پر هن وقت اها پابندي مڙهيل تنظيم سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ سرعام جلسا جلوس ته ڪري رهي آهي پر انهي تنظيم کي هينڊل ڪندڙ حافظ سعيد به آزاد گهمي رهيو آهي ته پو انهي خلاف ڇو نه ٿو ڪو ايڪشن کنيو وڃي ايترو ئي نه پر سپاهه صحابه ته ڪراچي ۾ شرانگيز چاڪنگ به ڪري رهي آهي ۽ انهي جي لنڪ طالبان سان لڳي ٿي جيڪي دهشتگردي جي واقعن جي ذميواري به قبول ڪن ٿا پر پو به مفاهمت انهن جي اڳيان جهڪيل رهي ڇو ته مذهبي تنظيمون هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان ئي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ جسمم ته پنهنجي پهرين ڏينهن کان هن وقت تائين نه ڪو دهشتگردي جو واقعو ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن واقعي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. البته جن واقعن جي کي بنياد بڻائي نوٽيفڪيشن ۾ جسمم جو نالو ڏنو ويو آهي انهن ۾ ته پهريان سنڌوديش لبريشن آرمي کي ذميوار قرار ڏنو ويندو هو جنهن جو سربراهه درياهه خان آهي نه ڪي شفيع برفت چيئرمين آهي پو ڪهڙي بنياد تي جسمم کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي؟ انهي بنياد تي هو هن وقت سنڌ جي فريڊم فائيٽر فيڊريشن طور تمام گهڻو اڳتي نڪري آئي آهي؟ يا انهي بنياد تي سنڌ لا جسمم عدم تشدد واري تحريڪ بدران مزاحمت تي يقين رکي ٿي؟ يا جسمم ۾ نوجوان نسل جو وڏو انگ ڏسي رياست گهٻرائجي وئي آهي ته ڪٿي اهي نوجوان رياست جا ترا نه ڪڍي وجهن؟ ڇو ته هنن کي ياد هوندو ته اهي به سنڌي نوجوان ئي هئا جن ضيا آمريت کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو هو. معاملا جا سمورا پاسا ڏسڻ کان پو اسان جسمم جي جدوجهد کي هن سٽن جيان سمجهون ٿا ته ”ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ تنهنڪري جسمم تي پابندي جي سخت مذمت ڪندي گهر ڪريون ٿا ته پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب هر ماڻهو کي آزاد جيئڻ ۽ حق گهرڻ وارو اختيار ڏنو وڃي نه ڪي آئين جي خلاف ورزي ڪندي مٿن پابنديون وڌيون وڃن پر پابنديون وجهندڙن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شهادتن سان تحريڪون ماٺارجي ناهن وينديون ويتر تيز ٿي وينديون آهن ۽ پابنديون ئي انهي کي ٽوڙڻ يعني مزاحمت وارو دڳ وٺرائڻ تي مجبور ڪنديون آهن. ان کان علاوه اسان هر سنڌي جيڪو سنڌ جا تاريخي حق چاهي ٿو انهن کي اپيل ڪريون ٿا ته جسمم تي پيل پابندي خلاف سگهارو آواز اٿاريو وڃي ٻي صورت ۾ هي سازشي عنصر پنهنجي انهي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ته سنڌي دهشتگرد آهن جن مان جسمم به هڪ آهي جيڪا ڳالهه حقيقت جي بلڪل ابتڙ ۽ اڻوڻندڙ آهي. ڇو ته جسمم ئي سنڌ جي اها واحد تنظيم آهي جنهن سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ انتهاپسندي خلاف سڀني کان وڌيڪ ئي مظاهرن جي ميدان ۾ رهي آهي پو انهي کي دهشتگرد ڪيئن ٿو چئجي سگهجي؟ دهشتگرد ته اهي ٿيندا آهن جيڪي رپين عيوض ماڻهو ماريندا آهن، مسجدن ۾ ڌماڪا ڪندا آهن، جيڪي ڪراچي ۾ سنڌين جون ڇاتيون گولين سان پروڻ ڪندا آهن، دهشتگرد ته اهي آهن جيڪي ڪاشف پنهنجي ڪتاب ۾ ثبوتن سان ڄاڻايا آهن انهن تي پابندي ڇو نٿي وڌي وڃي، ويتر انهن ڪراچي جي دهشتگردن جن کي ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ ٻين تنظيمن جي سرپرستي حاصل آهي انهن کي ته اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪندي مٿن پابندي بدران حڪمراني جو حق ڏنو ويندو آهي؟ ۽ ڪراچي کان لاهور جي دهشتگردن توڙي خيبرپختونخواهه جي طالبان جي هر چرپر جي خبر هئڻ باوجود انهن سان ته ڳالهيون ڪيون پيون وڃن انهن تي پابندي لڳائي يا زندهه ڇو نه ٿو ساڙيو ماريو وڃي؟ سنڌي ته هميشه دهشتگردي جي خلاف رهيا آهن پو انهن کي ڇو ٿو دهشتگرد قرار ڏنو وڃي؟ انهي جو اهو مطلب آهي ته تاريخي حق نه گهريا وڃن تهنڪري سنڌين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ واري سازش کي ناڪام بڻائڻ لا سڀني کي گڏجي سگهارو آواز اٿارڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسان جيڪو ڪجهه وڃائي چڪا آهيون اهو ماڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اهڙو مطالبو ڪرڻ جهڙا به نه رهنداسين. ۽ آخر ۾ آ انهن سنڌين لا صرف ايترو ئي چوندس جيڪي فريڊم فائيٽنگ ڪرڻ تي جسمم کي جيڪڏهن دهشتگرد سمجهڻ واري بي سمجهي ڪري رهيا آهن ته پو اهي فريڊم فائيٽر شهيد هيمون ڪالاڻي، هوش محمد شيدي، دولهه درياهه خان، سورهيه بادشاهه ۽ ٻين کي سنڌ جو هيرو ڇو ٿا سمجهن؟ جيئن انهن کي دهشتگرد سڏڻ غلط آهي تيئن جسمم کي به دهشتگرد چوڻ ڪو نه ٿو سونهين ڇو ته هي به ته فريڊم فائيٽر فيڊريشن آهي، ان کان علاوه فريڊم فائيٽنگ ڪرڻ تي جيڪڏهن پاڪستاني آئين ۾ دهشتگردي آهي ته سڀ کان پهريان ملڪ جي باني کي هيرو سڏڻ بدران دهشتگرد ڇو نه ٿو قرار ڏنو وڃي؟ انهي به فريڊم فائيٽنگ جي سرواڻي ڪئي هئي. انهي ڪري سنڌين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ واري سازش کي سمجهندي سڀني سنڌين ليکڪن، وڪيلن، شاگردن، مزدورن، شاگردياڻين، نوجوانن توڙي جهونن جوانن کي جسمم جو ساٿ ڏيڻ سان گڏ پابندي جي ڀرپور مزاحمت ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تڪبندين جي معاملي تي به گڏيل قومن ۾ وڃي سگهي ٿي پو سنڌين جو رستو ڪنهن روڪيو آهي ڇا؟ جسمم سميت جنهن به ماڻهو کي جيتري سگهه آهي ان کي استعمال ڪندي اهو معاملو گڏيل قومن ۾ آڻڻ سميت دنيا جي طاقتور ملڪن کي به ايپلون ڪيون وڃن ته پابندي ختم ڪئي وڃي.
    Mansoornisar786@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين هتي الائي ڪيترا لشڪر ٺهيا جن مذهب جي نالي تي ڪيترائي ماڻهو ڪٺا، فوج ڇا ڇا نه ڪيو، ڪيترا ڪونڌر ڪٺا ۔۔۔۔ پر پوء به ڌرتي جي رکوالن تي پابندي؟ فرسوده نظام ۽ فرسوده سوچ هوندي چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو