• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چنگچي جون چڱايون

جميل احمد

سينيئر رڪن
چنگچيءَ جون چڱايون
ڪجھ سال پهرين چنگچين جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ،اسان جي ڳوٺان روزانو صبح جو سوير هڪ ڊاٽسن سوارين کي کڻي ٽنڊوالهيار پهچائيندي هئي،ڊاٽسن ۾ نه جھنگلو لڳل هوندو هو ۽ نه ئي وري سيٽون لڳل هونديون هيون،گرمي ۾ ته جيئن تيئن ڪم ڪڍي وڃبو هو، پر سياري جي مند ۾ سيارو سٽي ڇڏيندو هو،تنهڪري ڊرائيورسان گڏ ٻن سيٽن جي بڪنگ لاءِ اڌ ڪلاڪ اڳواٽ وڃي سيٽ تي قبضو ڪبو هو.ڳوٺ مان ڳوٺ ۾ جيڪي ڀاڄي وڪڻڻ وارا روزانو ٽنڊوالهيار شهر مان ڀاڄيون ۽ ٻيو ڪجھ سامان خريد ڪرڻ ويندا هئا، اڪثريت ته انهن جي هوندي هئي.ڪجھ کير وڪڻڻ وارا به ڊم اچي ماڻهن جي وچ ۾ رکندا هئا.ان کان علاوه اهي نوڪرين وارا جن جون نوڪريون شهرن ۾ هونديون تن کي به ان ڊاٽسن ۾ ئي وڃڻو پوندو هو،ڇاڪاڻ ته ان کانسوءِ ٻئي سواري نه هوندي هئي، صرف گھوڙن وارا ٽانگا هوندا هئا
وڌيڪ پڙهو
 
Back
Top