منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت هڪ گهر مثل بڻجي چڪو آهي، جڏهن به هن گهر جو ڪو ڀاتي نظر ڪين ايندو آهي ته اُلڪو ٿي پوندو آهي، اهڙي ريت ڪجهه ڏينهن کان مان سائين رشيد صاحب کي نه ڏسي سگهيس ته سائين عرس پريو سان حال احوال ٿيا ته ان ٻڌايو ته ڳوٺ ويل آهن، ۽ پو سنڌ سلامت تي آن لائن ڏسي خوشي ٿي، ۽ وري ڪجهه دوستن جا گذريل ڏينهن جا ليک پڙهندو آهيان ته محسوس ٿيندو آهي ته دوست، سنگتي ساٿي هن اکڻ جو حصو آهن ۽ ڀيرو ڀريندا رهن ٿا، پر ڪجهه ڏينهن کان اسان جي سهڻي ، سٻاجهڙي ساٿي جيڪو نهايت شفيق هئڻ سان گڏ محبتي ماڻهو پڻ آهي ، سائين غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب ڪجهه ڏينهن کان منهنجي نظر کان نه گزريا آهن نه ئي ڪو انهن جو ڪو تازو موضوع پڙهڻ لا ملي سگهيو آهي، الله پاڪ سندس جي آس پاس رحمت جا مينهن وسائيندو رهي شل امن ۽ امان ۾ هجن ، اميد ته هن ليک جي عيوض جلد کان جلد حاضري ڀريندا ته هي اڱڻ تي جيڪا انهن جي نه هئڻ سان اداسي ڇانيل آهي اها ختم ٿي وڃي۔ اهڙي ريت سائين افتخار صاحب جن به ڪون ٿا نظر اچن الله پاڪ انهن جي پاسي به خير ڪري، شل جتي به هجن خوش هجن اميد ته جلد ڀيرو ڀري پنهنجي موجودگي جو احساس جياريندا رهندا، اهڙي ريت سائين رضوان جمالي، سائين طاهر سنڌي، سنڌي ميڊيا (عبدالرزاق ميمڻ)، نٿار ناز، هڪ پراڻو ساٿي علي علي۔۔اسان جي سنڌي ادڙين ۾ خبر ناهي ڪيڏانهن غائب ٿي ويون آهن۔۔ انهن کي بههن ڀا جي اپيل آهي تي پنهنجي قيمتي وقت مان ٿورو وقت ڪڍي هن اڱڻ تي ڀيرو ضرور ڀريندا۔۔۽ ٻيا گهڻا دوست خبر ناهه ڪٿي وڇوڙو ڪري ويا آهن، اميد ٿو ڪيان ته جلد کان جلد ديدار ڪرائي اندر جو اُلڪو دور ڪرائيندا ته سڄڻن جا لکين قرب ڀائيندم۔۔الله پاڪ کان دعا آهي ته شل سنڌ سلامت جي سونهن سدائين قائم ۽ دائم هجي، هن سهڻي گهر جي رونق اسان سڀني جي هجڻ سان ئي آهي اميد ٿو ڪيان ته منهنجو هي پيغام اوهان سڄڻن کي ميڙي هڪ ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبو۔۔آمين