• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 17 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 17 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

17 اپريل 1905ع تعليمدان هري لال ڀارواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 اپريل 1909ع صحافي ۽ آزادي پسند تحريڪ جي رڪن ديپچندر تلڪوچن (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1923ع اسڪالر نبي بخش قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 اپريل 1927ع شاعر احمد خان گلزار جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1943ع آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر عاشق عارباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1944ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1950ع شاعر ڪمال سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1953ع ليکڪ رجب سمون (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1955ع ليکڪ امان الله ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جوجنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1960ع سگهڙ قادر بخش چنو جي جنم جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

17 اپريل 1929ع ليکڪ پهلاج راءِ واسواڻي ديهانت ڪري ويو.
17 اپريل 1965ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحليم راجنپوري جو لاڏاڻو ٿيو.
17 اپريل 1999ع مولوي قادر بخش قاسمي جي وفات ٿي.
17 اپريل 2007ع اداڪاره شيلا راماڻي انتقال ڪري وئي۔
17 اپريل 2010ع سماج سڌارڪ غلام نبي ڀنگر (جيڪب آباد) جو انتقال ٿيو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top