اداڪاره شيلا راماڻي محمد عثمان ميمڻ هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1958ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو، 1942ع ڌاري نوابشاهه جي ڳوٺ ڀرين ۾ ڄائي. سندس خاندان جي باري ۾ گهڻي معلومات نٿي ملي. فلم ’اباڻا‘ ۾ ساڌنا سندس ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانئس آٽوگراف گهريو ته ان وقت شيلا راماڻيءَ کيس چيو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو تون وڏي اسٽار ٿيندينءَ ۽ آءٌ تو کان آٽوگراف وٺنديس. شيلا راماڻيءَ جي اها ڳالهه پوءِ سچي ثابت ٿي. شيلا راماڻيءَ پاڻ به هندي سينيما ۾ چڱو نالو ڪڍي. جڏهن ته پاڪستاني فلمساز شيخ لطيف سندس چاچو چيو وڃي ٿو، جيڪو لڇو جي نالي سان سڏبو هو، هن پتن (1955) خزان ڪي بعد (1955) دربار حبيب جهڙيون فلمون ٺاهيون. لڇو ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ڪونه ويو ۽ مسلمان ٿي هتي رهيو. 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ شيلا هندستاني فلمن ۾ هيروئن ۽ سائيڊ هيروئين جا ڪيترائي رول ڪيا. هن پنهنجي فلمي زندگي جو آغاز وي شانتا رام جي فلم ”تين بتي چار راستي“ سان ڪيو،جنهن ۾ هن هڪ سنڌي ننهن جو ڪردار ادا ڪيو هو، انهي فلم ۾مٿس هڪ سنڌي گانو “سڪ ۾او سڪ ۾“ فلمايو ويو هو جيڪو مشهور ٿيو.ان کان پوءِ 1954ع ۾ فلم “ٽيڪسي ڊرائيور“ ۾ ڪلب ڊانسر جو رول خوبصورتي سان ادا ڪيو.1958ع ۾ جڏهن سنڌي فلم“اباڻا“ ٺهي ته ان ۾ کيس هيروئن جو رول مليو. 1956ع ۾ هو پنهنجي چاچي جي دعوت تي ڪراچي آئي جتي هن هڪ فلم “انوکي” ۾ ڪم ڪيو،مٿس زبيده خانم جو گانو “گاڙي ڪو چلانا بابو“ فلمايو ويو،اها هڪ مزاحيه فلم هئي. هن ڪل 20 کن فلمن ۾ ڪم ڪيو.جن جو تفصيل هن ريت آهي. 1.تين باتي تين راستي (1953) 2..سرنگ (1953) 3. ڪلاڪار (1954) 4. ٽيڪسي ڊائيور (1954) 5. مينار (1954) 6. هنگو (1954) 7. گهمنڊ (1953) 8. جورو ڪا ڀائي (1955) 9. شاهزاده (1955) 10. گرو گهنٽال (1956) 11. غلام، بيگم بادشاه (1956) 12. (سلظان ڊاڪو(1956) 13انجلي (1957) 14.اباڻا (سنڌي فلم 1958) 15… ممتاز محل (1959)16.(فنٽوش (1956) 17.جنگل ڪنگ (1959) 18.رٽرن آف سپر مين (1960) 19. مان بيٽا (1962) 20 انوکي ( پاڪستان 1956). هن وقت جي سڀني وڏن اداڪارن ۽ هدايتڪارن سان ڪم ڪيو جن ۾؛ وي شانتا رام، اننت ماڻي، چيتن آنند، هيمن گپتا، اين اين انصاري، موهن صابر، ليکراج ۽ باکري شامل آهن. ايڪترن ۾ ششيلا، ونود ڪمار، راجا سيٺي، ديو آنند، بينا راءَ، شيخ مّختيار، راجڪمار، بلراج ساهني، جاني واڪر، بيگم پارا، نمي، منوج ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن. .. 1963ع کان پوءِ فلمن کي خيرباد چئي آمريڪا وڃي رهي، جتي17 اپريل 2007ع ۾ وفات ڪيائين. روزانه مهراڻ جي ٿورن سان _______