ڪارڪن جو قدر ڪڏهن ٿيندو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    [​IMG]


    عبدالڪريم سومرو
    ڪارڪن جو قدر ڪڏهن ٿيندو
    عام چونڊون 2013ع نوان نوان رُخ، لاڙا ۽ انداز متعارف ڪرائڻ لڳي آهي، خانداني سياستدان پير، مير، سيد ۽ سردار پارٽي ٽڪيٽن جي حاصلات جي ڊُڪ دوڙ ۾، هر قسم جو زوربار ۽ ڌمڪي وارو حُربو استعمال ڪري بهترين حڪمت عملي تحت ڪاميابي حاصل ڪري، ڪارڪنن جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪارڪن ان خوشفهمي ۾ مبتلا هئا ته پارٽي منصفاڻي نموني سان، معيار ۽ ميرٽ مطابق جانثار ۽ متحرڪ ڪارڪن جي ڪوٽا تي گھري نظر رکندي، قدر ۽ انصاف ڪندي ۽ اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽون هرگز نه ڏيندي جيڪي تڪن ۾ تڪراري هجن، عوام جي نظرن ۾ نيچ هجن، جن کي سندن عهديدار ئي قبول نه ڪن، جن لاءِ عوام اڳ ۾ ئي رڙيون ڪري چُڪي هجي ته ووٽ لاءِ تڪن ۾ نه اچجو، اُن هوندي به پارٽي اهڙن ناپسند ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جي اعلان تي ڪارڪن اُٿي کڙا ٿيا آهن، روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ احتجاج ۽ هڙتالون ٿين پيون، ٽڪيٽون ڏيڻ ۽ ڦڙڻ جو عمل به جاري آهي، متبادل هڪٻئي جا گروپ سرگرم ٿي ڪم ڪن پيا، هي کپي، هي نه کپي، پنهنجا پاڻ ۾ ئي لڳي ويا آهن، ٺهن نه پيا، اُن جو اثر ووٽرن تي انتهائي بُرو پئجي رهيو آهي ۽ ايندڙ اليڪشن جي نتيجن تي ئي اثر انداز ٿيندو، واقعي به ڏسجي ٿو ته اهڙن من پسند ۽ ناگوار ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ڪنهن به طرح عوام سان سڌي رابطي ۾ ئي نه رهيا آهن، عوام ۽ ڪارڪن اُنهن بيزار ۽ بي درد اڳواڻن مان ايترو ته خفا ۽ تنگ ٿي چڪو آهي، جو منهن ڏسڻ ئي پسند نٿو ڪري، اُن ناپسند فيصلي خلاف ڪارڪن انوکا احتجاج ڪري، بجلي جي ٿنڀن تي مٿي چڙهي، خودڪشي ڪرڻ جهڙا سخت قدم کڻڻ لڳا آهن، اُن هوندي به سندن آواز ۽ موقف کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو آهي (بي حسي جي حد ته ڏسو اسان جي ليڊرن کي جس ٿو ڏيان) بدلي ۾ پارٽي جي قاعدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي جهڙا سنگين الزام لڳائي بڇڙو ڪري، رُڪنيت معطل واري سزا ڏئي، اظهار ۽ احتجاج جو حق به کسيو ويو آهي، خبر ناهي ڇو؟ پارٽي اندر اختلاف راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي پسند ۽ برداشت نٿو ڪيو وڃي، اُن تي ڪنهن نه ڪنهن جو ايجنٽ جو الزام هڻي، اڻ وڻندڙ ۽ دل ڏکوئيندڙ رويا رکي هر معاملي ۽ مسئلي ۾ نظر انداز ڪري پارٽي مان نيڪالي جا اهڙا سانڀاهه ڪيا وڃن ٿا جو هو پاڻيهي پارٽي مان ڀڄي وڃي ۽ اسان تي تهمت نه لڳي.
    پارٽي وڏيرن، غدارن، ڀوتارن ۽ سردارن جي جاگير ۽ ميراث سمجهي وڃي ٿي، سندن ابن ڏاڏن جي تڪن تي بيهڻ جي ڳالهه ڪرڻ به گناهه جي سزا آهي، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ لاءِ وڏيرن پنهنجي مائٽ، عزيز، سئوٽ، ڀائر ۽ پُٽ کي اڳواٽ ئي ٻين پارٽين ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ٻه ٻه، چار چار شاديون ڪري هنن پاڻ ۾ ايتريون ته سياسي مائٽيون ڳنڊي ڇڏيون آهن، جو جيڪا به حڪومت ٺهي ٿي، اُن ۾ بچاءُ بند آهي، اُنهن جي اڳيان رياست ئي محتاج بڻجيو وڃي، نه ته الله ڏاڍو، سرڪار ڏاڍي.
    ڪي ته سگهارين ڌرين جا دادلا ۽ دلال آهن، اُنهن جو ڪير به وار ونگو نٿو ڪري سگهي، سندن هر جائز ۽ ناجائز ڪم گھر ويٺي ٿيو وڃي، جنهن مهل به جيڪا ڪرسي چاهين، خالي ڪرائي ويهارين ٿا، هنن وٽ اهڙو اجازت نامون هوندو آهي جو هڙ ٽپڙ کائي ڀينگ ڪري وڃن، نه رشوت، ڪرپشن ۽ نه ئي وري نيب جا ڪيس لڳي سگهن ٿا، سمورن الزامن کان پاڪ ۽ صاف آهن.
    ڪارڪن پارٽي اندر انجڻ وانگر ڪم ٿو ڪري، سُرت ۽ ساڃاهه وند ٿئي ٿو، اڳواڻ ڪارڪن ذريعي ئي عوام سان رابطي ۾ رهي ٿو، هو ڀولڙن وانگر لٺيون ۽ موچڙا به کائي، هر حڪم جي هر وقت پيروي ۽ تابيعداري به ڪري، خطرناڪ نتيجن ڀوڳڻ جي پرواهه به نه ڪري، گولي وگهي مَري به ڪارڪن، ناحق جبر، زيادتي خلاف آواز اُٿاري، جلسا جلوس، مظاهرا، ريليون ۽ لانگ مارچ ڪري، تحريڪن ۾ جيل به وڃي، ڪوڙن ڪيسن ڦڏن کي منهن به ڏئي، مخالفن جي ڪريل الزامن سبب جيئڻ به جنجال ۽ حرام ڪري، اڳواڻن لاءِ ماڻهو ميڙي گڏ ڪري، اسٽيج سينگاري سجائي، پنهنجي محبوب قائد جي مٿان ڇپر، ڇانءُ ۽ ڍال وانگر ٿي بيهي، نئين جوش، جذبي ۽ ولولي سان پنهنجي پنهنجي محبوب اڳواڻ جي شان ۾ شخصي نعرا هڻي چريو ۽ مست ٿي وڃي، 35 سال هڪ ئي پارٽي ۾ رهي به پنهنجي بي روزگار پُٽن ۽ نياڻين لاءِ اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي هڪ به نوڪري نه ملي، زندگي غربت ۾ گهاري پر جڏهن به جلسن ۽ جلوسن لاءِ ڪو سڏ ٿئي ته ڏهاڙي کوٽي ڪري پئسا اُڌار وٺي، ڪِرائي جي گاڏي ۾ وڃي، وفاداري ۽ سچائي جو عهد کڻي پنهنجي سياسي ايمان ويساهه کي اُتساهه ڏئي ٿو، نٽهڻ اُس ۾، اُڃ ۽ بُک ۾ مري ٿڪي ٽٽي رات جو گهگهه انڌاري ۾ گھر پهچي ٿو، سندن ٻچا انهي آسري ۾ ته بابا کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي ايندو جي انتظار ۾ رڙيون ڪري ڪري سمهي پون ٿا، حيف سان چوڻو ٿو پوي ته پوءِ به پارٽي اندر کين ڪا مانائتي موٽ به نه ملي سگھي ته لازمي آهي ته دل شڪسته ٿي ڪاوڙ مان ٿنڀي تي چڙهي پنهنجي سدا بهار زندگي جو انت آڻڻ يا ڪي وري لوٽا کڻي احتجاج ڪري پنهنجي پارٽي اڳواڻن کان مطالبا مڃرائڻ جي آخري ڪوشش ۾ ناڪام ٿي، آخرڪار مجبور ٿي فيصلو ڪرڻ لڳي ته ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي يا آزاد اميدوار جي حيثيت سان مقابلو ڪجي، اُن ڪري هڪ ئي پارٽي جا چار چار اميدوار هڪٻئي جي سامهون بيٺا آهن، ڪالهه جا دوست اڄ جا حريف بڻجي ويا آهن، پوءِ تون کٽين يا مان کٽان اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا.
    ميڊيا به اهڙي سوچ جي حمايت ۾ اڳواڻن تي چٿرڙون ڪري نڪ وڍي ڇڏيا آهن پر پوءِ به انهن جي ڪنن تي جُون ئي نٿي سُري، ڦڪا ئي نٿا ٿين، بي عزتي جي ته پرواهه ئي ڪونهي، واقعي به مستقبل ۾ اهڙي صورتحال ۽ سوچ قائم رهي ته پارٽي کي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ ۽ جانثار بي لوث ڪارڪنن جو نه رڳو قدر ۽ عزت ٿيندي پر پنهنجو هر حق ۽ جائز فيصلو بنا احتجاج جي مشاورت ذريعي ئي حل ڪري وٺندا، پوءِ اڄ جهڙي صورتحال ئي پيدا نه ٿيندي، اڳواڻن جي عوام لاءِ درد جي ورد واري زبان تي ٻولي ئي بند ٿي ويندي، ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانءُ وارو ڪردار ۽ عمل ئي مري ويندو.
    اوهان ليڊر کي تقرير ڪندي ڏٺو هوندو، ايئن لڳندو آهي ته عوام جو درد هنن کي سُک ۽ چين سان سُمهڻ ئي نٿو ڏئي، خلق جي خدمت اهڙي ٻيو ڪير ڪري ئي نه سگھندو، روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان، نظام جي تبديلي، عوام جي خوشحالي لاءِ غريب نوازڻ جا لکن جي هجوم ۾ اعلان، هزارين واعدا وچن، اقتدار ملڻ کانپوءِ ڪارڪن کي به سڃاڻن ئي نٿا، پروٽوڪل ۽ ميٽينگ جو ڪنڊيدار ڄار وڇائي ماڻهن سان ملڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پري رکن ٿا، ان وقت ڪارڪنن کي سولو هٿ ڏيڻ به پسند نه ڪندا آهن، اهو چئي ڪم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏين ٿا ته اِهو ڪم As per rule ناهي يا آفيسرن کان ڪو نه ڪو Objection هڻائي ڪم کي مرڳو اهڙو ته بگهاڙي ڇڏين ٿا، ڄڻ ڪا خانداني ابدي دشمني هجي، اُهو ساڳيو ئي ڪم وري پئسن عيوض سولو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ڇو عوام هنن چونڊيل نمائندن، ڀوتارن، وڏيرن جي پويان هلي؟ اُهي ئي اسان کي ڏنگين ٿا، جن کي اسان ئي ووٽ ڏئي ڪامياب بنايون ٿا.
    اڄ اهڙي موضوع تي هڪ تربيت يافته ڪارڪن جو ذڪر ڪرڻ کي فخر سمجهان ٿو ته دڙو شهر ۾ جدوجهد ۽ مزاحمت جي علامت بڻيل قومي عوامي تحريڪ جي جوشيلي، جذباتي ۽ تربيت يافته ڪارڪن اشرف پليجو جو شاندار ڪردار ۽ عمل اڄ به ڪنهن باشعور ماڻهو کان لڪل ناهي، هو سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي ۽ اِشو تي سڀ کان پهرين آواز اُٿاري شينهن وانگر گجگوڙ ڪري عوام کي متوجه ڪري سُجاڳي جي بانگ ڏئي اڻ ڄاڻ ماڻهن کي آگاهي ڏئي ٿو، تقريرون ڪرڻيون هجن، چاڪينگ ڪرڻي هجي، نعرا هڻڻا هجن، جهنڊا، بينر، پوسٽر لڳرائڻا هجن، پبلسٽي ڪرڻي هجي، سکر کان ڪراچي لانگ مارچ ڪرڻي هجي، مطلب ته پارٽي هن کي جيڪو ڪم سونپي ٿي، هو اُن کي چڱي ريت نڀائڻ به ڄاڻي ٿو ۽ اهڙي ڪم ڪرڻ ۾ به فخر محسوس ڪري ٿو، هر گھڙي هر پل پارٽي جي نظريي جي پرچار ۾، ذڪر ۽ فڪر ۾، بحث مباحثه ڪري دليل ڏئي قائل ڪري ٿو، کيس ايترو اُتساهه مليل آهي جو هن موتمار مهانگائي جهڙي دور ۾ بُک ۽ بي روزگاري جهڙي پيڙا ۽ اذيت کي محسوس ڪرڻ ئي نٿو ڏئي، پارٽي جو مخلص، سچو، متحرڪ، عملي ۽ جنوني ڪارڪن آهي، پهرين انسان آهي، ٻين جي ڀلائي خاطر، سماجي براين ۽ بڇڙاين جي خاتمي لاءِ انتظاميه سان ٽڪر کائي، پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي، جيڪا به ايجنڊا هن کي ملي ٿي، اُها ضرور پاءِ تڪميل تائين پهچائي ساڀيا ماڻي ٿو، ڪنهن به ڪم جي پٺيان لڳائي ڇڏيو پوءِ ڏسو تماشو نتيجو به اهڙو ڏيندو جو سڀئي حيران ئي حيران رهجي ويندا، شل نه ڪنهن بُڇري ماڻهو جي پٺيان پئجي وڃي، پوءِ خير ڪونهي، توبهائون، گيسيون ۽ معافيون وٺرائي ڇڏيندو، ٻين جي اشارن، چور ۽ واهه واهه تي اڻ ٿيئڻو ڪم به ڪري ڏيکاريندو، تنظيمن ۽ پارٽين جا جهيڙا هجن، پر اشرف پليجو جي زوردار رڙين ۽ هڪلن ۾ اهڙي ته دهشت ۽ وحشت آهي جو سامهون واري کي هٿيار ڦٽا ڪري پويان ڀڄڻو پوي ٿو، بنا هٿيار جي جنگ کٽڻ جو فن به هن ڪامريڊ کي اچي ٿو، اها ئي قومي ڪارڪن جي امن پسند جي سڃاڻپ آهي، دڙو جي ڪنهن به ماڻهو سان بي واجبي ۽ نا انصافي ٿئي ته ڊوڙي وڃي مدد لاءِ پهرين پهچندو، اُن جي دانهن ۽ ڪوڪ کي اهڙي درديلي ۽ پُر اثرائتي نموني ۽ انداز ۾ پيش ڪري هاءِ لائيٽ ڪندو جو جان ڇُٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيسين وڃي پيرن پئي معافي نه وٺندو، اُن ڪري ڪافي ماڻهو هن جي شخصيت سان اختلاف رکن ٿا، هن سان ٺهن نٿا، اُهي هن خلاف سازشون ڪن ٿا، جڳ جهان کان اڪيلو ڪري پنهنجي غنڊن هٿان مارون کارائين ٿا، هڏ گڏ به هن جا ڀڃين ٿا ۽ ڪيس به هن تي داخل ٿين ٿا، سُڌري وڃ، سبق سکي وٺ، مرڻ جهڙو ڪري روڊ ۽ رستي تي ڦٽو ڪري وڃن ٿا، پر پوءِ به پنهنجي راهه کان هڪ انچ به نه هٽيو آهي، اڄ به ساڳئي ڪرت جاري آهي، وڏيرن جون مارون ۽ موچڙا کائي کائي اهڙو ته پڪو ۽ ڏاڍو ٿي ويو آهي، جو موچڙن هڻڻ وارا به هاڻي سڌري ويا آهن، پنهنجي ڪُڌي ڌنڌي، عمل ۽ حرڪت کان لاتعلق ٿي ويا آهن، هن کي ڪالاباغ ڊيم خلاف جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 31 ڊسمبر 2004ع تي بغاوت جو ڪيس داخل ٿيو، ساڍا ٽي مهينا سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو، سنڌ جي قومي شاعره آپا مريم مجيدي سان گڏ ٻٽي نظام خلاف سجاول ۾ ڌرڻي هڻڻ جي ڏوهه ۾ مٿس دهشتگردي جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪيترائي موڙ ۽ ڏکيا وقت اهڙا به آيا، جو نظرياتي ڪارڪن پارٽي کي الوداع چئي ويا، پر هو هماليه جبل جيان مضبوط ۽ اٽل رهيو، مفادن ۽ پئسن واري سياست تي لعنت وجهي ٿو، اڄ به هن وٽ نه سٺو گھر، نه پائڻ لاءِ سٺو وڳو، نه کائڻ لاءِ سٺا کاڌا، پر رُکي سُکي ماني تي پيٽ ۾ بُک سانڍي، اوچي ڳاٽ سان جڳ ۾ جيئي پيو، هڪ انوکو مثال قائم ڪيو آهي، ڪنهن سان به دَغا، دوکو ۽ ٺڳي ڪرڻ جي سُتي نه ملي آهي، ٻچن جو پيٽ پالي ٿو، ٻارڙن کي پڙهائي ٿو، جيون ساٿي جي تلاش به غريبڙي، سادڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري جي چونڊ ڪري ازدواجي زندگي خوش اصلوبي، امن ۽ محبت سان گذاري ٿو، پنهنجي ذات خاطر ڪي به خواهشون، حسرتون ۽ تمنائون نٿو رکي، چاهي ها ته گھڻو اڳ سڀ ڪجهه ملي وڃي ها، پر هو مال ملڪيت،ڌن ۽ دولت کي پسند ئي نٿو ڪري،فقط عزت ۽ محبت سان جيئڻ چاهي ٿو، اُن تي ئي قائم ۽ دائم آهي، سوچي ٿو يا خواهشون رکي ٿو ته فقط پنهنجي وطن جي آزادي، امن ۽ خوشحالي ۽ سنڌ سان سچو عشق، اُن ۾ ڪڏهن به غافل نه ٿيو آهي، نه ڪوتاهي ڪئي آهي، نه من ۾ مير رکي ٿو، نه وير رکي ٿو، پر پليت ڪو سنڌ تي پير رکي ٿو ته پوءِ ڏسو ڪينئن ٿو للڪاري، اُن لاءِ ڌرتي تپائي ٽامون ڪري ڇڏيندو، هن کي اِها وَٽ ۽ مت ڪٿان ملي آهي؟ هن جو سياسي مرشد پليجو آهي، هن جون جيڪي قربانيون آهن اها به هڪ تاريخ آهي، پر هن ڪڏهن به ڪا دعويٰ نه ڪئي آهي، نه قدر، قيمت لڳائي آهي، فقط پنهنجي ڌرتي سنڌ سان نينهن جو ناتو نڀائڻ جو فرض ادا ڪيو آهي.
    ڪي خوبيون هن جون اهڙيون آهن، جنهن جو ملهه مقرر ئي ناهي، ٿورو باريڪ بيني سان سوچيو، ڪو سچو انقلابي انسان ئي ٿي سگهي ٿو، جيئري ئي قدر ٿيڻ گھرجي، فرد حيثيت رکن ٿا، فرد ادارا آهن، جيئري ئي قدر ڪريون، اُن تربيت يافته ڪارڪن جي زندگي مان ڪجهه سکون ۽ پرايون.
    ````````````````````````````````````
    عبدالڪريم سومرو دڙو
    تعلقو ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو، سنڌ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    بس ادا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين اسان وٽ ٽڪيٽون ۽ مراعاتون صرف جاگيردارن، وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ سرمائيدارن لاء آهن، سينيٽ جون ٽڪيٽون به اهي ئي خريد ڪري ايوانن ۾ ويهن ٿا۔ اسان وٽ ڪنهن به پارٽي ۾ ڪارڪنن جو قدر ناهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو