جواب: ڪجهه سهانا فوٽو 2010 تمام بهترين _ توهان ڏاڍي سٺي ڪوشش ٿا ڪريو . جي دل ۾ نـ ڪريو تـ موضوع کي ڏسو ڪٿي ڪا صورت خطي جي غلطي تـ ڪان رهجي وئي آهي. ڪجهه سهانا فوٽو منهجي خيال ۾ اوهان لکيو آهي . جيڪڏهن ان کي هئين لکجي تـ ڪئين ٿيندو ” ڪجهه سهڻا فوٽو “
جواب: ڪجهه سهانا فوٽو 2010 سائين قاضي صاحب اوهين بلڪل صحيح لکيو آهي۔۔۔ پر همراهه آهي ئي ڪنگ سو جا مرضي اٿس اونئين ئي لکي l-)
جواب: ڪجهه سهانا فوٽو 2010 ادا مست شال خوش هجو اوهان لکيو آهي ،” سائين قاضي صاحب اوهين بلڪل صحيح لکيو آهي“ کي لکبو اوهان ادا در حقيقت ڳالهه هي آهي تـ ڪيبورڊ سڄي سنگت وٽ آهن انگريزي ۾ _ لکون ٿا سنڌي ۾ پرئڪٽس تمام گهٽ هئڻ ڪري غلطيون رهجي وڃن ٿيون . جيڪڏهن هڪ ڀيرو لکڻ بعد ترميم جي ڪوشش ڪجي تـ شايد غلطيون گهٽ ٿين پر ٽائيم وڌيڪ لڳي سگهي ٿو. غلطيون انسان ئي ڪندا آهن . ڪنهن ڏاهي کان پُڇيو ويو تـ تجربو ڇا آهي ، چيائين تجربو غلطين جي لسٽ آهي .
جواب: ڪجهه سهانا فوٽو 2010 ابن ادا منهنجي سندي ڪافي لوز آهي پوئي به محنت ڪندو آهيان ادا رشيد به ڪافي ڪجه سکاريو آهي
جواب: ڪجهه سهانا فوٽو 2010 ادا جهانداد ، ڪوشش ڪبي تـ سڀ ڪجهـ اچي ويندو ، توهان ڪوشش ڪريو ٿا اهائي ڪاميابي جي نشاني آهي . ”منهنجي سندي ڪافي لوز آهي پوئي به محنت ڪندو آهيان ادا رشيد به ڪافي ڪجه سکاريو آهي“ منهنجي سنڌي الاهي ڪمزور آهي ، پوءِ بـ محنت ڪندو آهيان. ادا رشيد ڪافي ڪجهـ سيکاريو آهي.