عرب مُلڪن جا ڀلا روڊ ۽ اُٺ

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    خليج مُلڪ جن جي اڄڪلهه بَلي بَلي آهي۔ يورپ آمريڪا جهڙا مُلڪ به هنن لاءِ ڪا ويليو نه ٿا رکن۔ پر هي ڪي ڄمار ۾ ايڏا وڏا مُلڪ ناهن۔ توڙي کڻي هنن مُلڪن ۾ آبادي ته صديون پُراڻي آهي پر هنن جي ترقي جي راهه تي هلڻ شروع ڪئي ڪو ٽي چار ڏهاڪا مس ٿيا آهن۔ ايستائين جو هن وقت آمريڪا ۽ يورپ جي ايئر لائينز کي مات ڏيندڙ ايمريٽس ايئر لائين 1985 ۾ شروع ٿي ته انهن پي آئي اي کان سکيا ورتي۔ پر اڄ دبئي جي ايئرپورٽ تي لهو ته سڀ کان وڌيڪ گورو نظر ايندو جيڪو ڪنيڪٽنگ فلائيٽس ۽ اسٽي تي سمجهوتو ڪندي به پنهنجيون ايئر لائينز ڇڏي هن تي ٿو سفر ڪري ۽ ايمريٽس وڃي ٿي ڪمائيندي۔ هيڏانهن پي آئي اي آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي پوئتي پوندي۔
    روڊن جو حساب ڏسجي ته سِڌي ۽ ميداني پٽن تي روڊ ٺاهڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي۔ پر هنن مُلڪن وٽ يا ته وارياسا پٽ آهن يا جبل۔ جتي روڊ ٺاهڻ توڙي انهن کي صحيح حالت ۾ رکڻ هڪ وڏو چئلينج آهي۔ اسان وٽ ته سنڌ ۾ رڳو ٿرپارڪر ئي هڪ اهڙو علائقو آهي جتي واري آهي ۽ روڊ ٺهيل آحن پر هر سال بارشن ۾ انهن هيٺيان واري نڪريو وڃي ۽ روز جا حادثا۔
    پر سعودي عرب ۾ هڪ ٻيو وڏ مسئلو آهي ته اڪثر اُٺ روڊن تي اچي ويندا آهن۔ ۽ سعودي جا ڀلا روڊ آهن ته اُتي ڊرائيو به اوتري ئي تيزي سان ٿئي ٿي۔ جڏهن گاڏي تيزي سان اُٺ جي ڊگهين ٽنگن سان لڳي ٿي ته اُٺ اچي گاڏي جي مٿان ڪِري ٿو ته گڏي چِپجي وڃي ٿي ۽ ماڻهو جان کان وڃڻ جو خطرو الڳ ته زخمي به ٿين ٿا۔
    پهريان ته گورنمنٽ سختي ڪئي اُٺ چارندڙ خيال ڪن ۽ اُٺ روڊن تي نه اچن۔ پر بدو اوٺار ڇا ڪن؟ هڪ ٻه ماڻهو سؤ سؤ اُٺن جي ولر کي ڪيئن سنڀالين۔ نيٺ اهو طئي ٿيو ته اُٺن تي چمڪدار پٽيون لڳايون وڃن ته جيئن رات جو ته پري کان اُٺ نظر اچي ۽ ڊرائيور احتياط ڪن۔ پر پوءِ به ڏينهن جي ٽائيم يا اوچتو ويجهو اچي ويل اُٺ کان پاڻ بچائڻ مشُڪل هو۔ اسان ننڍي هوندي جڏهن شداد واري علائقي ۾ رهندا هئاسين ته ڪيئي دفعا پنهنجي گاڏي ۾ اُٺ سان حادثو ٿيندي ٿيندي بچيو هو۔ ۽ کوڙ چِپيل گاڏيون ۽ فاٿل ماڻهو اکين سان ڏٺا اهو سڀ ڏسندي ئي دپ ٿيندو هو۔
    آخر ڪار گورنمنٽ وڏو خرچ ڪندي روڊن جي ٻنهي پاسي لوهي ڄار لڳائي جانورن کي روڊن تي اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي۔ پر هزارين ميلن تي ڦهيل روڊن تي ڄار لڳائڻ ۽ بند رکڻ به ڪو سؤلو ڪم ناهي۔ اهڙا حادثا هاڻي صفا گهٽجي ويا آهن پر اڃان به ڪڏهن ڪڏهن اهڙا حادثا ٿين ٿا۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار هي خبر شيئر ڪري اوهان اسان واري سپر هاء جي ياد ڏياري ڇڏي ۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دنيا جا ملڪ ۽ انهن جي ترقي آسمان سان ڳالهيو ڪري رهي آهي ۔۔۔ روڊ، رستا، عمارتون ۽ صنعتي ڄار وڌندا رهنٿا ۔۔۔ پر پوءِ به سموري دنيا ۾ حادثا ٿيندا رهنٿا ۔۔۔ پر جيڪا حالت سنڌ ۽ سنڌي انفراسٽرڪچر جي آهي انجو مثال ڪنهن انڌاري دور جهڙو ئي آهي ۔۔۔ هر روز ڪيترائي حادثا ۽ ڪيترائي موت ۔۔۔ الامان

    الله خئير ڪري ۔۔۔ دعائون ڪري سگهجن ٿيون ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اهو به شڪر آهي ته عرب ملڪن ۾ اُٺ ان حادثي جو شڪار ٿين ٿا۔۔هتي ته اسان واري سنڌ جي روڊن تي گاڏيون روڊ ڪراس ڪندڙ ماڻهن کي ائين چيٿاڻينديون ٿيون وڃن ڄڻ ڪي رڍون هجن۔۔الله خير ڪري بس جڏهن مان حڪومت ۾ آيس ته سموري نيشنل ۽ سپر هاءِ وي تي ڳوٺن ۽ شهرن ويجهو لوها پڃرا لڳرائيندس ته جئين ماڻهو يا جانور روڊ ڪراس نه ڪري سگهن۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو