ڪراچي ٻهراڙي جا سنڌي ڳوٺ ۽ حڪومت

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2010۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪراچي ٻهراڙي جا سنڌي ڳوٺ ۽ حڪومت
    جاويد جوکيو
    ڪراچي بهراڙي جي سنڌي ماڻهن توڙي ڪراچي جي سنڌي رهندڙن سان هر دور ۾ نا انصافي،بربريت جو هڪ ڊگهو سلسلو جاري آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري رهندو پيو اچي جنهن اڃان تائين ٿڪ ناهي ڀڃي اهو سلسلو جيڪو ڪڏهن کٽندو ان جي خبر تـ الله کي ئي هوندي. ڪراچي جي ٻهراڙي جا رهندڙ سنڌي جيڪي مختلف وقتن تي احتجاجي مظاهره ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن پر هن گذريل اڌ صدي ۾ ڪوبـ آواز ٻڌڻ وارو ۽ ڪراچي جي سنڌي رهندڙن ماڻهن جو ڪوبـ درمان نـ بڻيو آهي هر دور ۾ ڪراچي جي ٻهراڙي جي سنڌي ماڻهن سان ويڌن جاري آهي.ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي ڍاهي پٽ ڪري اتي نيون ڪالونيون، سوسائيٽون ٺاهي اُتي غير سنڌي کي رهايو پيو وڃي پاڪستان کي ٺهي 62 سال اڌ صدي گذري آهي جڌهن 1947 ع ۾ پاڪستان هڪ اسلامي رياست بڻي تـ انهي ورهاڱي کان بعد مهاجر ڀائر جيڪي انڊيا کان لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي ۾ رهايو ويو انهن انڊيا کان آيل مسلمان ڀائرن کي سنڌي ماڻهن جهي ۾ جايون ڏئي پنهنجي ڌرتي رهائڻ لاءِ ڏني ۽ انهن کي پنهنجا گهر، کاڌو،خوراک، سامان ملڪيتون،ڏنا تـ جئين مسلمان ڀائر جيڪي انڊيا کي ڇڏي اسان وٽ پهتا آهن پنهنجي ڇڏيل مُلڪ کي وساري هو هتي پاڪستاني ٿي پنهنجو پاڪستان وطن سمجهن. انهي ان کان بعد جئين جئين وقت گذرندو ويو تئين تئين ئي مسلمان ڀائرنجن کي سنڌي پنهنجا گهر ڏنا،سامان ڏنا، ملڪيتون ڏنيو، انهن کان ئي گهر کسڻ شروع ڪري ڏنا ،روزگار کسڻ شروع ڪري ڏنا ، زمينون کسڻ شروع ڪري ڏنيون ،تعليمي ادارن ۾ سنڌين جون داخلون بند ڪري ڏنيون ،ڪراچي ٻهراڙي جون ترقياتي بجٽون کسڻ شروع ڪري ڏنيون سب کان وڌيڪ ڪراچي جي ٻهراڙي جي سنڌي ماڻهن سان نا انصافي تڏهن شروع ٿي.جڏهن پرويز مشرف پاران ڪراچي جي 5 ضلحن کي ٽوڙي بلدياتي نظام جوڙيو جنهن ۾ ڪراچي جي پنهنجن ضلحن کي ٽوڙي شهري، ٻهراڙي، جي فرق کي ختم ڪري ڪراچي کي 18 ٽائون 172 يونين ڪائونسل جوڙيون ويون. سٽي گورنمنٽ،۽ نئون بلدياتي نظام پرويز مشرف پاران متعارف ڪرايل نئي بلدياتي نظام مان تـ ڪراچي بهراڙي کي ڪو فائدو نـ ٿيو پرڪراچي جي ٻهراڙي جي مقامي سنڌي قديمي رهواسين سان ناراسلوڪ ٿئي ويو. جنهن جا مثال گهڻا آهن پر آئون صرف هتي تازو ڪراچي جي ٻهراڙي جي ٽن ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ جو احوال بيان ڪندس ڪراچي پنهنجن ضلعن کي ٽوڙي 18 ٽائون ٺاهيا ويا جنهن مان ارڙهين نمبر تي گڏاپ ٽائون جيڪو سمورو ٻهراڙي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ اٺ يونين ڪائونسلون آهن اٺ يونين ڪائونسلن مان ٻئي نمبي تي يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو آهي جيڪا بلدياتي نظام کان اڳ ايشا جي مالدار يونين ڪائونسل جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي هن يونين ڪائونسل ۾ سمورا رهندڙ سنڌي آهن هن يونين جي ٽوٽل آبادي چوٽيهـ هزار 34 هزار آهي يوسي ۾ رجسٽرڊ ووٽ 14 هزارن کان مٿي آهن يوسي ۾ ننڊا وڏا هڪ سو اٺ ڳوٺ 108 ستن ديهن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 1 ديهـ درساڻو ڇنو،2 ديهـ چوهڙ3 ديهـ بازار،4 ديهـ کهر کهرو،5 ديهـ اميلاڻون، 6 ديهـ ٽوڙ ديهـ آبدار آهن ٻئي نمبر تي ديهـ چوهڙ واقعي سپرهاءِ وي جي کاٻي طرف ۽ سپر هاءِ وي نيشنل هاٰءِ کي ملائيندڙ لنک روڊ جيڪو هن ديهـ جي انداره گذري رهيو آهي هن وقت لنڪ روڊ جي اولهـ اوڀر طرف پوري ديهـ ۾ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ پاران ويزن 2020 جوڙيو ويو آهي انهي وزين تحت پوري ديهـ کي سٽي ايجوڪيشن قرار ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ادار ن جا ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن جنهن ۾ قائد اعظم پبلڪ اسڪول، آغا خان يونيورسٽي، سرسيد يونيورسٽي،يونيوسٽي ضيا الدين اسپتال، ڪيڊڊ ڪاليج گڏاپ، سميت ٻيا ڪيترائي ادارن کي مقامي ماڻهن کان زمينون کسي انهن ادارن کي ڏنيون ويون آهن باقي ڪجـهـ جيڪا زمين بچائي ويئي آهي اها صرف ڳوٺ هئڻ جي ڪري جيڪي قديمي ڳوٺ آهن جن کي مالڪاڻان حق مليل آهن گورنمنٽ پاران سوئي گيس، بجلي، پاڻي، ٽيلي فون، سميت سموريون سهوليتن ڏنل آهن جيڪي ڳوٺ ديهـ ۾ قائم آهن انهن ڳوٺن مان ڄام مهر علي جوکيو ڳوٺ،رضا محمد جوکيو ڳوٺ، خميسو خان جوکيو ڳوٺ، تي 24 ڊسمبر، خميس جي ڏينهن صبح جو 11 وڳيڻ ٽي،پي، گڏاپ ٽائون راوانوار، ڊي، ڊي،او، گڏاپ آغا فرخ ، مختيار ڪارگڏاپ، سميت ٻين رينيو عملدارن ٽن ثاڻن جي پوليس،جنهن ۾ مراد ميمڻ،ٿاڻون،گڏاپ سٽي، ثاڻون،اسٽيل ٽائون جي ايس،ايچ، او، سميت 8 پوليس موبائلن سان گڏ هڪ مني بس، جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ پولس عملدار4 بلڊوز ساڻ ڪري ڳوٺن جي مٿان ڪاهـ ڪري بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻان گهرن کان ٻاهر نڪري پوليس سان مذمت ڪئي.۽ آ س پاس جا سوين مرد ۽ عورتون ٻار، پٿرن ، ڏنڊن ،لٺين، سان پهچي ويا ۽ بلڊوزن جي اڳيان سمهي رهياسخت مذمت ڪرڻ بعدرينيو،پوليس، جا عملدار مجبور واپس موٽائي ويا ۽ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ڳوٺ بلڊوز ٿيڻ کان بچائي ورتا انتظاميـ ڳوٺاڻن کي واپس ويندي ڳوٺاڻن کي هفتي جي مهلت ڏني جيڪڏهن هڪ هفتي ۾ ڳوٺ خالي نـ ڪيا ويا تـ، ٻئي صورت ۾ اسان اوهان کي گهرن مان گهلي ٻار ڪڍي فٽو ڪنداسين، ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي هليا ويا. جنهن کان بعد هڪ دفعو ٻئير روينيو جوتپيدار رفيق بلوچ جنهن جو تعلق پڻ ڪراچي جي ٻهراڙي سان آهي اهو ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس ساڻ ڪري گهرن تي ڪاهـ ڪري ڏني جنهن سبب ڳوٺ جون عورتن ،ٻارن، لٺيون کڻي نڪري آيا ۽ سخت مذمت ڪئي جنهن کان بعد پوليس هوائي فائرنگ ڪنڌي ٻن گهرن کي باهـ ڏئي ڇڏي جنهن سبب هڪ ٻڪري پڻ سڙي ويئي لاڳيتي مذمت سبب ڊي ڊي او آغا فرخ پهچي ويو جنهن ڳوٺاڻن انهن ۾ اڳوڻون ناظم امداد جوکيو ناظم مجاهد احمد جوکيو،سماجي اڳواڻ شير علي جوکيو، ال جوکيا رابط ڪائونسل سنده جي اڳواڻ غلام اڪبر جوکيو،ڊاڪٽر اڪبر جوکيو،ٻين سميت ناظم چيو تـ اسان جي ڳوٺن کي ڪير ڍاهي نٿو سگهي جيڪي قديمي ڳوٺ آهن انهن ڳوٺن کي مالڪاڻان حق مليل آهن جن کي قانوني ڪير ڍاهي نٿو سگهي ڳوٺن کي ڍاهي اُتي ججن جون ڪالونيون ٺاهيون وڃن اهو ڪٿان جوانصاف آهي اسين ڪراچي جي ڪنهن بـ ڳوٺ کي ڍاهيڻ نـ ڏينداسين ڳوٺاڻن کي ناظم چيو تـ آئون اوهان سان گڏ آهيا ڪنهن کي ڪو اختيار ناهي تـ ڳوٺن کي ڍاهيو وڃي هن چيو تـ اسان کي ڳوٺ بچائڻ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻي پئي تـ ڏينداسين پر ڳوٺن کي هر صورت ۾ ڍاهئڻ نـ ڏينداسين. جڏهن اسين گهر سڙڻ واري واقعي جي اطلاع ملڻ تي اسين صحافي ڳوٺاڻن وٽ پهتاسين تـ ڳوٺ جي رهواسين اسان جي پهرن تي هٿ رکي پاند ۾ هٿ پائي جولي جهلي اسان سان انصاف لاءِ ڏيارڻ لاءِ واجائي رهيون هيون ، اکين مان لڙڪ ويئي رهيا هئا. عورتون جيڪي مٿي اگهاڙي پٽون پاراتا ڏئي رهيون .دانهون ڪري رهيون اهو چئي رهيون تـ اڄ ڀيڻ شهيد بينظير ڀٽو جيڪڏهن هُجي ها تـ اسان سان هي ايڏو ظلم ڪونـ ٿئي ها پر شهيد ڀيڻ ناهي جنهن ڪري اسان سان يتمين وارو ورتاءُ ٿي رهيو آهي . اڄ اسين ڪيڏهن وڃون اسين ڪنهن کي دانهون ڏيون اسان وٽ تـ الله کانسواءِ ڪوبـ ٻيو ٻڌڻ وارو ناهي جيڪو اسان جي مٿان ٿيندڙ ظلم جو ازالو ڪري اسان کي انصاف ڏياري اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهـ ناهي تـ اسين ڪٿي وڃن پنهجا نوان گهر اڏهي رهون ڇا اسان جو قصور اهو آهي تـ اسين سنڌي آهين ڇا اسان ڳوٺاڻن جو قصور اهو آهي تـ اسان هن سند ڌرتي جي ڪوک مان جنم ورتو آهي؟ ڇا اسان ڳوٺاڻن جو قصور اهو آهي؟ تـ اسان هميشـ پاڪستان پيپلز پارٽي ،شهيد ذولفقار علي ڀٽو، شهيد محترم بي نظير ڀٽو جي پارٽي کي ووٽ ڪيا؟ ڇا اسان جو اهو قصور آهي تـ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور اٽي،لٽي،اجهي جي نعري تي ووٽ ڏنا ڇا شهيد بينظير ڀٽو اهو واعدو نـ ڪيو هو تـ پاڪستان پيپلز پارٽي انهن غريب ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏنا ويندا ڇا بينظير اهو واعدو نـ ڪيو هو تـ ، بي روزگارن کي روزگار ڏنو ويندو، ڳوٺاڻن کان معلومات وٺڻ تي ڳوٺاڻن چيو تـ اوهان جا بـ گهر آهن اوهين بـ هن ڌرتي تي رهو ٿا اوهان کي بـ پنهنجا گهر ۽ ٻار پياراآهن اسان کي بـ ڌرتي پياري آهي اسان کي بـ پنهنجا گهر پيارا ۽ ٻار پيار آهن اوهين قلم جا ڌڻي اوهان هميشـ سچ لکيو آهي اوهان هميشـ معاشري جي برائن جي نشاندهي ڪئي آهي اڄ اسان سان ٿيندڙ نا انصافي ، ظلم، خلاف لکو انهن جي خلاف لکهو تـ جن کي ووٽ ڏنا اڄ اهي گهر ڍاهي رهيا آهن گهرن کي باهيون ڏئي رهيا آهن اوهان جي قلم ۾ طاقت آهي اوهان پنهنجي قلم سان اسان جي مٿان ٿيندڙ ظلم جو داستان انهن ويٺل اقتداري ايوانن تائين پهچائي اسان کي انصاف ڏياريوهنن چيو تـ اسان سان ٿيندڙ نا انصافي جو سلسلو جيڪو گذريل ڪيترن ڏينهن سان ٿئي رهيو آهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلح قيادت کان وٺي وزيرن تائين اسين دانهون کڻي ويا آهيون پر اسان جي سهار لهڻ لاءِ ڪوٻـ نمائيندو ناهي آهيو اڄ هن هيڏي سردي ۾ بـ پنهنجن معصوم ٻارن کي کهلي آسمان هيٺ ويهاري زندگي گذاري رهيا آهيون پر جن کي ووٽ ڏنا اهي اسڪواڊ وڏي پروٽوڪول سان گڏ وڏي گاڏين ۾ سوار ٿي عيش ڪري رهيا آهن ڳوٺاڻن چيو تـ اسان جي ابن، ڏاڏن،کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين هر اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا آيا آهيون پر پنهنجي سنڌين جي حڪومت هئڻ جي باوجود جيڪي پنهنجي پوري محنت سان غريباڻان ڪک ٺاهيا آهن، انهن کي باهيون ڏئي ساڙي بيدخل ڪيو پيو وڃي ڳوٺ جي زمين خالي ڪري اتي ججز ڪالوني ٺاهي پئي وڃي جڏهن تـ اسان کان اڳين ئي ڪيتريون زمينون کسيون ويون آهن هاڻي گهرن جا اڳڻ، گهر گهر ڍاهي اُتي جوڊيشنل ڪالوني ٺائڻ جا منصوبـ ٿي رهيا آهن آخرجج جيڪڏهن انسان آهن ۽ انهن جي لاءِ ڪالونيون ٺائڻ لاءِ ضروري آهن تـ اسين بـ انسان آهيون ۽ اسان جي جئيڻ لاءِ گهر ضروري آهن جج پاڪستان جا شهري آهن تـ اسين بـ هن ملڪ جا شهري آهيون جيڪڏهن عدالتون انصاف لاءِ ٺاهيون ويون آهن تـ اسين انهن ججن کان ئي انصاف جي گهر ٿا ڪريون تـ جوڊيشنل ڪالوني کي شفٽ ڪري ڪنهن ٻئي جاءِ تي ڪالوني ٺاهي وڃي هنن ڳوٺاڻن پاڪستان چيف جسٽس افتخار محمد چوهدري صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري ، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي اپيل ٿا ڪريون تـ توهان ئي انصاف جا علمبردار آهيو اوهان مان اسان کي اميد آهي اسان بي سهارا مظلوم ماڻهن جو سهارو بڻجي اسان سان انصاف ڪري قديمي ڳوٺ بچائي ڏنا وڃن ۽ رينيو ۾ ويٺل ڪجهـ ڪارن رڍن جي مٿان نوٽس وٺي انهن کي اهڙي عمل خلاف قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏياري وڃي.


    روزاني هلال پاڪستان ڪراچي
    2010_01_02
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچي ٻهراڙي جا سنڌي ڳوٺ ۽ حڪومت

    آءُ هن فورم جي وسيلي ... سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ٿو ڪريان ته سنڌين مٿان ڪربلائي ظلم بند ڪيا وڃن ۽ سنڌين جي قديم ڳوٺن کي پڪو ڪري ... زندگيءَ جي ضرورت جون آسائشون پهچايون وڃن ...

    ياد رکو! ته اوهان حڪمرانن کان مٿي به هڪ عدالت آهي، مظلوم جي آهه جو اثر ممڪن دير سان ٿئي پر جي ٿيو ته اهڙو ٿيندو جو اوهانجي حڪمراني ته ٺهيو پر پڪ سان اوهانجو نالو نشان ئي نه رهندو ... جيئن دنيا جي تاريخ ۾ ظالم حڪمرانن ۽ قومن جو حشر ٿيندو آيو آهي ...
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪراچي ٻهراڙي جا سنڌي ڳوٺ ۽ حڪومت

    ادا مان پهرين به اها ڳالهه فورم تي ڪري چڪو آهيان ته سنڌي حڪومت اچڻ سان به سنڌين کي ڪو فائدو نه ٿو ٿئي۔۔۔ هڪ لساني تنظيم جيئن وڻيس تيئن ڪندي پئي اچي، ڪير ان کي جهل پل ڪرڻ وارو ڪونهي۔۔۔ الله اسان جي حڪمرانن کي ساڃهه ڏئي ته هو ڳالهه کي سمجهن، جيڪڏهن انهن پنهنجي سنڌين سان انصاف نه ڪيو ته نيٺ ڪراچي ته ڇا پر اندرونِ سنڌ به انهن کي رهڻ لاءِ جاءِ نه ملندي
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪراچي ٻهراڙي جا سنڌي ڳوٺ ۽ حڪومت

    اهائي ڳالهه ميڊيا تي به ڪجهه مڌم الفاظن ۾ اچي وئي آهي پر حڪمرانن ۽ وس وارن جي ڪن تي جون به ڪانه ٿي رينگي۔ خبر نه آهي انهن جي ذهنن ۾ ڪهڙو فلسفو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو