اسلام عليڪم دوستو جيئن ته پهنجو تعارف ڪرائڻ به هتي ضروري آهي سو ادا هن ناچيز جو نالو ته وحيد احمد آهي پر مان ذات جي حوالي سان پاڻ کي ڦلپوٽو سڏرائڻ پسند ڪندو آهيان ۽ فقير انهي لاء ته مان ٿورو نه پر گھڻو سادو آهيان ان لاء مان ڦلپوٽو فقير جي نالي سان رڪنيت حاصل ڪندو آهيان . مون جو ڪمپيوٽر سان اصلي صفا عشق آهي ان لاء مون ڪمپيوٽر ۾ بي ، سي ، ايس ڪئي آهي مان شڪارپور سان واسطو رکان ٿو . دعائن ۾ ياد ڦلپوٽو فقير شڪارپور
ادا ڦلپوٽا سنڌ سلامت تي ڀلي ڪري آئين اسان سنڌ سلامت جا سڀئي ساٿي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀلي ڪار چئون ٿا ۽ توهان جي آجيان ڪريون ٿا.
ادا ڦلپوٽه فقير هي چرڙيو ناچيز توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئي ٿو اميد ته توهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ سکندو، ۽ توهان پنهنجي شيئرنگ کي تمام تيزي سان جاري رکندا۔
ادا وحيد علي سنڌ سلامت تي ڀلي ڪري آيا توهان جهڙا قابل دوست جڏهن فورم تي ايندا ته صحيح ٻڌايان ته اسان جا حوصلا هماليه جي چوٽي جيڏا ٿي ويندا۔ فورم جوائين ڪرڻ جي مهرباني هاڻي توهان جي تحريرن جو به انتظار رهندو
وڏي مهرباني سائين نثار احمد ناز صاحب ، ادا رشيد سمون صاحب ۽ عبدالوهاب صاحب توهان جي جو توهان هن ناچيز کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪريو.
السلام عليڪم ادا فقير سائين اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا مان جيڪڏهن اهو چوان ته اوهان سنڌ سلامت فورم جي اڱڻ تي پير رکي فورم جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن ته ڪوئي وڌاء نه ٿيندو اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ اوهان شڪارپور جا آهيو اهو اسان جي پرين پيارن جو شهر آهي خاص ڪري چڪ ،رستم، عبدو جهانيا ، اهي مهنجا دوستن جا شهر آهن ادا اوهان ڪهڙي علائقي جا آهيو؟اميد ته پهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندا ادا هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي خوش آمديد ۽ هي ڪجه تحفا اميد ته قبول پوندا
سلام ادا علي علي ادا سڀ کان پهريائين ته توهان جا لک لائق جو توهان فقير جو استقبال اهڙي نموني سان ڪيو توهان جا مليل گل مهنجي اکين تي ادا مهنجي نالي جي ته توهان کي خبر هوندي مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ادا مان شڪارپور جي شهر ۾ ويٺل آهيان جهاز چوڪ وارو علائقو ڪافي مشهور آهي باقي مان پهنجو موبائيل نمبر ۽ اي ميل ائي ڊي توهان کي پرسنل مسيج ۾ موڪلي ڏيندس هتي ان ڪري نه ٿو ڏئي سگهان جو هتي ڏيڻ رولز جي خلاف آهي ۽ مان فقير ماڻهو ڪٿي ٿو قانون ٽوڙيان. دعائن ۾ ياد سدائين گڏ جيئي سنڌ
وعليڪم سلام ادا وحيد احمد صاحب، توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا اسان سڀني کي تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان اسان جي فورم جو حصو بڻجا آهيو ۽ اسان کي اميد آهي ته توهان سنڌ سلامت تي گھڻو ڪجھ سکندا ۽ ڪجھ اسان سڀني دوستن کي سيکاريندا۔ ۔ ۔
بلڪل ادا توهان کي پي ايم ڪري ٻڌائبو توهان جي وڏي مهرباني ادا لک لائق مون فقير تي جو توهان مون کي ان لائق سمجهيو